بڪيرا شريف/ٿاڻو بولا خان/ڪڪڙ(نمائندن وٽان) بڪيرا شريف، ٿاڻو بولا خان ۽ ڪڪڙ ۾ سنڌو درياءَ جي عالمي ڏينهن تي درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ۽ نون ڪئنالن واري منصوبي خلاف ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ بڪيراشريف ۾ سول سوسائٽي جيئي سنڌ بشير خان قريشي گروپ شاگردن هارين ۽ علائقي واسين پريس تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ويو. ٿاڻي بولاخان ۾ ڪوھستان جي ڳوٺ فقير محمد کوسو ۽ يوسي ڌماچ جي ڪاپٽ واري علائقي ڳوٺ عيسب پالاري  ۾ ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي ڪئي فقير محمد کوسو ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان ڳوٺاڻن قمرالدين کوسو ، اختيار مير کوسو ، مقيم کوسو ، عباس رند، ڄاڳڻ کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ پرائمري اسڪول کان بس اسٽاپ تائين سنڌوءَ درياءَ تي 6 ڪئنالن ۽ گرين پاڪستان جي نالي زمين تي والار خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ يوسي ڌماچ ڪاپٽ واري علائقي جي ڳوٺ عيسب پالاري ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڳوٺاڻن ممتاز پالاري خير محمد پالاري امتياز بليدي ۽ مير حسن پالاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو وي  . ڪڪڙ ۾  پريس ڪلب کان مين پيارو چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مارو جمالي، سجاد يوسف، علڻ خان نائچ، ڊاڪٽرعبدالرحيم ساريو ۽ نثار شاھه پاران ڪڍيل احتجاجي ريلي ۾ چيمبر آف ڪامرس جي واپارين، قومپرستن ايس ٽي پي، شھيد ڀٽو، شهري، صحافين ۽ علائقي واسين يڪجھتي طور شريڪ ٿي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان دوران ادبي سنگت جي سيڪريٽري مارو جمالي، سجاد يوسف، واپاري محمد اقبال چارڻ، قومپرستن اڳواڻن سرور سنڌي  غلام محمد ابڙو عظيم ابڙو ارشد علي  شھيد ڀٽو اڳواڻ غازي بروھي، مهراڻ تڳر، حبيب الرحمان چانڊيو، قربان ڳاهو، گل حسن نوداڻي، امير حسن ملاح، عبدالرزاق هنڱورو ٻين ڳواڻن چيو ته سنڌو درياءُ اسانجي جياپي جو ذريعو آهي، وفاقي سرڪار ڏاڍ جي بنياد تي سنڌو درياءَ مان غير قانوني  طور ڇھه ڪئنال ڪڍي پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جون ذرخيز زمينون سڪائڻ لاءِ سنڌ  جو پاڻي کڻڻ چاھي ٿو جي ڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي. اسان وٽ پيئڻ جي لاءِ پاڻي نه بچندو سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ آخري ساهه تائين جدوجھد جاري رکنداسين.