ڪراچي / سکر / حيدرآباد(نمائندن وٽان )  وفاقي حڪومت پاران سنڌوءُ درياءَ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ واري عمل ۽ ڪم  جاري رکڻ خلاف  گذريل ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رهيو،   سياسي، سماجي، قوم پرستن تنظيمن،  وڪيلن، آبادگارن، ڳوٺاڻن، پورهيتنشاگردن،  ملازمن  احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي  احتجاج رڪارڊ ڪرايو، لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان سبزي منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي گجڻ پور چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو،قمبر جي ڳوٺ لکٽيا جي رهواسين ٽريڪٽر ٽرالي تي چڙهي امام علي لکٽيو، عبدالنبي، رياض لکٽيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ جي ڊبليو سي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ عورتن سميت هزارين ماڻهن احرجاجي ريلي ڪڍي، جڏهن ته مانجهي فقير ۽ سندس ساٿين يڪتاري چپڙي تي صوفي ڪلام ڳائي سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي،شھدادڪوٽ  ۾  جسقم ۽ جساف آريسر پاران نوشاد سومرو قيصر بروهي سليم مغيري ، سهيل سومرو  ، حسنين ڀٽي عرفان مهدي  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي عمرڪوٽ  ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي نوجوانن نريش ڪمار، سليم سومرو، گل بجير، شاھد ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويوبدين ۾ ھڪ ڏينھن ۾ ايوان صحافت آڏو چار وڏيون احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، رات دير سان نوجوان شاگرد دوستن غفار ساحل، باغي ذيشان، ستار مغيري، شفقت آزاد گاڏھي ۽ صنم نھڙيو جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن ڊي سي چوڪ بدين کان مشعل برادر ريلي ڪڍي ايوان صحافت آڏو 4 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي ڪينالن خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ٽنڊو محمد خان ۾ مختلف تنظيمن سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، تحريڪ انصاف، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جمعيت العلما ءِ اسلام، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ نيشنل پارٽي، سنڌ آبادگار اتحاد، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر، سول سوسائٽي، شهري حلقن، وڪيلن، ادبين گڏيل طور اسٽيشن روڊ الفتاح چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي مارچ ڪري حيدرآباد بدين روڊ تي طويل تاريخي ڌرڻو هنيو، ٺٽو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران پبلڪ پارڪ مڪلي کان جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، ضلعي صدر امجد شورو، امجد ناھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽي تائين 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي وئي ميرپور ساڪرو ۾ ٽائون ڪميٽي ساڪرو جي چيئرمين اقبال خاصخيلي سنڌو درياءُ تي ڪئنالن واري معاملي تي پنهنجي پيپلزپارٽي قيادت کي احتجاج ڪرڻ بدران وفاقي سرڪار کان ڌار ٿيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.ٺل ۾ هائي اسڪول عبدالمجيد خان کوسو ۽ سيد عيشن شاه جي استادن شاگردن ۽ مختلف سياسي پارٽين استاد يونس دايو،عبدالله کوسو جمال جوش ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميهڙ جي وڪيلن تڪراري ڪينالن خلاف تحريڪ جاري، پنجين ڏينهن به احتجاج جاري رهي، جڏهن ته قاضي عارف لڳ ڳوٺ غلام حيدر بگٽي ۾ پرائمري اسڪول جي ٻارڙن، استادن ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي . جئي سنڌ محاذ ضلع دادو جي صدر ڪامريڊ انور کوکر جي اڳواڻي ۾ باء پاس کان پيادل مارچ ڪري نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، وارهه ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران  غفار ميرجت،ڊاڪٽر دريا خان، ضمير ٻرڙو، وسيم ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.ڳڙهي خيرو ۾ عمراڻي برادري جي سڏ تي محمد ابراھيم عمراڻي ، عبدالرئوف عمراڻي ، اياز علي عمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سنڌ بلوچستان دنگ بيگاري پل تي ڌرڻو هنيو ويو، نصيرآباد ۾ پي ٽي آءِ جي سڏ تي محمد علي ھڪڙو ،  اعجاز علي شيخ آصف ڪاٺيو، معشوق غلي ايري شيراز پتوجو ڊاڪٽر محب علي ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو سن شھر ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان منٺار ڇڇر، بچل سولنگي اياز سنائي، رزاق چانڊيو نعمت الله شاھاڻي، عطا الله شاھاڻي، راجا منصور ڳاھوٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نئون ڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان مصطفي خاصخيلي، سلطان دل، حنيف مرڙاڻي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ سنتورو بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي ڏيپلو ۾ قومي محاذ ڪاميٽي جي ڪارڪن ارباب رياض، چاندو ڀيل، نندلال پريماڻي جي اڳواڻي ۾ بدين اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، صوفي فقير  ۾ سنڌ دوست سٿ ۽ شهرين جي سڏ تي آبادگارن، وڪيلن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران   اشرف پلي ،  گھمن سنگھ ڀيل ـ اياز راڄڙ ، ذاڪر بنگلاڻي عاشق سنڌي ، بلاول بنگلاڻي ،مير پلي،مھيار بنگلاڻي حادي بخش راڄڙ، غلام مجتي پلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن صوفي فقير کان  راجارستي پريس ڪلب  تائين  پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مورو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ابرار مورائي، فرياض عالماڻي، شاھ لطيف راشد، ياسين سومرو، امتياز کوسو، پرويز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو، خانپورمهر ۾ شاگردن ظهور چنا، مهتاب شر، صابر منگي، آفتاب مهر، شعيب ميراڻي، عمران سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي تلاءَ چوڪ کان نعمان شورو، قادر بخش زئور، غفور چانگ، عارب ڪيھر، فاضل خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،جهوڪ شريف ۾قومي عوامي تحريڪ سجاول ضلعي پاران اشرف پليجو، پنھل سولنگي، زين سومرو، غلام حسين سولنگي، مجيد چانگ، غلام رسول سولنگي، ۽ ٻين جي اڳواڻي سوين ماڻهن صوفي شاھ عنايت شهيد جي مزار کان پيادل مارچ ڪري مين بس اسٽاپ جھوڪ شريف پھچي ڌرڻو هنيو ويو، تلھار۾جسقم آريسر  جي سڏ تي اساما آريسر ، عاشق چانڊيو ، اياز لغاري ،مفتي عبدالصمد جمالي،مظهر حسين ڪهيري،هاشم سمون  ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو باگو بس اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مين حيدرآباد بدين بس اسٽاپ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو،ميرپور ساڪرو ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران امجد شاه وحيد رند زاھد ھالو مراد ساٽي بختيار اقازي رمضان ميربحر محسن ٿھيم جي اڳواڻي ۾ ميرپور ساڪرو شهر ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ميرپور ساڪرو ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ضلع ڪائونسل ٺٽي جي ميمبر سيد حبدار علي شاهه قدوساڻي جي اڳواڻي مين پوليس چوڪي کان مين بس اسٽاپ ٻھارا تائين ريلي ڪڍي وئي،لعلورائنڪ  ۾ تڪراري ڪينالن خلاف ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، عرفان ديشي، خادم چانڊيو،امير بليدي، منصور ٿيٻو ۽ عبيد سولنگي جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي وئي رپڙي ۾ ڳوٺاڻن امام الدين پنهور، وحيد سنڌي، نعيم ناريجو، ڊاڪٽر شريف پنھور، ڪامريڊ نثار ابڙو، غلام قادر ڪلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ،فقيرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران فريد خاصخيلي، مختيار ڀٽي، فقير الطاف لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،کپرو ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران لال جروار، عمراهه سمون، شمشاد لغاري، ستار رند، اظھار دائود پوٽو، عطاءُ الله انڙ، موسيٰ راڄڙ، حليم منڱريو، صادق ڪنڀر، مير حسن راڄڙ، امر سنڌو، زينب راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 22 ڪلو ميٽر مارچ ڪري احتجاج ڪيو ويو، اڏيرولال ۾ راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻن شاهنواز شاهه فاضلاڻي، لياقت ميرجت، وڏيري سڪندر ساهووال جي سڏ تي سوين ماڻهن جسڪاڻي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي . فريدآباد ۾ سياسي سماجي تنظيمن ايس يو پي عوامي تحريڪ جي يو آء ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ظفر علي سولنگي، ڪامريڊ انور ملاح،صاحب مارفاڻي، قاري نظير احمد بروهي سعدا ﷲ چانڊيو سجاد دوزخ چانڊيو، غلام شبير ظهير چانڊيو صفدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇنڊڻ موري تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ٻئي طرف ڪنڊيارو ۾ گذريل ڏينهن قومي شاهراه تي ڪنڊيارو ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌو درياه مٿان ٺهندڙ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان ڪنڊيارو ٿاڻي تي  دهتشگردي ايڪٽ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي  ڪنڊيارو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اي ايس آ۽ بخت علي ڪلهوڙو جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ 3 سڃاتل جوبدارن شڪيل منگي،عذير گهانگهرو ۽ محسن جتوئي ۽ 11 اڻڃاتل جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن شهدادڪوٽ ۾ ڪئنالن خلاف رت جا ڏيئا ٻاري سخت احتجاج ڪندڙ الست سنگت اڳواڻ اسد سولنگي گرفتار ڪيو ويوآهي .