سکر/خيرپور(رپورٽ: ممتاز بخاري/فاروق سومرو/عرفان ڦلپوٽو) سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي 72 ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري. ڌرڻيءَ تي نامعلوم ٽن گاڏين تي سوار هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي ڪئي.. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور تي بلاڪ، مسافر توڙي ڊرائيور رلي ويا. وڪيلن جي ڪور ڪميٽيءَ جو اڄ آئينده جو لائحه عمل جوڙڻ لاءِ اجلاس ٿيندو. ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪرڻ، سنڌ مان پنجاب ويندڙ گئس، يوريا پاڻ جي سپلاءِ بند ڪرڻ سميت مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويندو. اڳواڻڻ جو چوڻ آهي ته اسان حملن، فائرنگ، ڌمڪيون کان ڊڃڻ وارا ناهيون، مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، موت کي قبول ڪري سگهون ٿا پر پوئتي نه هٽنداسين. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تان ڌرڻو تيستائين جاري رهندو جيستائين سنڌوءَ تي ڪئنال تعمير ڪرڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو. تفصيل موجب سنڌوءَ درياءَ تي ڇهه نوان ڪئنال اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا خلاف وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، قربان ملاڻو، اطهر عباس سولنگي، سکر، خيرپور جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو 72 ڪلاڪن کان جاري آهي. جنهن ۾ مختلف تنظِمن، پارٽين، قومپرست جماعتن، اديب، دانشور، مذهبي، سول سوسائٽي، شاگرد، استاد تنظِمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن، معذورن، هنڌو پنچائت جي اڳواڻن پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ، سرفراز ميتلو، قربان ملاڻو ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڏرڻي کي 72 ڪلاڪ مڪمل ٿي ويا آهن. اڄ سومر ڏينهن منجهند ٻئين وڳي ميٽنگ آهي. ۽ پنجين وڳي پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي جنهن ۾ آئينده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. فائرنگ ڪندڙ اهي ماڻهو آهن جيڪي اڳ ئي حملو ڪري چڪا آهن، ڊيڃاري ڌمڪائي چڪا آهن. هاڻي وري ٽريلر ڏنو ويو آهي. صبح ٽي گاڏيون آيون، جن مان هڪ وي ايٽ، فارچونر، هڪ بليڪ ڪلر ريوو هئي. انهن چئي ڪئمپ جو جائزو ورتو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. جڏهن انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پڪڙڻ دوران عبدالحڪيم ۽ عزير ڪيريو کي زخم آيا. پوليس جي سائرن وڃائڻ تي فرار ٿي ويا. هنن چيو ته اوهان جيترا به بزدلانه حملا ڪريو، ڊيڄاريو پر اسان پوئتي نه هٺنداسين، اسان گهران ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون ڀلي اسان جي جان هلي وڃي اسان پوئتي نه نه هٽنداسين. اسان کي ڊيڃارڻ، ڌمڪائڻ، بزدالانه ڪاروائي ڪري ٽائيم ضايع ڪرڻ بدران ڪئنالن کي ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، پوري سنڌ جي عوام کي جنهن تڪليف ۽ پريشانين ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي اها ختم ڪئي وڃي، فلحال ٻڌون ٿا هن هيئن چيو هن هونءَ چيو، اسان جي ايجنڊا ۾ سنڌوءِ تي ڪئنالن واري ڳالهه تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. پاڻي نه هوندو ته هي ائين ئي مري ويندا. تڙپي تڙپي مرڻ کان ڀلو آهي ائين ئي مري وڃون سنڌوءَ لاءِ وڙهندي، سنڌ جي بقا لاءِ جنگ ڪندي عزت سان مرڻ بهتر آهي، ڪئنالن کي رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن کڻي ايندا ته ڌرڻو ختم ٿيندو. نامور اديب تاج جويو، ليکڪ ۽ اديب جامي چانڊيو ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان حيدرآباد کان هِتي ڌڻي ۾ شرڪت ڪئي آهي، ڪئنالن خلاف سنڌ واسين متحد ٿي شھر وستي واھڻ ڳوٺ سميت سنڌ جا سمورا قومي شاهراهه مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جا باشعور وڪيل توڙي هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عوام روڊن تي آهي جيڪي ڪئنالن واري منصوبي جي کي رد ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌو درياءَ ۾ سنڌ کي گهربل پاڻي ئي نه ڏنو وڃي نتيجي م سمنڊ وڏي ايراضي ڳرڪائي چڪو آهي. پڇڙي جا آبادگار هيمشه پاڻي کوٽ کي منهن ڏين ٿا. پنجاب سنڌ جي اڇڙي ٿر مان ڪوئلو بجلي گيس، اسان جي معدنياتي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. ڊاڪٽر پروفيسر عرفانه ملاح چيو ته هي اها واحد تحريڪ آهي جنهن ۾ پوري سنڌ متحد آهي، سياسي، سماجي، مرد، عورتون ٻار بنا فرق جي چئي رهيا آهن ته سنڌ تي نوان ڪئنال منظور ناهن. جيڪڏهن ڪنهن پٿر، سَر کان به پچندا ته اهي به چوندا ته سنڌوءَ تي ڪو به ڪئنال منظور ناهي. هاڻي پاڪستان کي هلائڻ وارن کي سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي هوڏ تان لهي سنڌ واسين جو مطالبو تسليم ڪندي ڪئنالن واري رٿا ختم ڪئي وڃي. امر سنڌو، ڪامريڊ عاليه بخشل، ايڊوڪيٽ رومانسا چانڊيو چيو ته سنڌوءَ درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف اڳ ئي مسئلن جي ور چڙهي سنڌ جا رهواسي روڊن تي آهن. بک بدحالي، بيروزگاري مهانگائي جي ستايل عوام ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ لاءِ نڪتا آهن. جنهن لاءِ وڪيل توڙي هي ماڻهو کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي پنهن جي ڌرتي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ڌرڻي ۾ نامور شآعر اديب اياز گل، ادل سومرو، ابراهيم کرل، مهر ڊٻائي چيو ته ڪئنالن واري رٿا تي سنڌ سراپا احتجاج آهي، سٺي ڳالهه آهي ته وڪيل اڳواڻي ڪري.