سنڌوءَ تي ڪينال اڏڻ خلاف ڄامشوري ۾ ريلي، درياهه کي گلن جي ڀيٽا

0
13
سنڌوءَ تي ڪينال اڏڻ خلاف ڄامشوري ۾ ريلي، درياهه کي گلن جي ڀيٽا
سنڌوءَ تي ڪينال اڏڻ خلاف ڄامشوري ۾ ريلي، درياهه کي گلن جي ڀيٽا

ڄامشورو (رپورٽر) 23 نومبر تي اعلانيل رواداري مارچ ۽ درياهه بچايو ريلي جي جاڳرتا جي سلسلي ۾ ساڃاهه وندن ڄامشورو پهچي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن بعد سنڌو نواز گهانگهرو، عاليه بخشل، پشپا ڪماري، ماروي اعواڻ، فوزيا سينگار، قاضي خضر، ڊاڪٽر خوشحال داس ۽ ٻين ريلي جي صورت ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچي سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم وٽ سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري سنڌو تي ڪينال اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪندي وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪينال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏينداسين، اڄ سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري اهو وچن ڪيو آهي ته ڪينال ٺاهڻ واري فيصلي خلاف ساهه جي آخري تند تائين ويڙهه ڪبي. ان موقعي تي ڪامريڊ فوزيا سينگار قومي گيت پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو.