ٺٽو(رپورٽر ) سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف انقلابي ڪميونسٽ پارٽي پاران مقامي هوٽل کان ريلي کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي. لاھور کان آيل ڪامريڊ آفتاب اشرف، ڪامريڊ سلميٰ، ڪامريڊ عرفان منصور، ڪامريڊ ڪريم، ڪامريڊ پارس سميت رشيد آزاد سومرو، ڊاڪٽر ولي جاکرو، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي باغي جاکرو، سلمان جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جو آھي، ھي منصوبو طاقتور حڪمرانن جي ڪمائي لاءِ آندو ويو آھي، جيڪو منصوبو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي.