موهن جو دڙو(ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان هڪڙا پتڻ وٽان سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر منور حسين ٽالپر، عابد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪبا،سنڌو درياهه سنڌين جو جياپو آهي، هنن چيو ته سنڌ جا غيرتمند پنهنجي سنڌ امڙ جي زمين کي بنجر بڻجڻ ڪڏهن ڪون ڏيندا، هنن چيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو هر قرباني ڏئي سنڌو جي حفاظت ڪندو،هنن وڌيڪ چيو ته وفاق جون گهڻيون زيادتيون سنڌ برداشت ڪيون آھن پر هاڻي سنڌي خاموش ڪون رهندا هاڻي ڀرپور مزاحمت ڪبي.هنن وفاق کان مطالبو ڪيو آھي ته پنهنجو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.