سنڌو تي ڌاڙن جي تاريخ ۽ ڌرڻو

0
69
سنڌو تي ڌاڙن جي تاريخ ۽ ڌرڻو

 ھي ڪو پھريون ڀيرو ڪونھي جو حاڪم سنڌو جو پاڻي روڪڻ يا ان تي ڌاڙو ھڻن واري ھوڏ تي لٿل آھن. سنڌو ته ھزارھا سالن کان اھڙا لقاء ڏسندي ۽ سھندي رھي آھي.

                 سائنسي پرک جي حساب سان ماھرن پاران جوڙيل “جنم ڪنڊلي ” ڌار ڌار اندازا ۽ انومان ظاھر ڪري ٿي جنھن مان سنڌو جي صدين واري سفر جي پروڙ پئي ٿي ۽ اھو به آشڪار ٿئي ٿو ته ھزارين سال اڳ سنڌو جي ماٿري ۾ دنيا جي شاندار ۽ شاھوڪار تھذيب ڪر کڻي اوج به ماڻيو.

                 جديد سائنسي اعتبار سان ماضي جي حقيقتن کي سائنسي مادي تجزين سان پرکيو وڃي ٿو ڪا نئين پرک پراڻين پرکن کي رد به ڏيندي رھي ٿي  جڏھن ته سائنسي ماڻ ماپن کي آڳاٽيون لکتون اڪرون ۽ آثار قديمه مان ھٿ ايندڙ ٻيون شيون بنياد فراھم ڪنديون آھن

                 دنيا جا ڪيترائي عالم ان خيال سان سھمت آھن ته سنڌو ماٿري ۾ ھزارين سال اڳ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا ماھر ماڻھو موجود ھئا گڏوگڏ علم جي حاصلات لاء تپسيا يا ڪٺن رياضت ڪندڙ رشي به ھوندا ھئا اھڙي ئي ھڪ آڳاٽي رشي جي ھڪ رچنا اسان کي پڙھڻ لاء ملي ٿي ته ھو  اوچائي تان لھي ايندڙ سنڌو ندي جي ڪناري تي بيھي ان کان  سوال ٿو ڪري ته

اي سنڌو

تون پنھنجي اھا اٿڪ نه ڏيکارين ھا

ته سٺو نه ھو ! ڇو جو تون بلندي تان

زمين تي لھي يعني جھڪي ٿي پوين

سنڌو ورندي ٿي ڏي

ھا آئون بلڪل جھڪي آھيان ان ريت

جئين ھڪ ماء پنھنجي ٻچڙي کي

ٿڃ پيارڻ لاء جھڪي ٿي پوي

آئون به اوچائي تان ھيٺ ان ڪري

ٿي جھڪان ته اوھان (پنھنجن ٻچڙن)

کي زنده رکي سگھان

ھي رچنا لڳ ڀڳ اٺ ھزار سال آڳاٽي رچيل آھي جيڪا بعد ۾ رگ ويد ۾ شامل ڪئي ويئي رگ ويد سنڌو ماٿري ۾ لکت ۾ ايندڙ اپکنڊ جو پھريون ڪتاب آھي مٿين رچنا جو رگ ويد ۾ راوي وشوامٿر رشي آھي.

وشوامتر ھڪ راڄ رشي ھو رگ ويد ۾ سنڌو ماٿري ۾ برپا ٿيل ڏھن راجائن واري جنگ جو وڏو چرچو آھي انھي جنگ جو ڪارڻ به سنڌو جو پاڻي ھو رگ ويد ۾ لکيل آھي ٿه وشوامتر سنڌو جو پاڻي روڪي ڇڏيو ھو جڏھن سنڌ جو راجا سداس جڏھن آرين جي اڳواڻ اندر ديوتا جي ھٿ تي بيعت ڪئي. تڏھن سنڌو جو پاڻي ڇڏيو ويو ۽ ان کانپوء سنڌو ماٿري ۾ جنگ برپا ڪئي ويئي جنھن ۾ سنڌو سلطلنت جا 9 راجا ھڪ طرف ھئا ۽ غدار وطن راجا سداس جي مدد آرين ۽ ٻين ڌارين فوجن ڪئي جن فتح حاصل ڪئي.

سنڌو ماٿري جي عجب ڪھاڻي آھي! ھزارين سالن کان ھتي اھڙا حڪمران به راڄ  تي قابض ٿيندا رھيا آھن جن جو آخري ھٿيار عوام جو” داڻو پاڻي” بند ڪرڻ رھيو آھي اھڙي روش ھنن ڌرمي پيشوائن کان سکي جيڪي شيوڪن يا مريدن جو حقو پاڻي بند ڪرڻ جا ھيراڪ رھيا آھن ان ڪري سنڌي ماڻھن جي مزاج ۾ پاء پاڻي جي پلاند واري اڻ تڻ سدائين رھي.

اوھان تاريخ جا پنا اٿلائي پٿلائي ڏسو اھو امر لڪيو ڪونه ٿو رھي ته جڏھن به وقت جي حڪمرانن جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري انھن لاء سنڌي ماڻھن جي دلين جا دروازا بند ٿيڻ لڳندا آھن تڏھن انھن حڪمرانن پنھنجن آقائن جي مدد سان سنڌين جي جياپي جي واحد سھاري سنڌو جي پاڻي کي روڪڻ يا ان جو رخ موڙن وارو نام نھاد حربو استعمال ڪيو آھي ۽ پوء جياپي خاطر جنگيون لڳيون ۽ سنڌو جي جل سان گڏ رت به ريلا ڪري سمنڊ ۾ ڇڙندو رھيو اھڙا ڪيترائي قصا اوھين پالي ۽ ٻين پراڪرت ٻولين کانسواء سنسڪرت ٻولي جي قديمي لکتن ۾ پڙھي سگھو ٿا اھڙا قصا يا تاريخ حاڪمن جي حواري عالمن سدائين لڪائي رکيون آھن ان ڪري تاريخ جي شاگردن کي اھڙيون ڳالھيون نصابي ڪتابن ۾ پڙھڻ لاء ڪونه ٿيون ملن

رگ ويد ۾ رڳو اھا شاھدي ڪانه ٿي ملي ته راچ رشي وشوامتر اقتدار جي حاصلات لاء سنڌو جو پاڻي روڪيو ھو پر اھا روئداد به بيان ٿيل آھي ته سنڌو سلطنت پھرين سرواڻ ۽  ميگھ رشي يعني ماھر آبپاشي راجا ورترک کي اڳوڻن راجائن ڌرمي گروھن سان ڱڏجي دوکي سان ان ڪري قتل ڪيو ٿه جيئن اقتدار تي قابض ٿي سگھجي نه صرف ان کي ماريو ويو پر ان جي قائم ڪيل دنيا جي پھرين آبپاشي کي مليا ميٽ ڪيو ويو سنڌ جي زرخيز زمين بنجر بنجي ويئي ۽ شاندار ۽ شاھوڪار سنڌو تھذيب زوال طرف ڌڪجي ويئي ۽ سنڌ صدين تائين سک جو ساھ نه کڻي سگھي.

سنڌ جي سڀ کان پھرين ڪتابي لکت رگ ويد ۾ نه صرف سنڌو تي راتاھن جي تاريخ ملي ٿي پر سنڌو جي عظمت اھميت ۽ افاديت جو شان ۽ مان سان ذڪر ٿيل آھي ته ندين جي سرواڻ سنڌوندي ڪيڏي نه عظيم آھي جو سنڌو ماٿري دنيا ۾ سڌريل ۽ شاھوڪار تھذيب جي پالڻھار آھي سون چاندي ڀلين گاڏين ڀلن گھوڙن توڙي ڪيڙي لٽي ۾ ته مالامال آھي پر ساوڪ سرھاڻ رھڻي ڪھڻي اوڍ ويس جي ھنڌين ماڳين ھاڪ آھي.

نديون جيئن پنھنجا پيچرا پاڻ ٺاھينديون آھن ۽ موسمي تبديلين توڙي ٻين فطرتي ڪارڻڻ ڪري پاڻمرادو رسٿا مٽائينديون به آھن پر ان وھڪري سان ھٿ چراند ڪندو آھي ٿه ان جا خراب نتيجا نڪرندا آھن اھڙو پھريون اشارو رگ ويد واري دور جو ملي ٿو ته سنڌو جو رخ موڙيو ويو ھو ان جي ڪري تڏھوڪو ڊيلٽا وارو علائقو سمنڊ جي کاري پاڻي جو کاڄ بنجي ويو ھو اڄ به ست ھزار چورس ميلن واري ايراضي ۾ پکڙيل رڻ ڪڇ اھڙي گواھي ڏي ٿو سنڌو سان ھٿ چراند وارا ٻيا به کوڙ قصا ملن ٿا باڍشاھ غلام شاھ ڪلھوڙي ڪڇ وارن کي سيکت ڏيڻ سنڌو جي ھڪ ڇاڙ تي بند ٻڌو ھو اھو وھڪرو کسڪي اولھندي وھڪري سان وڃي مليو ته لکپت وارو سمنڊ جي ور چڙھي ويو وري جو انگريز ته انھن سنڌو جي پراڻي پيٽ نارا کي وري جياري ايشيا جو سڀ کان وڏو ڪئنال واھي جاري ڪيو ته نتيجي ۾ سنڌو جي ڊيلٽا ۾ پاڻي جي رسد گھٽجي ويئي ۽ اتان جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو ۽ اھو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي .

نارا مان جمڙائو ڪئنال ڪڍڻ واري ڪھاڻي به دلچسپي کان خالي ڪونھي ان ڏس ۾ 1892ع ۾ حيدرآباد ۾ تڏهوڪي ڪمشنر سنڌ ايڇ اي ايم جيمس جي صدارت ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿيو جنھن ۾ برطانيه مان آيل  اريگيشن ماھرن ۽ انجنيئرن جي ھڪ ٽيم پڻ شريڪ ٿي ھئي اجلاس ۾ شريڪ ماھرن ۽ انجنيئرن جي اڪثريت جي اھا راء ھئي ته سنڌو مان اوڀر پاسي نوان ڪئنال نه ڪڍيا وڃن ڇاڪاڻ ته ڊيلٽا ۾ پاڻي جي پھچ گھٽجي ويندي ۽ سنڌ بنجر بنجي ويندي پر انگريز حڪمرانن جي مفادن واري ايجنڊا ۾ اھو نقطو شامل ھو سو ڪمشنر سنڌ جيمس جي ذاتي دلچسپي سبب انھي اجلاس ۾ نئين ڪئنال جمڙائو جي منظوري ڏني ويئي 1899 ۾ گورنر بمبئي سينڊ ھرسٽ ان ڪئنال جو افتتاح ڪيو ۽ پنجاب جي ضلعن امرتسر جالنڌر ۽ گرداسپور مان سوين خاندان لڏائي جمڙائو جي ڪنارن تي آباد ڪيا ويا ۽ انھن کي ھزارين ايڪڙ پڻ الاٽ ڪئي ويئي جمڙائو ڪئنال تي ڪم ڪندڙ انجنيئرن ۽ ماھرن جو اھو چوڻ ھو ته ھن ڪئنال تي صرف 33 سيڪڙو آبادي ڪئي ويندي ۽ ڪوبه ڊاريڪٽ آئوٽ ليٽ ڪورس جي اجازت ڪونه ھوندي پر ھڪ به نقطي تي عمل نه ٿيو. ان منصوبي پويان سياسي مفاد ڪارفرما ھئا ان ڪئنال جي سوا سئو سالن کان مٿي واري تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنرلن کان وٺي ھر دور جي سياسي ڀوتارن ان ڪئنال جي پاڻي جو بيجا استعمال ڪيو آھي ۽ ملڪ جي اھم شخصيتن جا ڊاريڪٽ آئوٽ ليٽ آھن ھن ڪئنال ٿي منحصر علائقو سانگھڙ کان وٺي ٿر جي ڪلوئي تعلقي تائين ھرسال مٿان پاڻي کوٽ وقت ھتان جي خلق پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ھوندي آھي ۽ چوماسي ۾ وري ھي علائقو مڪمل طور تي ٻڏل ھوندو آھي ھوڏانھن سنڌو جي ڇوڙ وارو علائقو ڏينھن و ڏينھن سمنڊ ڄٻاڙيندو پيو وڃي ائين ھميشه حڪمرانن جي ھوڏ سنڌ سڪائڻ واري رٿائن کي اوليت ڏيندي رھي آھي.

تاريخ پنھنجو پاڻ کي ورجائيندي آھي اڄ وري سنڌ جو ماڻھو پاڻمرادو اٿي شعور کي نئون دڳ ڏيڻ لاء سندرا ڇڪي رھيو آھي ان ڪري ٻٻرلو وارو ڌرڻو نئين تاريخ رقم ڪري ويو آھي. ان ۾ اصل ڌر ڌڻي ۽ حڪمران ڌريون توڙي مخالف ڌريون پنھنجا ٽي پتا لڪائي راند کي اينگھائڻ واري رساڪشي ۾ رڌل رهيا. جڏھن ته “ٽه پيري” وڪيلن جي ھٿ ۾ رهي، جن ميدان سجايو ۽ ملھايو آھي پر ٽه پتي راند ۾ رسڪ بدران ھوشياري ڪم ڏيکاريندي. ضرور ڪا تاريخ رقم ٿيندي جنھن سان سنڌ ۽ سنڌو جي جياپي وارو سوال جڙيل ھوندو.