ٺٽو (رپورٽر ) سنڌي مزدور تحريڪ ٺٽو پاران “شڪاگو جي شھيدن کي سُرخ سلام” جي عنوان سان مزدور جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي “درياءَ بچايو، زمينون بچايو، مزدور بچايو” ڪانفرنس ٺٽو پريس ڪلب ۾ ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حاجي خان سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي صدر نور محمد ڪنڀر، سنڌي ھاري تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري درياءَ خان زئور، ضلعي صدر بلاول لاشاري، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر غلام علي زئور، سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي جي جنرل سيڪريٽري ايوب انڙ، خالق گندرو، محمد خان سمون، عوامي تحريڪ ضلعي جي مٺاخان لاشاري، گھنور خان زئور، مارو خشڪ، ادريس پليجو، الله بخش بلوچ، آفتاب بلوچ، گريوا جو مرڪزي ميمبر عبداللطيف ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھو  شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪن ٿا، ھنن چيو  ته شڪاگو جي شھيدن پنھنجي حقن جي لاءِ زندگي جون قربانيون ڏئي سرمائيندارن کان حق ڇني ورتا ھنن چيو ته ھڪ پاسي سنڌو تي ڌاڙو ھڻي ڇهه ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، ته ٻئي پاسي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪيون پيو وڃن، ته ٽئين پاسي سرمائيندار مزدورن جا حق کائي رھيا آھن. او جي ڊي سي ايل ۾ سنڌي مزدورن کي روزگار ڏنو وڃي، واپڊا ۽ ريلوي ۾ سنڌين کي روزگار ڏيڻ سان گڏ بند پيل صنعتون کولي انھن ۾ ميرٽ جي بنياد تي سنڌي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي جڏھن ته ٿر ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي ٿري ماڻھن کي مفت ۾ ڏني وڃي ۽ نيوي ۾ سنڌ جي ملاحن کي ڀرتي ڪرڻ سميت  مزدورن جي مزدوري وڌائي وڃي،  مزدورن کي پنھنجا جائز حق ڏئي پورهيتن سان ظلم ۽ ناانصافيون ختم ڪيون وڃن.