لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتالي ڪئمپ اسٽيٽ لائيف بلڊنگ ڀرسان لڳائي وئي، ڪئمپ تي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي خصوصي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ روش علي ٻرڙو، اصغر قريشي، ظريت بجراڻي، ڊاڪٽر مظھر مغل، صدرالدين ڀٽي، منظور شيخ ۽ ٻين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي پرامن سياسي جنگ جاري رھندي، 20 ڊسمبر تي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان شروع ڪئي، جيڪا اڄ لاڙڪاڻي ۾ ۽ آخري، 31 ڊسمبر ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 24 ڪلاڪن جي اڳيان بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪئي ويندي، هنن چيو ته سنڌ جي وزير تعليم سردار شاهه غلط بياني ڪري سنڌ جي عوام سان دوکو ڪري رھيو آھي ته صدر زرداري جو اختيار ناھي ته ڪئنال ڪڍڻ اسان انھن کي چئون ٿا ته صدر زرداري پنھنجا اختار اورانگھيندي غيرآئيني قدم کڻي ڪئنالن جي منظوري ڏني آھي، ملڪ جي سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي صدر زرداري کي غيرآئيني قدم کڻڻ خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت گرفتار ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو آئين کان مٿانهون قدم کڻندڙ آھي. هنن چيو ته سنڌو درياهه اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي، اسين سنڌ جي لکين ماڻھن کي گڏ ڪري طاقتور تحريڪ هلائينداسين ۽ ھن سنڌ دشمن فيصلي کي واپس ڪرائيندسين. هنن چيو ته اسيمبلي ۾ ويٺل سنڌ جا ميمبر خاموش آھن ڪو به ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر اسيمبلي ميمبر پنھنجون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ خاموش آھن جيڪا ڳالھه قابل شرم آھي. واضح رهي ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان لڳايل ڪئمپ اڄ 25 ڊسمبر تائين جاري رهندي.