سکر (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سنڌ پاران سنڌو بچايو سنڌ بچايو مھم هيٺ سنڌو درياءَ تي اڏيل بيراجن ۽ پلين تي ڌرڻن کان پوءِ ٻئي احتجاجي مرحلي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آھي ته اسان گڊو کان ٺٺي تائين نه فقط سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪئي پر اسان ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي حقن جي به ڳالھه ڪئي، ھن اعلان ڪندي چيو ته اڳين مرحلي ۾ سنڌو تي ڌاڙي خلاف 9 اپريل تي گھوٽڪي، 10 اپريل تي خيرپور رپڙي، 12 اپريل تي نوابشاهه ۽ رات جو ٽنڊو غلام علي ۾ جلسو ٿيندو، 14 اپريل تي ڪنري، 16 اپريل تي ٽنڊو الهيار، 17 اپريل تي مٽياري، ساڳي رات جو وڳڻ ۾ جلسو ٿيندو، 23 اپريل تي تلھار، 24 اپريل تي ڪنڊيارو، دادو، ميھڙ، 26 اپريل تي ڪوٽ مير محمد، 27 اپريل تي خان پور مھر گھوٽڪي، 28 اپريل ڏينھن گمبٽ ۽ سنجھورو، سانگھڙ، 29 اپريل تي جاتي سجاول، 30 اپريل تي مورو ميرپورخاص، پهرين مئي تي دادو، 3 مئي تي گھوٽڪي ۽ ان بعد ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ وڏا عوامي اجتماع ٿيندا ۽ ڌرڻا هنيا ويندا.