سنڌو الفابيٽ : قديم رازن تان پردو کڻي ٿي!… ليکڪ: مھاوير ايڇ محمد

0
53
سنڌو الفابيٽ : قديم رازن تان پردو کڻي ٿي!... ليکڪ: مھاوير ايڇ محمد

حصو ٻيون ………………..

سنڌو لپي(Indus Script/ Alphabet) :

سنڌو لپيءَ جي اھم ۽ لاثاني خوبي ان جا آواز آھن. جن جي اھڃاڻن کي ھن ڌرتي ھزارن سالن کان پنھنجي سيني ۾ سانڍي رکيو، جي ڪڏھن بہ حقيقتون کلن تہ دنيا جي ڪا ٻي ٻولي دعويٰ نہ ڪري سگهي، تہ اھو اسڪرپٽ سنڌيءَ کان سواءِ ڪنھن ٻي ٻوليءَ جو ٿي سگهي ٿو! اُھا خاصيت ان جا اھي منفرد اچار آھن. جيڪي سنڌيءَ لاءِ اھو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن تہ سنڌي تہ سوين ٻولين جي ماءُ ٿي سگهي ٿي پر اھو ممڪن ئي ڪونھي تہ ڪرھ ارض جي سمورين ٻولين مان ڪا سنڌيءَ جي ماءُ ھجڻ جي دعويٰ ڪري! سو انڪري ئي اھا پراڪرت آھي يعني قدرتي، ھن ڌرتي جي خمير مان اسريل نج ٻولي!   امر فياض ٻرڙو صاحب انھيءَ خوبيءَ کي ڏاڍي خوبصورتي ۽ دليلن سان بيان ڪندو آھي سو ھتي آڻڻ ڊيگهہ جو باعث بڻبو.

 مھرون سنڌو الفابيٽ جي روشني ۾ ڪھڙا راز کولين ٿيون:

سنڌو پراڪرت جي لپيءَ جو مختصر تفصيل مٿي بيان ڪيل آھي، انھن اخذ ٿيل اکرن جي ملھن مطابق ۽ لپيءَ جي مقرر اصولن جي روشني ۾ مخصوص چونڊ ڪيل  مھرن جي پڙھڻي پيش ڪجي ٿي، جن جو لاڳاپو سنڌو سڀيتا جي اھم سوالن سان آھي، جنھن ۾ ان جو بنياد رکندڙ نسل، ان جي ٻولي ۽ ان جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي نوعيت ۽ عقيدن جي ابتدائي کول آھي . ھونئن تہ انھيءَ الفابيٽ جي روشنيءَ ۾ سمورين مھرن جي پڙھڻي ڪنھن بہ عالم لاءِ قطعي دشوار نہ ٿي رھي. ڪيترين ئي مھرن جو تفصيلي جائزو مختلف مقالن ۾ آيل آھي. ۽ سمورين مھرن جي پڙھڻي، انھن جي لساني ڇنڊڇاڻ انھن جي تاريخي پسمنظر بابت تحقيقي ڪم جاري آھي، جنھن لاءِ سنسڪرت جي اسڪالرس جي سھائتا جي سخت ضرورت آھي. گهربل مدد نہ ھئڻ باوجود ابتداعي نتيجا تمام جلد محققن آڏو پيش ڪيا ويندا، تہ جيئن مزيد اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهي. توقع آھي تہ ھيءَ تحقيق محققن لاءِ بہ  کوجنا جا نوان گس ۽ راھون کولڻ جو ذريعو ۽ سبب بڻبي ۽ تفصيلي ڇنڊڇاڻ يقينن انساني تاريخ جا نوان رخ تعين ڪندي ۽ سمورا ڳجهہ کلي سامھون اچڻ جا امڪان چٽا ۽ واضح ٿي بيھندا.

سڀ کان پھريان  اھم سوال تي اچون ٿا تہ سنڌو سڀيتا ۾ ان وقت رائج  ٻولي ڪھڙي ھئي؟ ان  سلسلي ۾ مٿئين چونڊ ڪيل مھر جي  پڙھڻي پيش ڪجي ٿي، جيڪا ان وقت جي رائج ٻولي جي وضاحت ۽ تصديق ڪري ٿي. مھر جي پڙھڻي جي اصولن جي اپٽار مٿي ڪيل آھي. مھر ٻڌائي ٿي تہ ان وقت مروج ٻولي پراڪرت ھئي جيڪا قطعي طور غير امڪاني ناھي. برھمڻي ڍڳي جو چٽ بہ انھيءَ طبقي ڏانھن اشارو ڪري ٿو تہ جيڪي لکت جا ڪرتا ڌرتا ھئا يعني برھمڻ، جن جي ھٿن ۾ ان وقت جون علمي سرگرميون ھيون. سو برھمي ڍڳو گيان جي نمائندگي ۽ علامت آھي. ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي تہ سنڌو سلطنت ۾ وسيع ايراضي ھئڻ ناتي فاصلي جي بنياد تي اھو چئي سگھجي ٿو تہ ٻولين جي لھجن يا ترتيب ۾ ٿورو گھڻو تفاوت ھجي، ٻئي پاسي جڏھن ڏسون ٿا تہ سنڌو سڀيتا جي بنيادي علائقن واريون ٻوليون اڄ ڏينھن تائين سنڌي ٻوليءَ سان سڀ کان وڌيڪ ھڪجھڙائي رکندڙ ٻوليون آھن؛ جن ۾ خاص گجراتي، راجسٿاني يا مارواڙي ۽ سرائڪي شامل آھن، جن جو بڻ بنياد ھڪ ئي آھي. تنھن باوجود سڀيتا جي لکت واري ٻولي ھڪ ئي ھئي، جنھن جي شاھدي مھرن جي ھڪ ڪري ٻولي مان جھلڪي ٿي. ۽ ھزارن سالن کان سنڌي ٻولي اھي خوبيون ۽ خاصيتون سانڍيندي پئي اچي جنھن جي گواھي ارنيسٽ ٽرمپ ھينئن ڏئي ٿو:

”جڏھن سنڌيءَ جي پنھنجين ڀينر ٻولين سان ويا ڪرڻ جي نقطہ نظر سان ڀيٽ ڪجي ٿي، تڏھن اسان سنڌيءَ کي، ٻين ٻولين ڏيھي ٻولين جي مقابلي ۾ اولين حيثيت ڏيون ٿا. ھيءَ ٻولي ھاڻوڪي دور جي مرھٽي، پنجابي، ۽ بنگاليءَ کان قديم پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي آھي، ۽ ھن ٻوليءَ وياڪرڻ جي سڀني مکيہ نقطن کي پاڻ وٽ سانڍيو ۽ سنڀاليو آھي؛ انھيءَ ڪري سڀ ڀينر ھن سان ساڙ رکن ٿيون.“

”سنڌيءَ ۾ جيڪي خصوصيتون آھن، تن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي قديم پراڪرت سان ويجهڙائي رکي ٿي.“

پراڪرتن جو سنسڪرت کان پراڻو ھئڻ وارو خيال بہ ڪو نئون ۽ حيران ڪندڙ ڪونھي . ڇاڪاڻ تہ سنسڪرت، پراڪرت جو سڌريل روپ ھئڻ وارا نظريا موجود آھن، انھيءَ مد ۾ ڪيترائي عالم پنھنجا علمي خيال ۽ دليل پيش ڪري چڪا آھن. اھي نتيجا لسانيات جي اصولن مطابق  ٺھڪي بہ اچن ٿا. ۽ مغرب ۽ ڀارت جي ڪجھہ عالمن جا ابتڙ ۽ غير حقيقي ۽ غير منطقي خيال ۽ دليل تہ سڀ ٻوليون سنسڪرت مان نڪتل آھن، جي  نفي  بہ ڪن ٿا. جيڪي مصنوعي منطق ۽ لسانيات جي بنيادي اصولن کي بہ اورانگھيو وڃن. سنسڪرت مان پراڪرتن جي ارتقا گھڻن ئي ھنڌن تي کٽي پوي ٿي، ھتي صرف آوازن ۽ اچارن کي ڌيان ۾ رکجي تہ ڌيئرون ماءُ کان وڌيڪ سرس نظر اينديون، جيڪي آرين لڏپلاڻ جي نظريي جي عشق ۾ ڪن لاٽار جي ور چڙھيو وڃن. اڻويھين صدي ۾ اولھ جي عالمن آرين جي حملي آورن ھئڻ واري نظريي کي مقبول بڻائي ڇڏيو ھو. ۽ نظريي جي مقبول علمي پذيرائي جي ڪري تاملي ٻولي جي قدامت سبب سنڌو سڀيتا جي اميدوار ٻوليءَ طور دراوڙي نظريي اھم جاءِ والاري ورتي، جيڪا زميني حقيقتن جي بنھہ ابتڙ ھئي. ڪرھ ارض تي سڀ کان پھريان ارتقائي مرحلا طئي ڪري، علمي سرگرمين ۽ وسيع سلطنت جي انتظامي ۽ سياسي ٻولي ھئڻ جو موقعو ماڻڻ ناتي ھڪ ڪامل ٻولي ۽ زبان جو درجو ماڻيندڙ پراڪرت ئي ھئي. سنڌونانءُ سڀيتا جي نسبت ۽ تاريخي پسمنظر ناتي اختيار ڪيو ويو آھي. ان جو اثر نہ صرف سنڌو يورپين ٻولين تي پر سامي ۽ دراوڙي زبانن تي بہ نمايان آھي. توڻي تھذيب جي ابتداء کان اڳ وچ ايشيا ،ايران توڙي انڊيا ۾ لاڏائو قبيلن جي ابتداعي ٻولين جي لاڳاپن کي بہ نظر ۾ رکون، تنھن باوجود ارتقائي اصولن مطابق سنڌو پراڪرت ئي تڪميل جي درجي پھچڻ واري پھرين ٻولي چئبي ۽ باھمي تعلق جي پس منظر کي بہ ڌيان رکون تہ بہ ڄاڻايل خطن جي ابتداعي ٻولين ۾  ان جي حيثيت بہ مرڪزي ئي ھئڻ گھرجي! سڀ کان اھم دليل ان جا اچار يا آواز آھن جيڪي ثابت ڪن ٿا تہ سنڌي ڪنھن ٻي ٻوليءَ مان نڪتل نہ ٿي ٿي سگهي. ان ڪري ئي اھا سنڌو يورپين ٻولين جو سڌي ۽ اڻسڌي طور بڻ بنياد ۽ اصل آھي، سنڌو يورپين ٻولين جي ماءُ آھي.  سمورا لساني اصول ان ترتيب تحت ئي پرکڻ سان ارتقا ۽ فطرتي اصولن کي واضح ڪرڻ ۾ تقويت ملي سگهي ٿي، جيڪي ھن وقت تائين مبھم ۽ غير حل شدہ آھن . انھيءَ سلسلي ۾ سراج صاحب جو بھترين ڪم ٿيل آھي، جنھن کي اڳتي وڌائي واضح ۽ فيصلا ڪن نتيجن تائين پھچي سگهجي ٿو. بحرحال ھيءُ مختصر بيان ڪيل جائزو بنيادي طور مھر جي پڙھڻي جي نتيجي تي مشتمل آھي، ۽ سنڌي ٻولي جي ارتقا يا بنياد تي تفصيلي بحث نہ آھي ۽ آڻڻ بہ ھن مضمون ۾ ممڪن ڪونھي  . ھتي صرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪجھہ سنڌيءَ جا ”ٻ“ جي اچار سان شروع ٿيندڙ چند لفظ ڏجن ٿا جن جا بنياد (Etymological roots) يورپ  جي لسانيات جي ماھرن کي ھٿ ئي نہ ٿا اچن. جيئن: ٻرڻ Burn ، ٻہ bi- وغيرہ ۽ ايندا بہ ڪيئن جيستائين سنڌيءَ کي گهربل درجو نہ ٿو ڏنو وڃي!

سنڌو سڀيتا جي وسعت ۽ ان جا بانيڪار:

ٻيو اھم سوال جيڪو سوا صدي کان مٿي محققن ۽ ماھرن وٽ گرم بحث جو موضوع رھيو آھي اھو آھي، سنڌو سڀيتا کي وسائيندڙ!  آرين نسل جي برصغير کان ٻاھر قديم سلطنتن جون شاھديون جنھن ۾ وچ ايشيا، اوڀر يورپ ۽ وچ اوڀر جا علائقا اچي وڃن ٿا. تاريخيدانن ۽ عالمن مليل شاھدين تحت ھڪ ترتيب جوڙي ۽ رگويد کي ٻاھران آڻي برصغير ۾ نام نھاد آرين کي سنڌو کان مٽيل نئين تھذيب جي شروعات جو بانيڪار چيو. مٿان جرمن جي آرين شدت پسندي جي لھر ! مامرو سلجهڻ بدران ويو ايگهنجدو، سنڌو سڀيتا جي مڪمل طور ظاھر ٿيڻ کانپوءِ سمورو منظر بدلجڻ کپي ھا، ۽  پھريان ئي جڙيل سموري ترتيب کي نئين سري سان جوڙڻ ۽ امڪان جو فائدو، ويدڪ تھذيب کي سنڌو تھذيب جو تسلسل ھئڻ واري خيال کي ملڻ گهرجي ھا، پر سياسي پسمنظر جي ڪري اھو ممڪن نہ ٿي سگهيو پر دير ئي سھي آرين لڏپلاڻ واري ڦوڪڻي مان ھوا ضرور نڪري وئي آھي ۽ اھو نظريو مقبوليت وڃائي چڪو آھي. انوقت جي آبادي جي تناسب سان جي ٻارين ٻچين سمورن ايناتوليائي آرين کي آڻي سنڌو تھذيب ۾ رھائجي ھا تہ بہ ان وقت جي وسيع سنڌو تھذيب جي  ھڪ ننڍي صوبي يا رياست جيتري علائقي مس ماپن ھا. ھاڻي جي عربن يا فارسين وانگر حملو ڪري صدين تائين حڪومت بہ ڪئي ھجي جي اھو بہ مڃون تہ ھينئر برصغير ۾ جيئن عربن ۽ فارسين جي موجودگي آھي تہ آرين جو وجود ان کان مختلف نہ ھجڻ گهرجي ھا. شايد عربن ۽ فارسين وٽ آرين وانگر شُو منتر نہ ھيو، جن ڦوڪ سان سموري سنڌو سڀيتا جي آبادي کي غائب ڪري ڇڏيو، جنھن جا سِرا اڄ تائين نہ ٿا ملن! واھ جا چمتڪاري ھئا! سنڌو سڀيتا جا قلعا فتح ڪري، سمورو مال ملڪيت لٽي ڦري مقامي آبادي کي تھس نھس ڪري، ھڪ ھڪ کي ڀڄائي ڪڍيائون، جن وڃي پاسا ورتا، پنھنجي ٻولي رائج ڪيائون ۽ وري شريف ۽ سادا اھڙا جو مال ڍڳا وٺي ٻھراڙيون آباد ڪيائون شايد سمورو لٽيل مال دان ڪري ڇڏيو ھوندن! اُچت ماھرن اسان کي اھڙي ڌنڌي سان لائي ڇڏيو تہ اسان ويٺا انھن اٽڪين ٻٽڪين کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريون! توڙي جو عام فھمي بہ حقيقتن جي کول ڪيون ويٺي آھي. انڊيا جي عالمن ۽ ماھرن ان مد ۾ ڀرپور نموني دفاع ڪري پاڻ ملھايو آھي پر ڌڪجن صرف سنسڪرت جي عظمت ۾ ٿا، جنھنڪري ڳجهہ سلجهڻ ۾ اڃا بہ وقت درڪار آھي!

اولھہ جي عالمن کي بہ خبر ناھي ڪھڙي ”ڪاربن ڊيٽنگ“ آھي جو سدائين سميري تھذيب ئي سڀ کان قديم تھذيب ھئڻ جا نتيجا ٿي ڏئي! سنڌو سڀيتا جون مھرون تہ بلڪل ان جي برعڪس ڪجهہ ٻيو ٿيون ٻڌائن! سميري تھذيب جو اساس جنھن تي سموري سميري تھذيب جا بنياد بيٺل آھن سا ” An اين“ ديوتا يا خدا ۽ انھيءَ سان واسطو رکندڙ ”انوناڪي“ ديوتائن خدائن جو سلسلو جڙيل آھي. جنھن جي بنياد تي سمير جي سموري فلاسافي، مذھب ۽ عقيدت بيٺل آھي. سي تہ سنڌو تھذيب جي ثانوي يا وچين دور جا ديوتا آھن.

ان حقيقت کي پڌرو ڪرڻ لاءِ سنڌو سڀيتا جون ھيٺ ڏنل چونڊ مھرون پيش ڪجن ٿيون، تہ ان ‘An’ ديوتا جا پيرا ڪٿي ٿا کُپن.

پھرين مھر ”وا“ سنسڪرت جي ڊڪشنرين مطابق ”وروڻ“ ديوتا جي نالي کي ظاھر ٿي ڪري ٻي مھر ۾ ”ايڻ“ وا سان گڏ لڳل آھي جنھن جي معني بہ شرف وارو يا عزتدار جي آھي ۽ ”وروڻ“ دراصل ”وا ايڻ“ جي بگڙيل صورت آھي، جيڪو سمير جي تھذيب ۾ ”اين“ طور ئي استعمال ۾ رھيو، جيڪو سمير جي سموري علمي حيثيت جو بنياد آھي. ھاڻي ٽين مھر حقيقتن کي بلڪل چٽو ڪري بيھاري ٿي تہ ”ايڻ“ يا ”وروڻ“ اولھہ ڏکڻ ايران جي قديم تھذيب ايلمي جي شھر ”سُشا“ جو نہ صرف حڪمران ھو پر پنھنجي دور جو مقبول ترين اوِتار بہ ھو. اھو ھنڌ اڄ بہ انھيءَ نالي سان قائم آھي ۽ ايليمي تھذيب جا 2800 ق.م جا آثاربہ موجود آھن ۽ جنھن ويدڪ تھذيب جو جُز ھئڻ ناتي نہ صرف ”اويستا“ کي بنياد فراھم ڪيا، پر سموري قديم ايراني آئڊيولاجي جو بنياد آھي. وروڻ ديوتا جي سشا شھر سان تعلق جو رگويد ۾ چٽو ۽ واضح  ذڪر ملي ٿو. ايليمي اسڪرپٽ ۽ سنڌو اسڪرپٽ جي نشانين جي ھڪجھڙائي جي ھئڻ جي امڪان ڏانھن ھنٽر ۽ ڪجهہ  ٻيا عالم ڌيان ڇڪائي چڪا آھن تازو فل جو مقالو بہ پڙھي سگهجي ٿو.

سو اھا ڳالھ چٽي ٿي بيھي ٿي تہ سميري تھذيب جو بنياد وجهندڙ سنڌو تھذيب ئي ھئي، جيڪا موھن جي دڙي جي عروج واري دور جي ھمعسر ھئي ۽ انھيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌو تھذيب جو پسمنظر سميري تھذيب کان گهڻو اوائلي ۽ قديم آھي. ساڳئي طرح رگويد جي قدامت بہ موھن جي دڙي کان اوائلي آھي اھو چوڻ ۾ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ رگويد ئي سنڌو تھذيب کي عروج ۽ اونچائي ڏيڻ جو سبب بڻيو جيئن قديم دورن ۾ مختلف ڪتابن ڪيو. ۽ ان جي اوائلي ۽ ابتداعي سڃاڻپ ”پراسُٽ (ر) يا پرا سوترا“ ھئي. جيڪو ھيٺ ڏنل مھر ۾ واضح آھي.

تازو مصر جي اھرامن جي کوج دوران ڪنگز چيمبر ۾ ”اوم“ جي لکت ھٿ آئي آھي ۽ ھڪ پٿر مان بہ نڪرندڙ وائبريشن بہ اھو آواز اڀاري ٿي. ڪجهہ عالم ۽ ماھر من گهڙت ۽ ھٿ ٺوڪين خيالن کان بہ نہ ٿا ڪيٻائن ۽ انھيءَ آواز کي يونيورسل وائبريشن سائونڊ چئي نہ صرف ان کي ”ايلين“ خلائي مخلوق سان جوڙڻ جو کل ڏياريندڙ مفروضو ۽ تصور پيش ڪن ٿا. ڳالھہ اتي دنگ نہ ٿي ڪري اھي ”انوناڪي ديوتائن“ جو بہ ناتو خلائي مخلوق ”ايلين“ سان ڏيکارڻ بابت ڪتاب بہ لکجي چڪا آھن. صرف انھيءَ بنياد تي تہ انھن لاءِ لکيل آھي تہ اھي ٻاھريان يا ڌاريا ھئا جيڪي حقيقت ۾ ھئا بہ ! پر وچ ۾ خلائي مخلوق آڻڻي آھي پر زميني حقيقتون مڃڻيون ناھن. سنڌو سلطنت جي عروج واري زماني ۾ ان جا حڪمران ڪير ھئا؟ يقينن اھو بي حد اھم سوال آھي ضرور مھرن ۾ ان جو ذڪر بہ ھئڻ گهرجي ، انھي لاءِ موضوع سان ملندڙ مخصوص مھرن جي چونڊ ڪئي وئي آھي، مچينرموجب ھيٺ ڏيکاريل انھن  اھم لکت وارين مھرن جي خاص ڳالھہ ھيءَ آھي تہ انھن جو تعلق صرف موھين جي دڙي سان آھي، ٻي اھم ڳالھہ تہ اھي ٽامي جون آھن، جيڪي لکت ۾ موجود مفھوم جي خاص اھميت ھئڻ جي تصديق ۽ پٺڀرائي ڪن ٿيون. بنا ڪنھن شڪ شبھي جي موھين جي دڙي کي انھيءَ عظيم سلطنت جي گادي بہ ثابت ڪن ٿيون. لکت جا حوالا مھاديون جي ڪتاب تان کنيل آھن.

مھرن جي پڙھڻيون ان ڳالھہ جي تصديق ڪن ٿيون تہ موھن جي دڙي شھر جو حڪمران گهراڻو ”ھيا خاندان“ ھيو، جنھن جو بنياد ”يادو“ نالي بادشاھہ جي نک مان ھو ۽ انھيءَ گهراڻي جو عظيم حڪمران ”ارجن ڪارتياوير“ ھيو. ويدڪ ادب ۽ تاريخ ۾ انھيءَ غير معمولي دور جي عظمت ۽ شانداريت جي تمام گهڻي ساراھہ ملي ٿي، شايد ايتري جو انھيءَ بيان کي ديومالائي قصو چئي رد ڪيو وڃي ٿو، سبب صرف ايترو آھي تہ ويدڪ دور 1700 ق م جي سئي تائين اٽڪيل آھي ۽ ميسوپوٽيميا، ايران يا وچ ايشيا ۾ اھڙي حڪمران جو  ڪووجود نہ ٿو ملي ۽ ھڪ پاسي ويدن جي تاريخ کي پوئتي سورڻ لاءِ تيار ئي ناھيون ٻئي پاسي برصغير جي تاريخ جا ٻہ اھم باب ”آريا ورت“ ۽ ”ڀارتيہ خاندان“  تاريخي طور فٽ ئي نٿا ٿين. انڪري انھن جي اڪثر تاريخي حقيقتن کي ديومالائي قصا چوڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ تہ1800  ق م تائين دنيا جي مڪمل تاريخ نہ بہ سھي پر ٽٽل فٽل شاھديون ضرور ملن ٿيون، ان ۾ ڪٿي بہ ”آريا ورت“ ھڪ حقيقت طور نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ ”ھِتي آرين“ يا ”متاني آرين“ جون 1800 ق م ۾ برصغير کان ٻاھر حڪومتون ٺاھيل نظر اچن ٿيون. مھرن جي پڙھڻي کان پوءِ اھو راز مخفي نہ ٿو رھي تہ سنڌو سڀيتا تي حڪمراني ڪندڙ ڪير ھيا!  سو بنا ڪنھن شڪ شبھي جي درحقيقت سنڌو سڀيتا ئي ” آريا ورت“ ھئي، جنھن جي وسعت ڄاتل سموري قديم دنيا تائين پکڙيل ھئي. جنھن جو مرڪز موھين جو دڙو ھو. سڌي يا اڻسڌي طور سمورو اختيار مرڪز وٽ ھيو. ”عظيم ٻوڏ“ جنھن جو امڪاني عرصو 2300 کان2200  ق م ھيو.  …………………. جاري آهي