جنگشاھي(ن پ ا) عظيم ڏاهي مفڪر، مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز رسول بخش پليجو جي ستين ورسي جنگشاهي لڳ سندس جنم ڀومي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ملهائي وئي. جلسي عام ۾ سموري سنڌ ۽ ملڪ مان هزارين عورتن ۽ مردن ۽ سياسي پارٽين جي قيادت شريڪ ٿي سنڌياڻي تحريڪ طرفان رسول بخش پليجي کي انٽرنيشنل تراني جي ڌن تي پريڊ وسيلي سلامي ڏني وئي. سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان قومي گيتن تي رسول بخش پليجو کي ثقافتي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جلسي عام ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌو درياءَ تي ڊيمن ۽ ڪئنالن ۽ معدني وسيلن تي قبضن جي قرارداد منظور ڪئي وئي. سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جي موجوده سياسي صورتحال تي عوامي تحريڪ جو موقف پيش ڪيو. جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ ۽ ملڪ جي مظلوم قومن اڄ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪالاباغ ڊيم جيان ملڪي عوام سنڌو درياءَ تي ڊيمن ۽ ڪئنالن کي دفن ڪندو. نون ڊيمن جو راڳ آلاپيندڙ قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جا دشمن آهن. ملڪ عالمي سامراجي مالياتي ادارن وٽ يرغمال آهي. پاڪستان جو عوام ملڪ کي ڪنهن به صورت حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيندو. هن چيو ته  پيپلزپارٽي جو دور حڪومت تاريخ جو بدترين دور آهي. سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ڪاورنجهر کان ويندي گورک، گنجي ٽڪر، هاليجي، ڪينجهر، کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ ٻيا سمورا تاريخي ماڳ وڪرو ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بنيادي انساني حق مڪمل طور تي معطل آهن. سنڌي هندو نياڻين کي زوري اغوا ڪرڻ ۽ مذهب تبديل ڪرائڻ ملڪي آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي. ڌاڙيلن سنڌ ۾ اسٽيٽ اندر اسٽيٽ ٺاهي ڇڏي آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ اختر حسين چيو ته رسول بخش پليجي جا ڪيترائي پهلو آهن. رسول بخش پليجو هڪ جينيئس هو. حقوق خلق پارٽي جي چيئرمين فاروق طارق چيو ته رسول بخش پليجي جي جدوجهد جو نتيجو آهي جو اڄ هزارين ماڻهو گڏ ٿي کيس ڀيٽا پيش ڪن ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف سنڌي عوام سان گڏجي جدوجهد ڪئي آهي ۽ آئينده به ڪبي. هن چيو ته سنڌ جيان پنجاب جون زمينون به ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ نيلام ڪيون پيون وڃن. نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر شاهينه رمضان چيو ته آمريڪا گريٽر اسرائيل لاءِ دنيا مٿان جنگ مسلط ڪئي آهي. حڪمران سموري ملڪ کي لٽي رهيا آهن. سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ جو عوام قبول نٿو ڪري. ليکڪ محمد علي مانجهي چيو ته رسول بخش پليجو سنڌو درياءَ جو وڪيل آهي. هن وقت سنڌو درياءَ تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن. نامياري قانوندان ۽ ليکڪ شهاب اوستو چيو ته رسول بخش پليجو هڪ وڏو انقلابي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ  لطيف جو پارکو هيو. رسول بخش پليجي جا هزارين پوئلڳ ۽ شاگرد عورتن شريڪ ھئا. ان موقعي تي عمره سمون،  نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، تاج مري، مير حسن آريسر، دستگير ڀٽي، نور نبي راهوجو، نامياري آرٽسٽ شيما ڪرماني، ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر، ستار رند، عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، لال جروار، ماه نور ملاح، نور نبي پليجو، ڪامريڊ مصطفى چانڊيو، خالق گنڌرو،ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، فاضل کوسو، ڊاڪٽر ماروي سنڌو ۽ ٻين خطاب ڪيو.