ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ ڪراچي جلسو هاڻ11 بدران 18 مئي تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه هتي  فنڪشنل ليگ  هائوس ۾ پير صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سيد زين شاهه، حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر صفدر عباسي، قاري محمد عثمان، سردار عبدالرحيم، مولانا اسدالله ڀٽو، مسرور جتوئي، حسنين مرزا، راحيلا مگسي، احسان جتوئي، مظهر راهوجو، فقير غلام نبي مڱريو، مجاهد چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، اڳواڻن چيو ته حڪمران سنڌ جي عوام کي وڌيڪ  دوکو نه ڏين ۽ نه گمراهه ڪن، هنن چيو ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ قانون بدران رشوت ۽ اقربا پروري جو راڄ آهي، جنهن خلاف سگهاري تحريڪ هلائي ويندي، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ڊمپر مافيا جي بي لغامي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪراچي سميت سنڌ جي شهرن ۾ ماڻهن کي گهرن تائين صاف پاڻي پهچڻ گھرجي پر ڪراچي واٽر بورڊ جي ڪرپشن ۽ ٽينڪر مافيا سبب شهري پاڻي کان محروم آهن، اجلاس  ۾ چيو ويو ته 18 مئي تي باغِ جناح ۾ وڏو جلسو ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاريو ويندو.