ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته پاڻي زندگي آهي، قدرتي وسيلن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. زمين کي بنجر ۽ ڏڪار کان بچاءَ بابت عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾هن چيو ته بنجر ٿيندڙ زمين ۽ وڌندڙ ڏڪار جي خطرن خلاف عوامي شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وڻڪاري، برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ جديد واٽر مينيجمينٽ وارين رٿائن تي عمل پئي ڪري، هن خبردارڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌو جو پاڻي (ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ذريعي) سمنڊ تائين نه پهتو ته صوبي سامونڊي پٽي ختم ٿي سگهي ٿي. انڊس ڊيلٽا جي بقا لاءِ سنڌوءَ درياءَ جو قدرتي وهڪرو برقرار رکڻ لازمي آهي. هن چيو ته ماحولي انصاف جي حوالي سان پڇڙين وارن لوئر رائپيرين رائٽس (Lower Riparian Rights) کي سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي جي فراهمي ماحولي انصاف جي گھرج آهي، جيئن زمين، ماحول ۽ جيوت کي تحفظ ملي سگهي.