سکر (بيورو رپورٽ) ضلعي ڪائونسل سکر جو ون پوائنٽ ڪئنالن واري معاملي تي هنگامي اجلاس، پ پ ۽ مخالف ڌر جي جماعتن متفقه طور تي تڪراري 6 ڪئنالن واري سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو، چيئرمين ڪميل شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڪئنال منصوبن خلاف متفقه قرارداد منظور، رپورٽ موجب چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جو 11ھون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪينال منصوبي خلاف متفق قرارداد منظور ڪندي 6 ڪينال منصوبن کي رد ڪيو ويو، اجلاس ۾ 6 ڪئنالن خلاف قرارداد حافظ رفيق احمد سومرو پيش ڪئي. مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن پڻ قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ايوان ۾ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا لڳايا ويا، ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي پهرين لوڪل ڪائونسل اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي آهي، مخالف ڌر جي ميمبرن پڻ ساٿ ڏنو آهي، اسين ان سلسلي کي اڳتي وڌائينداسين ۽ ڪئنالن خلاف يونين ڪائونسل سطح تي قراردادون منظور ڪيون وينديون، هن چيو ته ڪائونسل ميمبرن يونين ڪائونسل سطح تي ڪم ڪن ٿا، اهي لوڪل مسئلن کان باخبر هوندا آهن. انهن کي خبر آهي ته پاڻي گهٽ ٿيو ته وڏو مسئلو ٿيندو، اسان جو صوبو زراعت تي انحصار ڪري ٿو، هن وقت به ڪينالن ۾ پاڻي جي  سخت کوٽ آهي، پاڻي جي کوٽ جي ڪري پوکائي دير جو شڪار آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري 25 اپريل تي روھڙي ۾ ڪئنالن خلاف عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندو، ھن چيو ته نون ڪئنالن جو معاملو اسانجي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي.