“سنڌو تي ڌاڙونامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور” گمبٽ نعرن سان گونجي اٿيو، هزارين ماڻهن جي ريلي، مختلف شهرن ۾ به مظاهرا ۽ ڌرڻا

0
22
“سنڌو تي ڌاڙونامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور” گمبٽ نعرن سان گونجي اٿيو، هزارين ماڻهن جي ريلي، مختلف شهرن ۾ به مظاهرا ۽ ڌرڻا
“سنڌو تي ڌاڙونامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور” گمبٽ نعرن سان گونجي اٿيو، هزارين ماڻهن جي ريلي، مختلف شهرن ۾ به مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف ڌرتي ڌڻين جي تحريڪ جاري آهي، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ ريليون ڪڍيون، خبر موجب سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ڪالهه مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻا هنيا ۽ ريليون ڪڍيون، سکر ۾ آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن ۽ سول سوسائٽي پاران گلوب چوڪ سکر بئراج تائين اسماعيل سومرو، وقار سومرو، ضمير گهڃو، نادر چاچڙ، شبير جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، خيرپور ۾ سماجي اڳواڻ شهناز شيخ، ڪنول شيخ، روبينا، ريشمان، ساجدهه جمالي، حنا، راحيلا ۽ شبيران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف مريم توپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪب آباد  ۾ ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي محمد نواز سولنگي بابو حيدر مگسي دوست محمد لاشاري عبدالنبي مگسي زين سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڊي سي چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو، بدين ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سڏ تي راجا چانڊيو، ذڪريا قاضي، دلبر لنڊ، رزاق راهمون، عطا چانڊيو، شاهنوازسيال ۽ عبدالله چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سجاول ۾ شاگرد جدوجهد پاران سھيل خاصخيلي، شيراز سومرو ۽ اويس لغاري جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي وئي، ننگر پارڪر ۾الھداد سومرو، پانڌي کوسو، صوبدار کوسو، سومجي ڪولهي ۽ ڪرمڻ ڪولهي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪنري ۾ جسقم آريسر جي سڏ تي ذيشان چانڊيو، امتياز چانڊيو، محمد رمضان خاصخيلي، ڊاڪٽر خوشحال ملاڻي، سرائي رحيم خاصخيلي، محمد علي جوڻيجو، غلام نبي خاصخيلي، يونس چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نئون ڪوٽ ۾ نوجوان اتحاد پاران جهانيان شاھ، اياز کوسو، پهلاج ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، منھڙو ۾ جسقم ڪارڪنن بادل بروھي، فيروز لغاري، علي ديشي، اعجاز ٻوراڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سنجهورو ۾ يوسي جعفر لغاري جي نوجوان اتحاد طرفان عزيز الله لغاري، جي ايم لغاري، نبي بخش لغاري، غلام شاھ لغاري، عزير عابد لغاري، نديم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهدادپور سانگهڙ روڊ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، مورو ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن، قومپرست پارٽين جي ڊبليو سي جي سڏ تي ذوالفقار خاصخيلي، راڻا شير محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، چونڊڪو ۾ جي ڊي اي جي ڪارڪنن خادم آرادين ۽ بخش علي آرادين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ والي ڏنو دل ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان وقار ميراڻي، بشير ميراڻي، اياز ميراڻي، علي غفور دل، ڪليم دل ۽ شريف دل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڪڙيوگهنور ۾تڪراري ڪئنالن خلاف عوامي جهموري پارٽي جي سڏ تي گيانچند مهيشوري، ابوبڪر ڪڇي، هارون شيخ، عظيم سنڌي. سليم دائود پوٽو  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران وڪيلن 12 ڏينھن به ميھڙ ڪورٽ اندر ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو، جڏهن ته سنڌ ملاح فورم پاران ڊاڪٽر عبدالحميد ميراڻي ، ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي ، ظفر ملاح ، مير نواز ملاح ، محمد پنھل ملاح ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيٻا روڊ کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جوهي  ۾ جسم رياض چانڊيو ۽ عوامي فورم جي اڳواڻ عاشق زئنور، قربان کوکر غلام قادر لغاري ۽  شهرين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن  پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، وارهه ۾  عوامي حقوق اتحاد جي سڏ تي مختلف پارٽين جي ڪارڪنن طرفان علي رضا چولياڻي، محمد صديق مڱڻيجو، عاقل چانڊيو، اظھر اميراڻي، محرم صاحباڻي، وقار چولياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، وڳڻ ۾ خاصخيلي اتحاد طرفان بگن خاصخيلي محمد بخش هدايت الله امتيازعلي مظھر ضياءُالحق عزيز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

گمبٽ(رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ۾ ڪئنالن خلاف عوامي سمنڊ اٿلي پيو، ابل واهه کان سيد زين شاهه، علامه اياز قمي، مولانا راشد محمود سومرو، اسماعيل شاهه راشدي، سرڪش نايان، معظم عباسي، نثار ابڙو ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ پراڻي نادرا آفيس تائين هزارين ماڻهن جو مارچ، شهر ۾ هڙتال، احتجاج جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس يو پي جي صدر ۽ درياهه بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته سنڌو درياءَ تي قبضو قبول نه آهي، پ پ درياءَ جو سودو ڪيو آهي، درياءَ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌو جي مالڪي لاءِ هزارين سنڌي جاڳيا آهن، اڄ جو احتجاج ثابت ڪري ٿو ته سنڌو درياءَ تي قبضو قبول نه آهي، هن چيو ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنال اڌ کان وڌيڪ ٺهي چڪا آهن، انهن جا گيٽ به تيار آهن، پ پ به وفاق سان پاڻي جي چوري ۾ ملوث آهي، پ پ سميت وفاق ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، زين شاهه چيو ته گرين پاڪستان ملڪ جي ڀلائي نه پر سنڌ جي تباهي جو منصوبو آهي، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ پهريائين حالات خراب آهن، سنڌ جو پاڻي غير قانوني طور روڪي سنڌ جي حالت کي خراب ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي، جيڪا سنڌ جو عوام ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو ته منهنجي شهيد بابا 20 سال اڳ اڳڪٿي ڪئي هئي ته هي ڀلي پيپلا قرآن مٿي تي کڻي چون ته ڪئنال نه ٺاهينداسين ته به يقين نه ڪجو، هي ضرور ڪئنال ٺاهيندا، اڄ اها ڳالھه سچ ثابت ٿي آهي پر اسان سنڌ ۽ درياهه جي حفاظت ڪنداسين، ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو ڪم آهي، پ پ سرڪاري ڌر آهي، پ پ احتجاج بدران حڪومت کان ڌار ٿي شهباز شريف کي هٽائي ته بلاول کي پهريون هار آئون پارائيندس، هن چيو ته درياهه ڪروڙين سنڌين جي جياپي جو ڪارڻ آهي، ان تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي تباهه ڪرڻ نه ڏينداسين، 6 اريل تي جي يو آءِ سنڌو درياهه جي پلين تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي، جيڪڏهن وفاق ۽ پ پ حڪومت فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ پنجاب جي دنگ تي تاريخي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو، جي ڊي اڳواڻ اسماعيل شاهه راشدي چيو ته اقتدار ۾ هجون يا نه هجون، سنڌ ۽ سنڌو درياءَ لاءِ نذرانو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، سورهيه بادشاهه جي اولاد آهيون، سنڌ لاءِ خون جو نذرانو ڏينداسين، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، هن چيو ته سورهيه بادشاهه جي پيروي تي هلندي سنڌ جي مالڪي ڪنداسين، جيڪڏهن پ پ ۽ وفاق ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته پير پاگاري جي قيادت ۾ تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي چيو ته گمبٽ ۾ ڪئنالن خلاف ٿيندڙ احتجاجي مارچ ريفريڊم ثابت ٿيو آهي، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، هزارين ماڻهن اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ دشمن ڪو به منصوبو قبول نه آهي، پير پاگاري ۽ زين شاهه جي قيادت ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج جاري آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم حادل شيخ چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ سان گڏ آهي، سنڌو درياءَ تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ٽي آءِ جو ليڊر جيل ۾ آهي پر اتان به ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ پهرين پارٽي آهي جنهن ايوان ۾ ڪئنالن خلاف رٿ پيش ڪئي، پ پ سنڌو درياءَ جو سودو ڪيو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪندي رد ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ 5 تاريخ تي حيدرآباد ۽ 6 تاريخ تي ڪئنالن خلاف ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻندي، ان موقعي تي حاجي عبدالطيف شيخ، امان الله ناريجو، سڪندر جوڻيجو، سنڌي وحيد کهڙو، شيعا اڳواڻ مولوي ذوالفقار مفڪري، نورالهديٰ شاهه جيلاني، سرڪار شاهه، افتخار لنڊ، حيدر شاهاڻي، سجاد سومرو، امير آزاد پنهور، رزاق سروهي، ڏاڏو الهه بخش انڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.