وارهه(ن پ ا) وارهه ۾ عوامي تحريڪ طرفان تڪراري ڪئنالن خلاف مارچ ڪري جلسو ڪيو ويو، عوامي تحريڪ پاران ڳوٺ غازي خان مرکنڊ کان سرتاج چانڊيو، اظھر اميراڻي، معشوق مرکنڊ، قيوم مرکنڊ، عرفان منان، برڪت سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پيادل مارچ ڪري فاضل راهو چوڪ تي جلسو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن سرتاج چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 50 سيڪڙو پاڻي کوٽ ظاهر ڪئي وئي آھي ۽ شاخن مان واري پئي اڏامي پئي پر گرين پاڪستان جي نالي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، جيڪو سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ جيان آھي، جنهن کي ڪڏھن به قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته ڪئنال ٺھيا ته ملڪ ٽُٽي ويندو. حڪمران فيصلو واپس وٺن. ٻي صورت ۾ تحريڪ جاري رهندي.