ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر    ) ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ ش ڀ طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف مرڪزي چيف آرگنائيزر اڪبر جهيجو ، عبدالحميد قريشي ، منير احمد جتوئي ، پير يونس جان سرهندي ، رياست مقبول ، قادر بخش نظاماڻي ، بابو نياز قمبراڻي ، ابو ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ، مظاهرين ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، احتجاج دوران اڳواڻن چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ سنڌ جي لکين ايڪڙ آبادي واري سر سبز زرعي زمين کي بنجڻ بنائڻ جي سنڌ دشمن اهڙي سازش آهي جنهن سان سنڌ ۾ زراعت کي نقصان رسڻ سان گڏ سنڌ جو عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان ٿي ويندو.