ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان) وفاق ۽ پنجاب حڪومت پاران سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ ۽ گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين جي وڪري ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ گذريل ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رهيو،  حيدرآباد  ۾ قومي عوامي تحريڪ تعلقي لطيف آباد جي سڏ تي ھوسڙي جي  بھار ڪالوني ۾ نذير بليدي، بابو ميمڻ، راول سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. نوشهروفيروز  جي يونين ڪائونسل کاهي ممن جي نوجوان اتحاد، ھاري اتحاد ۽ ساھتي لائيرز فورم جي سڏ تي  سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف 6 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ايڊووڪيٽ امر امتياز ميمڻ، اعجاز ممنائي، عرفان رضا، عديل ميمڻ، پير شيراز، بدرالدين شاهه وقار حيدر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ڄامشوري ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي عرفان سومرو، عابد جمالي ۽ سرتاج نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو،ٺاروشاھ ۾ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ عرفان ڏاھري خليل شـر نظير شر امتياز مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌ ڪوٽ ۾ جسم پاران گھايل سنڌي، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، ظفر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ٽنڊو آدم ڀرسان ڳوٺ قبول شاھ جي رھواسين مولابخش خاصخيلي، قاري شوڪت ٻجورو، احمد ٻرڙو، عبدالمجيد خاصخيلي، عبدالرزاق ٻجورو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مورو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌوءَ درياءَ مان 6 غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جي زمينن تي گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضي خلاف ڏنل سڏ مورو قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، وائيس چيئرمين نواذ شاھ ڀاڏائي، جسقم چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مرڪزي آرگنائيزر پنهل ساريو، دادو عوامي فورم اڳواڻ عاشق حسين زنئور، ابرار مورائي، شاھ لطيف راشد، امتياز کوسو، پرويز چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.ڪنڊيارو ۾ جئي سنڌ محاذ جي سڏ تي هارو ڪلهوڙو ، سلطان گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڌرڻو هنيو ويو،ٽنڊو آدم ۾ آل پَختون برادري پاران سنڌو درياءَ مان تڪراري 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ايڊووڪيٽ نجيب الله جدون، نثار مهمند خان، رمضان پٺاڻ، آزاد خان خلجي، نادر خان دراني، عبدالودود خان، يوسف خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان ريلي ڪڍي پريس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،دولتپور صفن  لڳ ڳوٺ حاجي محمد سليمان ٻگهيو ۾ ڳوٺاڻن پاران ايڊووڪيٽ ڪرم الله ٻگهيو، حافظ محمد وسيم مهر ، عنايت الله ٻگهيو، امداد ٻگهيو، جاني ٻگهيو، ڪامريڊ آزان ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جروار ۾ شاگرد سٿ طرفان سنڌو مٿان ڪئنال ٺاھڻ واري عمل خلاف  واجد گبول شاھد گبول  اڪبر علي،  ذوالفقار خشڪ جي اڳواڻي ۾  ماٿيلو چوڪ کان پريس ڪلب  تائين ريلي ڪڍي ويئي ڪوٽڙيءَ ۾ صحافين پريس ڪلب آڏو مجيد پنهور، اعجاز مغل، جمشيد لاشاري، نويد پنهور، عرفان بلوچ، نويد راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، بلڙي شاه ڪريم ۾ آبادگارن ، هاري، پورھيت، سول سوسائٽي پاران زاهد رند، رضوان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي سجاول ٽنڊومحمدخان _ روڊ جي مک چوڪ شهيد بلو پنهور آڏو ڌرڻو هنيو ويو،  ٽنڊوغلام حيدر ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن  پاران  محبوب نظاماڻي. عظيم شاھ. عرس پهنور  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻٻري بس اسٽاپ کان  شاھ  بس اسٽاپ تائين  مين حيدرآباد بدين روڊ تائين ريلي ڪڍي  وئي. فريدآباد ۾  جساف آريسر جي سڏ تي عوامي تحريڪ، اي جي پي، جي يو آئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن امتياز بروهي،علي چانڊيو، ايڊووڪيٽ مختيار کوسو ،انقلابي مشتاق احمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پريس ڪلب فريدآباد کان سٽي گيٽ تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  ڦلجي اسٽيشن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا شاخ  پيارو اسٽيشن پاران سماجي اڳواڻ عبدالرزاق پنهور(بلبل) جي اڳواڻي ۾ پيارو اسٽيشن شهر کان مخدوم بلاول درگاھ تائين ريلي ڪڍي وئي،چمبڙ  ۾ چمبڙ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ھاري ڪاميٽي ، جسقم پاران وڏي انگ ۾ عورتن معصوم ٻارڙن ٻن ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو قمبر ۾ سيد اخلاق احمد بخاري، ڪامريڊ نذير احمد تنيو، سيد مجاهد حسين شاھ،سراج چانڊيو،رياض لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي بس اسٽئنڊ کان ايڪو سائونڊ گاڏي تي رکي احتجاجي ريلي ڪڍي هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،نصيرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان عزيز الله ڀٽو، ذوالفقار ڀليدي، غفار ميرجت، اسد علي ايري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڌرڻو هنيو ويو.سيھڙ ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان اعتزاز گائينچو، زبير منير سرگاڻي، ذوھيب علي جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،گولاڙچي ۾ شھرين پاران نصير احمد اويس،مھردين مري حبيب پٺاڻ، ملڪ ڪامران، ابو نوحاڻي ، سومار ملاح، اياز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شيرو محلا کان مشعل بردار ريلي ڪڍي سڄي شھر جو گشت ڪري نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج کي خطاب ڪندي جسم چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته اڄ 4 اپريل ڀٽي صاحب جو عدالتي قتل جو ڏهاڙو آهي تاريخ شاهد آهي ته ڀٽي جي عدالتي قتل جو خون کائيندڙن جو پيپلز پارٽي آهي ان خون سان انصاف نه ڪيو، 79 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ اهو درد محسوس ڪري ٿي، سنڌ جا سورهيه پٽ پنجاب جي ڌاڙي ظلم بر بريت خلاف بيٺا آهيو، گرين پنجاب، گرين پاڪستان سنڌ جي تباهي جو منصوبو آهي، سنڌ ريفرڊم ڏنو آهي ڄامشورو، نصير آباد مورو بند آهي پر امن احتجاج آهي سنڌ جا ڪروڙين انسان ايترا طاقتور آهن جو ڪراچي کان اوٻاوڙو، جڪيب آباد کان نڪرندا ته پنجاب جي نڙيءَ تي نانءُ اچي ويندو، هن چيو ته اسان جمهوريت جا پيروڪار سنڌ وارا آهيون، انسانيت جا علمبردار سنڌ وارا آهيون، پيپلز پارٽي جو ڪوڙو ۽ ڊرامن جو احتجاج آهي سنڌ جي ماڻهن سان دوکو آهي، اهو ئي سبب آهي ته امتياز ڀٽي، ساگر ملاح گم آهي ڪوڙيون ايف آءِ آرون ٿي رهيون آهن، اسان حقيقي احتجاجن جي شروعات ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ برباد سنڌ جو منصوبو آهي ۽ اهي سڀ منصوبا پنجاب جي ترقي جا سنڌين جي ڪروڙن انسانن جي بربادي جا منصوبا آهن، 10 تاريخ تي درياءَ بچايو تحريڪ جو آهتجاج آهي ۽ ميٽنگ آهي جنهن ۾ نئين سر جدوجهد جو اعلان ڪنداسين تيستائين هن ظلم خلاف احتجاج جاري رهندا، رياض چانڊيو چيو ته اسان جو احتجاج آ ته ڪئنال نامنظور، احتجاج آ ته سنڌوءَ درياءَ جي خلاف پنجاب ۽ پيپلز پارٽي تباهي جا جيڪي منصوبا آندا آهن انهن جو خاتمو ڪيو، لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ختم ڪيو، پر امن سياسي ڪارڪن انهن جون جبري گمشدگيون ختم ڪري انهن کي آزاد ڪريو.نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته 77 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي انهن ئي بئراجن تي موت جي ڪشمڪش آهي ان وقت 6 غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ اهو 7 ڪروڙ عوام کي اجتماعي خور تي مارڻ جو فيصلو آهي جنهن جو انڪار ڪريون ٿا ۽ واضع ڪريون ٿا ته پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ته پوءِ ڪمون شهيد جو بارڊر بند ڪنداسين چولستان ۾ وڃي احتجاج ڪنداسين هيرا موڙ بند ڪنداسين اسلام آباد تائين وينداسين ڇو ته پاڻي کانسواءِ زندگي بي مقصد آهي اسان وٽ اڳ ۾ پاڻي ڪونهي ماڻهون پيئڻ جي پاڻي لاءِ سڪن ٿا زرعي فصل تباھ ٿي ويا آهن ايڪو سسٽم تباھ ٿي ويو آهي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ڪونهي، انڊس ڊيلٽا برباد آهي ان صورتحال ۾ وري اسان جي مٿان نون ڪئنالن جي مصيبت ۽ پيپلز پارٽي ان ۾ مجرمانه منافقانه ڪردار ادا ڪري رهي آهي ان کي رد ڪريون ٿا ۽ چئون ٿا ته جيڪڏهن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ۽ سنڌ جون زمينون جيڪي گرين پاڪستان کي ڏنيون ويون آهن واپس نه ٿيون ته هي احتجاجي تحريڪ اڃا وڌيڪ تيز ٿيندي هر گهر مان ماڻهون نڪرندا پنهنجي وطن وسيلن درياءَ ۽ زمينن کي اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.جسقم چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ مڪمل طور پنجاب وفاقي حڪومت ڪئنال ٺاهڻ لاءِ بجيٽ رکي ڪئنال ٺاهين ٿا ان ڳالھ تي بضد ۽ ڪاوڙيل آهي سنڌ جو هر ماڻهون نه ٿو طاهي ته ڪئنال ٺهن هي مومينٽ طاقتور ۽ اثرائري ٿيندي سنڌ جو عام سجاڳ ٿيندو جيڪو يقيني طور تي ڪئنال ۽ انهن جي حمايتن کي مڪمل طور تي ختم ڪري پوءِ ساهي پٽيندو، اسان ڌرتي سنڌ جا وارث آهيون ڳاڙهي جهنڊي وارا وارث آهيون ڪنهن وٽ زمين آهي يا ناهي ان سان مسئلي ناهي مسئلو اهو آهي ته سنڌ جي وارثي ڪير پيو ڪري، سنڌ جي وارثي ڳاڙهو جهنڊو پيو ڪري تنهن جي ڪري اسان چئون ٿا اها مالڪي ڪنهن به صورت ختم نه ڪنداسين ڪئنال سنڌ جي لاءِ موت برابر آهن .