ڪراچي/ حيدر آباد/ سکر ( نمائندن وٽان )  تڪراري ڪئنال ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف گذريل ڏينهن به سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، رهيو، سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست، ڳوٺاڻن، آبادگارن، سول سوسائٽي ڪئنالن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو حيدرآباد ۾ ايوان زراعت سنڌ جو ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف زين العابدين شاھ، زاھد حسين ڀرڳڙي ۽ نبي بخش سٺيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويوسکر ۾ ريڊرس فورم طرفان حڪيم زنگيجو، عيدن جاگيراڻي، سندر چاچڙ، ماجد علي ڏنور، نويد باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻي ۾ خاڪسار تحريڪ پاڪستان طرفان انور علي ابڙو، عبدالوحيد ابڙو، تاج محمد گوپانگ، اسد الله کھاوڙ، عمران علي دايو، برڪت علي گوپانگ، محمد وارث گوپانگ، محمد آصف ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.قمبر ۾ ڳوٺ ميڻا جي بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن طرفانپرنسيپال سعيد احمد چانڊيو، سڌير لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،نئون دمبالو ۾ عبدالغفور باگراڻي،  رئيس عبدالحق نظاماڻي عبدالغفور باگراڻي امير آزاد پنهور اسلم مهندو جي اڳواڻي ۾ ريلي  ڪڍي وئي، گولاڙچي ۾ ناز نوتڪاڻي ، ابو نوحاڻي، جاکرو نوحاڻي، منور پنھور، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج  ڪيو ويو،ٽنڊوباگو ۾معصوم ٻار به ميدان تي اچي ويا، آذان سيال، ايمن سيال، محمد محاد سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڪلوئي  ڀرسان ونگو موڙ تي آبادگارن ارباب احسان الله، ارباب ظفر الله،  عزيز ڏيرو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،سن ۾ ايس يوپي طرفان تڪراري ڪئنا ٺاھڻ خلاف عارف ڇڇر، عمر ڇڇر، قادربخش ڇڇر امام الدين ڇڇر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ٽنڊو ڄا۾ نيڪال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي  سربراهه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي شهدادپور ۾پيسٽيسائيڊ ايسوسئيشن پاران نصير خاصخيلي، ممتاز ڌاريجو، سعيد آرائين، قربان آرائين، جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،سوڀوديرو ۾ بئريسٽر ٽيم جي سڏ تي ڳوٺ خاڪي ۾ خاڪي نوجوان اتحاد، جسقم، پي ٽي آءِ سميت  ڳوٺاڻن عارف علي خاڪي، اعجاز علي خاڪي، سجاد علي، امين علي، زوار محبوب سهتو، بابر علي منگي، مجيب ڀيلار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پڊعيدن ۾ عوامي تحريڪ طرفان وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، لطيف ڀٽي، حسين، سومرو، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، علي نواز عمراڻي، سرور سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، چوٽياريون ۾ فشرفوڪ ۽ ملاح برادري پاران چوٽياريون ڊيم تي ٻيڙين تي چڙهي رمضان ملاح، حسين ملاح، محمد صالح ملاح، گل حسن ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انوکو احتجاج ڪيو،باڊھه ۾ ڳوٺ سائينداد جوڻيجو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سرفراز جوڻيجو، معين الدين جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.گمبٽ ۾ درياهه بچايو تحريڪ پاران ڪينالز خلاف 3 اپريل تي شٽربند هڙتال ڪري ابل واهه کان قومي شاهراهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي،قاضي احمد ۾ جهدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ مختلف تنظيمن جي اي پي سي خميسو خان ڀنڊ جي بيٺڪ تي ٿي،سرحد ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ قومپرست ڌرين پاران الاهي بخش چاچڙ، مير حسن لاشاري، ڪمال مهر، نظير شيخ، فقير رمضان ڪلوڙ، اڪرم ميتلو، شرف الدين انڙ، لياقت مهر، اربيلي شيخ، رابيل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.