حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ 4 هزار 656 ڪيوسڪ جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گڊو جو مٿانهون وهڪرو 24 ڪلاڪن ۾ 28 هزار 342 ڪيوسڪ مان گهٽجي 23 هزار 686 ڪيوسڪ ٿي ويو. پاڻي گهٽجڻ سبب گڊو جي لهواري وهڪري ۾ 19 هزار 172 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ سبب سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جا وهڪرا سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. گڊو جي واهن ۾ پاڻي جي کڻت به گهٽائي وئي. سکر جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 40 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 255 ۽ هيٺانهون وهڪرو 210 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو.