مٽياري ( رپورٽر) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف جسقم ضلع مٽياري پاران ذوالفقار ڏيٿو . شھزاد سنڌي . مرتضا ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان ريلي ڪڍي مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪن ۽ شھري شريڪ ھئا مظاھرين جو چوڻ ھو ته سنڌو درياء اسان سنڌين جو جياپو آھي جيڪڏھن سنڌو تي ڌاڙو لڳو ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي اڳي ئي سنڌ جا وسيلا ڦرلٽ ٿيل آھن مٿان وري اسان جي جياپي تي ڌاڙو ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين مظاھرين جو چوڻ ھو ته وفاقي حڪومت پاران پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي سھڪار سنڌ تي معاشي حملن جو سلسلو جاري آھي ڪڏھن ذوالفقار آباد جي رٿا ته ڪڏھن ڪارونجھر جي نيلامي ڪڏھن بحريا ٽائون ته ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ڪڏھن سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي سازش ته ڪڏھن وري ڪارپوريٽ فارمنگ لاء سنڌ جي زمينن تي قبضو آخر ڪيستائين اسان سنڌي اھڙن سنڌ دشمن منصوبن جو مقابلو ڪندا رھنداسين اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ دشمن سمورن منصوبن ۾ پنجاب سان گڏ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت به شامل آھي ان ڪري اسان جو احتجاج وفاق سان گڏ پيپلزپارٽي خلاف به آھي مظاھرين جو چوڻ ھو ته جيستائين سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيندا اسان جو احتجاج جاري رھندو.