بدين(رپورٽر) ايم پي اي ارباب لطف چيو آهي ته سنڌو تي اسان ڪوبه ڪئنال نه ٺاھڻ ڏينداسين وفاق جو ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو اهڙو اظهار هن ڳوٺ پاڳارو ارباب شادي خان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوهن چيو ته هي ڳوٺ شادي خان جو ڳوٺ آھي جيڪو اسان جي والد جو ساٿي هو، اسين اليڪشنن ۾ کٽون يان ھارايون پر پنھنجي ماڻھن سان گڏ آھيون ۽گڏ رھنداسين هتي جا ماڻهن مونسان به ايتري محبت ڪن ٿا جيتري منھنجي والد سان ڪندا هئا. هن ڳوٺ کي سمورين سھولتن سان نوازيو ويندو اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي وئي اسڪول بند ٿيڻ سان معصوم ٻارڙن جو مسقبل داء تي لڳي ويو آئون فوري طور تي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جو اعلان ڪيان ٿو. ھن ڳوٺ جي رھواسين کي تڪليف ڏني پر ارباب شادي خان ڳوٺ جي ڪنھن ماڻھون کي ڪو به تڪليف ڏيندو ته ان کي تڪليف وڌيڪ ايندي، ڪجهه ماڻهو مختلف طريقن سان ارباب شادي خان ابڙو جي پٽن سندن پراپرٽين کي نقصان ڏيڻ جون سازشون ڪندا رھن ٿا، پر سندن نا پاڪ اراده ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا، ارباب لطف جي ڳوٺ پھچڻ تي گلن جي ورکا ڪئي وئي تقريب يوسي محمد خان ڀرڳڙي جي چئرمين ڪائونسلرن عھديدارن شرڪت ڪئي ارباب شادي خان جي پٽن عزيز الله ابڙو، حبيب الله ابڙو، محمد جمن ابڙو، مقصود ابڙو پاران کين سنڌي سوکڙيون اجرڪ لونگي جا تحفه پيش ڪيا. تقريب کي ارباب امير امان پڻ خطاب ڪيو.