مٺي ( رپورٽر ) “سنڌوءَ درياهه تي ڪئنال نامنظور” مٺيءَ ۾ احتجاجي مارچ، شهر جو گشت، ڌرڻو خبر موجب مٺي ۾ ايس ٽي پي ٿرپارڪر پاران سنڌوءَ درياهه مان امڪاني طور نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن خلاف ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن وائس چيئرمن حيدرشاهاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، خدابخش درس، ضلعي صدر گهنشام مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي کان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مکيه رستن تان گشت ڪرڻ بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ايس ٽي پي ڪارڪن مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ۽ ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا هنيا، احتجاج  کي ايس ٽي پي وائس چيئرمن حيدرشاهاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، خدابخش درس، گهنشام مالهي، ڏيوجي ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو دريا سموري سنڌ جو جياپو آھي جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌوءَ درياهه مان زوري ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ڪنداسين، هنن وڌيڪ چيو ته هي پ پ جي سنڌ سرڪار عوام آڏو ڪوڙ پئي ڳالهائي ته اسان کي خبر ئي ڪونهي، نواز سرڪار اسانجي راءِ بنا اعلان ڪيو آھي، جڏهن ته ڪئنالن جي صدر آصف زرداري پاڻ اجازت ڏني آھي ۽ سمري تي صحيح پڻ ڪئي آهي، سنڌ سرڪار کي کپي ته اسيمبلي مان ڪئنال خلاف قرارداد پاس ڪرائي، اسين ٿر جي عوام کي گذارش ٿا ڪريون ته 8 ڊسمبر تي ڊاڪٽر قادرمگسي جي اڳواڻي ۾ ڦوهارا چوڪ ڪراچي تي ڪئنالن خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين.