گھارو (ن پ ا) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو ساڪرو کان نڪتل پيادل مارچ ٻئي ڏينھن گھارو شهر پھتو جتي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شھرين واپارين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پيادل مارچ جي پانڌيڙن جو گلن جي ورکا سان شاندار استعقبال ڪيو جن ۾ جسقم جساف، پي ٽي آئي، شاهين يوٿ ۽ شهرين استقبال ڪيو اڳواڻن اشرف پليجو، ياسر پليجو، ممتاز شيخ ، حبيب الله پليجو، غفور سومرو، اياز شاه جيلاني ، غني مالهيو، وحيد رند، مرتضي لاشاري، سيد مظفر شاه ۽ ٻين مين بس اسٽاپ تي تقريرون ڪيون اڳواڻن چيو ته سنڌو درياھ تي جيڪي 6 ڪئنال ٺهي ويا ته سنڌ ۾ زرعات ختم ٿي ويندي، درياهه ۾ مڇي جو نسل ختم ٿي ويندو ۽ ٻيلا ختم ٿي ويندا ماحوليات تي خرابي ٿيندي ۽ سمنڊ ضلعي ٺٽي طرف وڌندو رهندو سمنڊ اسانجي سنڌ کي کائي ويندو .