آخري حصو ………………..
ھي عظيم سلطنت قدرتي آفت جي ڪري پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتي! ان عظيم آريا ورت نہ صرف ايلمي تھذيب جي روپ ۾ اوائلي ايران جا تاريخي بنياد رکيا پر اتان سمير ۽ مصر جي تھذيبن کي بہ بنياد فراھم ڪيا ۽ وچ ايشيا توڙي اوڀر يورپ ۽ عرب سرزمين تائين آرين قبائل جون ننڍيون حڪومتون قائم ھيون، جيڪي سنڌو سڀيتا جي زوال کانپوءِ وڌي وڻ ٿيون ۽ پنھنجي سر خودمختيار حڪومتون بڻيون. چند مثال مھرن جي پڙھڻين مان پيش ڪجن ٿا. جيڪي سنڌو سڀيتا جي آريا قبائل جي موجودگي کي واضح ڪن ٿا. جيڪي انھيءَ جي وسعت جو چٽو ثبوت بہ آھن.
انھن سمورن بيان ڪيل علائقن مان مصر کان ھٽي ڪري سنڌو لکت واريون مھرون مليون آھن ۽ اھي محض واپاري لاڳاپن کان گهڻو اڳتي حقيقتون بيان ڪن ٿيون. ميسوپوٽيميا يا ايران جا علائقا بار بار ٻيھر آباد ٿيندا رھيا آھن، تنھن باوجود مھرن جو مناسب تعداد گهڻين شاھدين جي نشاندھي ڪري ٿو. جيڪڏھن لوٿل مان ملندڙ مھرون لوٿل کي سنڌو سڀيتا جي آبادي بيان ڪن ٿيون تہ ايليمي، سميري، امون دريا (ازبڪستان) مان ملندڙ مھرن جي شاھدين کي واپاري لاڳاپا ڇو ٿو چيو وڃي!
”ھيا گهراڻي“ جي حڪومت ھئڻ مان موھين جي دڙي جو اصل نالي جو پتو پوي ٿو، جيڪو ”ماھيشمتي“ آھي، جنھن جي حڪومت جي نمائيندگي ڪندڙ نشان ھاٿي ھيو. مٿين مھر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ان مھر جي پڙھڻي ان جي شاھي استعمال جي نشاندھي ڪري ٿي، ۽ ھاٿي جي نراڙ تي ٽن ڇيڙن واري تاج جي اڪر ان وقت جي بادشاھہ (پال) جي نمائيندگي ڪندڙ مھر طور ظاھرٿئي ٿي. ان کي وڌيڪ چٽو ڪري سمجهڻ لاءِ ھيٺين مھر ۾ ستن پرم رشين سميت مھاديو شوا آڏو پرارٿنا لاءِ ھٿ ڊگهيڙي بيٺل ان وقت جي راجا جي مٿي تي ساڳيو تاج ڏسي سگهجي ٿو. مھر ۾ اڪريل نشانين جي پڙھڻي ” پا سو آيتي“ جنھن جو مطلب ئي اھو بيھي ٿو ” مھاديو آڏو پرارٿنا لاءِ ھٿ ڊگهيڙڻ“
سنڌو تھذيب جي عقيدن جو بنياد:
سنڌو سڀيتا جو قديم ڌرم بہ عالمن ۽ ماھرن جي ڌيان جو مرڪز رھيو آھي. ۽ جوڳي آسڻ واري مھر بطور پروٽو شِوا زير بحث رھي آھي. ھونئن بہ مھرن کان ھٽي ڪري بہ اهڙا ڪيترائي سبب ۽ زميني حقيقتون آهن، جيڪي مھاديو شِو جي تمام قديم ھئڻ جون گواھي ڏين ٿيون، سنڌو سڀيتا جي مليل نوادرات ڪيترن ئي حوالن سان ان جون شاھديون ۽ ثبوت فراھم ڪن ٿيون، جن جي روشنيءَ ۾ مھاديو شِو جو تعلق سنڌو سڀيتا جي بنيادي عقيدن سان جڙيل آھي. جن جي اپٽار انيڪ مقالن ۾ ٿيل آھي. ھتي صرف سنڌ جي اھڙي قديم ماڳ جو ذڪر ڪجي ٿو، جنھن جي نہ رڳو تاريخ قديم آھي. پر خطي ۾ موجود سمورا نالا ڪنھن نہ ڪنھن ريت شِو سان منسوب آھن. اھواھم ھنڌ کير ٿر وادي جو گورک ۽ منڇر ڍنڍ وارو علائقو آھي جيڪو ھنگلاج واري علائقي تائين پکڙيل آھي، ۽ ديوتائي جوڙي سان ڳنڍيل قديم ڏندڪٿائن واريون سمورين روايتن جو پسمنظر ھتان جي ماحول سان غيرمعمولي طور ملندڙ جلندڙ آھي. شِو جو قديم آستان ھئڻ ناتي سڀ کان پھريان علم جو سج ھتان اڀريو. سنڌو تھذيب جي ابتداء کير ٿر وادي ۽ منڇر جي ڪنارن تان ٿي، جتي دنيا جي پھرين وستي يا واھڻ جو بنياد مھاديو شوِ جي نالي سان پيو شوواھڻ ،شواسٿان يا سيوھڻ سيوستان. مھرن جي پڙھڻين جي ڪجھہ مثالن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو تہ سنڌو سڀيتا جي سمورن وڏن شھرن جا نالا مھاديو شِو جي صفتن سان منسوب آھن، جنھن جو ذڪر ٻئي مضمون ۾ ڪبو. آدي ناٿ، آدي جوڳي يا گورکناٿ (جين ڌرم) نالا ان ڳالھہ جي چٽي گواھي ڏين ٿا تہ نہ صرف برصغير جي سمورن ڌرمن جو بنياد ھن وادي مان اسريو پر اولھہ توڙي وچ اوڀر جي سمورن عقيدن جو بنياد بہ ھيءَ وادي آھي( مثال لاءِ ”يھوا“ نالو جنھن جو اصل ويدڪ لکڻين ۾ موجود آھي حوالي طور ڏسي سگهجي ٿو)، ھيءَ ابتدائي تھذيب موھن جي دڙي جي اوج واري دور کان بہ ھزارين سال قديم آھي اندازي طور اھو عرصو ٽي ھزار سالن کان بہ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. ۽ ھي ئي اھوعلائقو آھي جتان دنيا جي پھرين ستن پرم رشين پنھنجي پھرئين گرو کان گيان حاصل ڪيو. ۽ اھو ھنڌ ئي رگويد جي ابتدائي سماجي ۽ جاگرافيائي منظر سان بلڪل ٺھڪندڙ آھي. جتي جوڳ ۽ سنياس جو بنياد پيو. لاھوت جي گھوٽ مھاديو ۽ ھنگلاج جي ڪنوار ماتا پاروتي جي پرڻي ھڪ اھڙي ونش کي جنم ڏنو، جنھن کي صدين تائين دنيا جي رھنمائي ۽ حڪمراني ڪرڻي ھئي. جوڳ ۽ ڌيان اھي پھريان پئمانا ھئا جن جي بنياد تي نہ صرف جسماني پر انساني ذھن جي غير معمولي صلاحتين کي اجاگر ڪرڻ جا گر دريافت ٿيا پر جسماني ۽ روحاني خامين ۽ مرضن جو علاج ڪرڻ جي بہ شروعات ٿي، جنھن سان ويڄن جي ابتداء ٿي، جيڪا انساني تاريخ جي غير معمولي حاصلات ھئي. جڙي ٻوٽين جو استعمال دردن جو دارون بڻيو جنھن ۾ مھاديوي پاروتي جو ڪردار غير معمولي ھيو. ۽ انھن ٻنھي جي بطور ويڄ ديويائي خاصيتن جي سنڌو سڀيتا جي مھرن تي ڇاپ نمايان ۽ چٽي آھي. تفصيل لاءِ ”ايورويدا“ بابت مقالو پڙھي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي علمن جي شروعات ٿي ۽ ڪرھ ارض جي پھرئين ڌرم سناتن جا بنياد پيا. روايتون پھريان ”شروتي“ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ سان اڳتي وڌيون جن نيٺ وڃي ضرورت محسوس ڪندي دنيا جي پھرين لکت سنڌو لپي کي جنم ڏنو ۽ دنيا جي عظيم تھذيب جي اسرڻ جا ڪارج ۽ سبب پيدا ڪيا ۽ ان جي ارتقا کي تيزي بخشي. ڪيلاش جو مھاديو سان سٻند قطعي طور قديم ڪونھي. ان مارڳ ڏانھن ڌيان وڃڻ جي شروعات ايلڪس مئڪي مطابق انگريزن جي دور کان ٿي ۽ اھو ڳانڍاپو ھاڻوڪو ۽ محض افسانوي آھي. ان جي ڀيٽ ۾ منڇر(منسرا) ۽ گورک جي روحاني عقيدت ۽ اھميت ۽ ان جي قدامت ۽ تاريخي حيثيت کي سمجهائڻ لاءِ تاج محمد صحرائي جي ڪتاب جو ھي حوالو ڪافي آھي، ”پيغمبر ماني پنهنجي پيءُ پاٽڪ ۽ امو جي صحبت ۾ سڄي سنڌ ۾ سفر ڪيو، جنهن ۾ منڇر ڍنڍ به شامل هئي، جتي سندس مريد گڏ ٿيا ۽ عام وضو ڪرڻ جي رسم ادا ڪئي“. گورک جي قدامت ۽ نالو بہ شو جي جسم تي ڳئون جي رک ملڻ سان جڙيل آھي.
سنڌو تھذيب جو غائب ٿيڻ:
آخري ۽ اھم سوال تہ سنڌو سڀيتا آخر بغير ڪنھن نشان ڇڏڻ جي غائب ڪيئن ٿي؟ مٿي مھرن جي پڙھڻين جي روشني ۾ بيان ڪيل مختصر جائزي کان پوءِ ڪنھن حد تائين تصوير چٽي ٿي بيٺي آھي. تنھن باوجود پيرا غائب ٿيڻ واري منظرنامي جي نشاندھي ڪرڻ ضروري آھي. 2600 ق م کان سڀيتا پوري آب وتاب سان جاري رھي، جيستائين قدرتي آفت ”عظيم ٻوڏ“ کي منھن ڏيڻو پيو، جيڪو ان تهذيب جي تباهيءَ جو بنيادي سبب بڻيو. جيڪا ڊيوڊ رائٽ مطابق لڳ ڀڳ 2348 ق.م يا ان جي آسپاس دوران آئي، ان کان پھريان سنڌو تھذيب کان ٻاھر باقي دنيا ۾ڪنھن بہ منظم يا قدري وسيع حڪومت يا سلطنت جو مثال نہ ٿو ملي، مصري تھذيب جي سياسي ڍانچي بابت بہ ڪي واضح ثبوت ڪو نہ آھن. ٻوڏ سنڌو تھذيب جي بنيادي ڍانچي، انتظامي، سياسي ، سماجي، معاشي ۽ منظم مرڪزي سرشتي کي مڪمل طور تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. سلطنت زبردست تباهي کان پوء، پنهنجو مرڪزي اختيار ۽ وقار وڃائي ڇڏيو، ۽ اهو انساني تاريخ جي عظيم ورثي ”آريا ورت مھان“ جي المناڪ پڄاڻي هئي! جيتوڻيڪ، ٻوڏ جي تباھہ ڪارين بعد پاڻ سنڀالڻ کانپوءِ هند-يورپين جي سمورن علائقن ۾انفرادي طاقت ۽ اختيار لاءِ آرين قبائل ۾ نوان جھيڙا ۽ جنگين جو نئون سلسلو شروع ٿيو. هندستان ۾ بہ ڪيتريون ئي نيون آزاد وڏيون ۽ ننڍيون سلطنتون قائم ٿيون جنھن ۾ ڪُرو ۽ پانڊَو اھم قبيلا اچي وڃن ٿا ۽ هندستان کان ٻاهر متاني ۽ هتي وغيره. سنڌو ماٿر جي اصلي مرڪزي ڀاڱي ۾ سنڌو ديش جي نالي سان محدود نئين رياست قائم ٿي. جنھن جون حدون راجا ڏاهر جي وقت جي سنڌ سان لڳ ڀڳ ملندڙ هيون. ان سنڌو سڀيتا جي تسلسل کي برقرار رکيو مھرن تي لکت سان گڏ جانورن جو رواج گهٽجندو ويو ۽ مھرن تي صرف لکت جو رواج عام ٿيو. اھو سلسلو 1900 ق م تائين جاري رھيو. سڀاش ڪڪ توڙي ٻين انڊيا جي ماھر طرفان ايسٽرولوجي جي آڌار جي پيش ڪيل ممڪنہ عظيم جنگ ”مھاڀارت“ جو عرصو بہ 1900 کان 1850 ق م ٻڌايو آھي. ۽ سنڌو ديش جي شڪست واديءَ جي معاشي، علمي ،سماجي ۽ سياسي منظرنامي کي يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو ۽ طاقت جو توازن بدلجي ويو، ۽ نئين مرڪز(راکي ڳڙھي وارو علائقو پانڊَو گهراڻي جي گادي) ڏانھن لاڙي ۽ رجحان سبب آبادي جو توازن بہ مٽيو. سڀ کان اھم تبديلي ٻوليءَ ۾ جنم ڀومي کان ڏور جي سنڌو پراڪرت جي لھجي مان سنسڪرت جو جنم ٿيو. ۽ سناتن ڌرم نئون رخ ورتو، جنھن مان جديد ھندوازم ڦٽي نڪتو جيڪو ويدڪ ڌرم کان بنھہ گهڻين شين ۾ مختلف آھي، جنھن جي نشاندھي پارپولا جھڙا عالم بہ ڪري چڪا آھن. ”ڀارتہ ڊينسٽي“ گريئرسن مطابق اتر اولھ واري ڀاڱي کي وحشي چئي آريائي تھذيب جي دائري کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. تعصب جي بنياد تي سنڌو سڀيتا جي عظيم ورثي کي پاڻ ڏانھن منسوب ڪري تاريخي طور ان جا پيرا ئي گم ڪري ڇڏيا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين لڀن ئي نہ ٿا. پر ڌرتيءَ جي سيني ۾ دفن اھي مھرون اڄ بہ اوتري طاقت رکن ٿيون، جيڪا دنيا جي تاريخ کي ڌڏڪائڻ لاءِ ڪافي آھي!
پورو ٿيو ……….