ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر )سنڌو درياءَ تي 6 ڪينال اڏجڻ خلاف جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو احتجاجي جلوس ، پيادل مارچ ، اسٽيشن روڊ تي طويل احتجاجي ڌرڻو ، ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪينال اڏجڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري ، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زئور ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين سورهيه سنڌي ، جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي ، اسماعيل نوتڪاڻي ، جيئي سنڌ محاذ جو پنهل جمالي ، ايوب ڪوريجو، ساجد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري ٽنڊو محمد خان جي الفتاح چوڪ ڀرسان طويل احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو . احتجاجي ڌرڻي کي اڳواڻن مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌو درياءِ تي نوان6 ڪينال ٺاهڻ سنڌ دشمن سازش جو حصو آهي . جنهن ۾ سنڌو تي پاڻي جوڌاڙو هڻڻ لاءِ سنڌ جي زراعت کي هميشه لاءِ تباهه ڪرڻ جي اهڙي سازش رٿي وئي آهي . جنهن سان سنڌ صدين تائين پنهنجي جياپي جي حق کان محروم ٿي ويندي . جنهن سنڌ دشمن سازش کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو . سنڌ جي عوام پنهنجي ڌرتي تي ڪنهن به ظلم زيادتي کي برداشت نه ڪندو . سنڌ جو عوام پنهنجي سرن تي ڪفن ٻڌي سنڌو جي پاڻي جي حفاظت ڪندو . حڪمرانن کي پنهنجي اهڙي فيصلي کي فوري طور واپس وٺڻو پوندو . نوان ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو رد نه ڪيو ويو ته سنڌ جو احتجاج ايوانن جو گهيرائو ڪري سخت مذهمت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو . احتجاج ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي .