عظيم تهذيبن کي جنم ڏيندڙ سنڌو درياءَ کي سڪائي سنڌ کي ريگستان بڻائي پنجاب جي ريگستان بڻيل چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنالن جي صورت ۾ خطرناڪ منصوبي جون وڌيڪ ڇرڪائيندڙ حقيقتون منظر عام تي اچي ويون آھن. جتي سنڌو درياءُ تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ جون سازشون ٿي رهيون آھن، اتي نه رڳو 3 وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ لاءِ پنجاب ۽ وفاق بجيٽ رکي سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي تڪراري ڪئنالن جو انگ وڌائي 9 ڪري ڇڏيو آھي پر انهن ڪئنالن مان وڌيڪ خطرناڪ چولستان ڪئنال آھي، جنهن ذريعي پنجاب جي سموري بيابان ۽ ريگستاني علائقي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ خطرناڪ چولستان پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو آھي. جيتوڻيڪ ابتدائي طور سنڌو درياءُ تي 6 ڪئنال جن ۾ چولستان ڪئنال، جلالپور ڪئنال، ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي وڌائي ان مان چوبارا لنڪ ڪئنال ڪڍڻ، ٿر ڪئنال ۽ ڊي جي ڪئنال جو راڳ آلاپيو پئي ويو پر اوچتو وفاق ۽ پنجاب جي نيت وڌيڪ خراب ٿي پئي، اسلام آباد لنڪ ڪينال، تريمو لنڪ ڪينال ۽ ايم ٽي لنڪ ڪينال ٽن ڪئنالن جو اضافو ڪري انهن لاءِ رقم به مختص ڪئي وئي آھي
سنڌو درياءُ تي نوان ڪئنال اڏي جتي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آھن، اتي چولستان ڪئنال بابت اهم حقيقتون سامهون آيون آھن جنهن موجب 2023 ۽ 2024ع ۾ چولستان سميت ڪئنالن واري معاملي کي پنجاب ۽ ارسا پريزنٽيشن جي صورت ۾ وفاق آڏو پيش ڪيو آھي ۽ 7 جون 2024ع تي تڪراري چولستان واٽر پراجيڪٽ لاءِ پاڻي جي اضافي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو آھي ۽ چولستان ڪئنال کي سرڪاري پيپرز ۾ چولستان فلڊ ڪئنال ظاهر ڪيو ويو آھي.
سنڌو درياءُ مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ بابت تحقيق ڪرڻ کانپوءِ انڪشاف سامهون آيو آھي ته اهو سڀ ڪجھ در اصل ۾ پنجاب جي ريگستان بڻيل چولستان جي 66 لک 55 هزار 3 سئو 60 ايڪڙ ايراضي زمين کي مختلف مرحلن ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ان کي چولستان واٽر پراجيڪٽ جو نالو ڏنو ويو آھي، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ سمالر چولستان جي 19 لک 96 هزار 6 سئو ايڪڙ ايراضي زمين ۽ ٻئي مرحلي ۾ گريٽر چولستان جي 46 لک 58 هزار 7 سئو 60 ايڪڙ ايراضي گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت آباد ڪرڻ جو منصوبو ترتيب ڏنو ويو آھي.
پنجاب ۽ ارسا پاران تيار ڪيل پيپرز مطابق چولستان ڪئنال فيز 1 ذريعي 45 هزار 5 سئو ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهبي، جڏھن ته چولستان لنڪ ڪئنال جي فيز 2 تحت 74 هزار 4 سئو ايڪڙ ايراضي آبادي لائق بڻائي سگهبي، جنھن لاءِ چولستان لنڪ ڪئنال کي هڪ سئو 76 ڪلوميٽرن جي ڊگهي لائين طور ان جي فزيبلٽي تيار ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ 4 هزار هڪ سئو 20 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو ويندو، جڏھن ته خطرناڪ ڳالھ اها به آھي ته چولستان لنڪ ڪئنال کي ٻين سب ڪئنالن ذريعي واڌو پاڻي ڏياريو ويندو، جنهن موجب آر ڪيو ڪئنال ڪڍيو ويندو، جنهن ذريعي 19 هزار کان 25 هزار ڪيوسڪس پاڻي ان ذريعي کنيو ويندو، جڏھن ته ڪيوبي لنڪ ڪئنال ذريعي 22 هزار کان 25 هزار ڪيوسڪس پاڻي کڻت ڪئي ويندي. ساڳئي ريت بي ايس ڪئنال ذريعي 24 هزار 5 سئو کان 28 هزار 7 سئو ڪيوسڪس تائين اضافي پاڻي کڻي سگهبو ۽ انهن ٽنهي سب ڪئنالن جو آخري ڇوڙ چولستان لنڪ ڪئنال ۾ ٿيندو، جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٻن وڏن ڪئنالن روهڙي ۽ نارا ڪئنالن جي پاڻي ڊسچارج به ايتري نه آھي. ٻئي طرف جلالپور ڪئنال پراجيڪٽ ذريعي پڻ پنجاب جي هڪ لک 68 هزار 6 سئو 84 ايڪڙ ايراضي زمين آباد ڪري سگهبي.
مجموعي طور تي سڀ کان وڌيڪ چولستان لنڪ ڪئنال ۽ ٻئي نمبر تي جلالپور لنڪ ڪئنال ذريعي سموري پنجاب کي آباد ڪيو ويندو، جڏھن ته انهن سمورن 9 ئي ڪئنالن جي ٺھڻ سان سنڌو درياءُ ۾ گڊو کان هيٺ پاڻي جي فراهمي زيرو تي وڃي پهچندي، جيڪا صورتحال سنڌ لاءِ انتهائي هاڃيڪار بڻجي ويندي، ڇاڪاڻ جو هن وقت ئي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي جيڪا خطرناڪ کوٽ واري صورتحال آھي، ان مان زراعت ته پري جي ڳالھ پر سنڌ جو عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آھي ۽ اهڙي صورتحال ۾ خدانخواسته اهي تڪراري ڪئنال ٺھي به ويا ته پوءِ سنڌ لاءِ ڪھڙي صورتحال بڻجندي، ان مان هينئر ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو.
سنڌو درياءُ ۾ ڊائون اسٽريم تائين پاڻي جي مجموعي طور تي ورهاست جو ڇيد ڪبو ته جتي ڏيڍ سئو سالن کان وٺي سنڌ کي ڊائون اسٽريم تائين پنهنجي حصي جو پاڻي نه مليو آھي، اُتي ڪيل تحقيق ۽ سروي مطابق 1976ع کان 1998ع تائين مجموعي طور تي ڪوٽڙي کان هيٺ (ڊائون اسٽريم ۾) 40 اي ايم ايف پاڻي ايندو رهيو آھي، جنهن ۾ ٻوڏن دوران وهڪرن جو پاڻي به شامل آھي، جڏھن ته 1999ع کان 2023ع تائين ڊائون اسٽريم ۾ صرف ٻوڏن دوران 14 اي ايم ايف پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو، باقي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ مسلسل زيرو رهيو آھي، جنهن سبب گذريل ٿوري عرصي دوران سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ مٺي پاڻي جي مسلسل عدم فراهمي سبب ڊيلٽا تباهي ڪناري تي پهچي وئي آھي. سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين جي 8 تعلقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گهوڙاٻاري، ميرپور ساڪرو، جاتي، شاهبندر، بدين ۽ گولاڙچي جي لڳ ڀڳ 50 لک ايڪڙ ايراضي زمين سمنڊ پائي ڳڙڪائي زرعي آبادي کي تباھ ڪري تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آھي، جنھن سبب عالمي ماهرن اهو خدشو ڏيکاريو آھي ته سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ جيڪڏھن پاڻي جي فراهمي واري صورتحال ساڳي برقرار رهي ته پوءِ 2050 کان 2060ع تائين نه رڳو ٺٽي، سجاول، بدين يعني لاڙ واري خطي جو نقشو بدلجي ويندو ۽ هنن ضلعن جا تاريخي شھر به سمنڊ جي ور چڙھي ويندا پر ڪراچي جھڙي بين الاقوامي شھر کي به سمنڊ ڳيھي ويندو، جيڪا صورتحال بهرحال انتهائي تشويشناڪ آھي پر مٿين اقتدار تي ويٺل حڪمران طبقي خاص طور تي وفاقي صورت ۽ پنجاب پنهنجي من مستي واري هوڏ تي قائم آھن، جنهن سان ملڪ جي وحدانيت لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا، جنهن تي رياست کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.