ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف ڊاڪٽر ميدان تي اچي ويا او پي ڊي جو جزوي بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جڏهن ته تڪراري ڪئنالن خلاف عدالتي ڪاررواين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، مختلف شهرن ۾ اهتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن، ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب حيدرآباد ۾ سنڌ بار پاران ٽئين ڏينھن تي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪندي حيدرآباد ھاء ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جاري رکيو. عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ دوران ٻئي ڏينھن به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، سائلين تاريخون وٺي واپس روانا ٿيا، وڪيلن ايڊووڪيٽ الطاف سچل اعواڻ ايڊووڪيٽ آيت الله خواجه، بئريسٽر جواد قريشي، ايڊووڪيٽ بختيار پنھور، ايڊووڪيٽ محمد علي ڪولاچي، ايڊووڪيٽ مرتضي شيخ ۽ ٻين وڪيلن پاران بائيڪاٽ ڪرايو ويو ، جڏهن ته حيدرآباد جي تعلقه اسپتال قاسم آباد جي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ پيراميڊيڪل اسٽاپ اسپتال اندر احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽر “پنهنجي قوم خاطر جهيڙو آ، پنهنجن ٻچن خاطر جهيڙو آ، پنهنجي درياهه خاطر جهيڙو” وارا نعريٰ هڻي رهيا هئا. مظاهري جي اڳواڻي ڊاڪٽر بختاور ڄام، ڊاڪٽر فرزين، ڊاڪٽر مرڪ، ڊاڪٽر صفيه، ڊاڪٽر روسمينا، ڊاڪٽر صائمه، ڊاڪٽر امان الله، پيراميڊيڪل جي شبير لغاري، اصغر ڀٽي، علي حسن سومرو ۽ ٻين ڪئي، هوڏانهن پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن طرفان ڊاڪٽر محمد سارڪ جتوئي، ڊاڪٽر عبدالقدوس ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار پنهور، عباسي خاصخيلي، اياز سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهباز بلڊنگ کان ريلي ڪڍي، مٺي ڀرسان جسقم آريسر 24 ڪلاڪن مڪمل ٿيڻ بعد پاڻمرادو ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد ٿر ڪول ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي، جنگشاھي ۾ ظفر پليجو، ملڪ نواز جوکيو، راحيل پليجو ذولقرنين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جنگشاھي مڪلي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،ڪنري ۾ جسقم محمد رمضان خاصخيلي، احمد سنڌي، همير سنڌي، ارون ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آمريڪن چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ لڳائي احتجاج ڪيو، اسلام ڪوٽ ۾ ڊاڪٽر عبدالستار لنجو، ڊاڪٽر سڪندر حاجاڻو، ڊاڪٽر چيتن، ڊاڪٽر پون ڪمار، ڊاڪٽر دسرت سنگهه، ڊاڪٽر مڪيش ڪاراڻي، ڊاڪٽر مريم ايوب درس، پيراميڊڪل اسٽاف برڪت بجير، صوبدار نهڙي ،فدا حسين شاهه، وڪرم راٺوڙ، شازان بلوچ، بچل دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نبي سرروڊ ۾ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن پاران ڊاڪٽر راجيش ڪمار، ڊاڪٽر پون ڪمار، ڊاڪٽر اعجاز علي ۽ ٻين رورل هيلٿ سينٽر نبي سرروڊ ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو،عمرڪوٽ بار ايسوسيئشن جا وڪيل نائب صدر ايڊووڪيٽ ميان بخش کوسو ايڊووڪيٽ ذوالفقار گجو ايڊووڪيٽ سھڻو اوڏ سريش ڪمار ساڌواڻي منگھارام لالچند ڀيل سيد ذيشان شاهه، بشير احمد سميجو، سنگجي مل ڀيل، شوڪت مھر، ڌنيش ڀيل. ۽ ٻيا وڪيل ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيا، گهارو ۾ قومي شاهراهه تي جسقم،ايس يو پي،پ پ شهيد ڀٽو،عوامي تحريڪ، جي يو آٰءِ، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مورو ۾ قومي شاھراھ کي بند ٿئي پنجون ڏينھن، مختلف قومپرست تنظيمن، شاگردن، شھرين ۽ وڪيلن ڌرڻو جاري رکيو، ھنڱورجا ۾ حماد پبلڪ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن حسين بخش سھتو، عابد حسين سھتو، عظيم سھتو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪيو، راڻيپور ۾ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪاريون پٽيون ٻڌي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، ڊاڪٽر منظور خاصخيلي، ڊاڪٽر نعمان دايو، ڊاڪٽر عبدالرحمان شيخ، اصغر ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ميرپورماٿيلو ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وقاربوزدار، جنيد جلباڻي، سعيد بوزدار، اڪرم ميتلو، عمر ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، جمال شاهه ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي علي اڪبر انڙ، عبدالعزيز انڙ، وحيد چانڊيو ۽ سهيل چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ٺڪراٺو ۾ شاھ لطيف ماڊل اسڪول جي استادن ۽ شاگردن نور احمد مھتم، محمد حسن منگي، خليل احمد گل، اشفاق سومرو، مير حسن منگي، قطب الدين مھتم ۽ ءين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، خيرپور ۾ سنڌ ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي ڊاڪٽرن ٻانهنُ تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٽوڪن هڙتال ڪري ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، ڊاڪٽر نويد سولنگي، ڊاڪٽر ظهور ڀيلار ۽ ٻي ۾ احتجاج ڪيو، نوشهروفيروز ۾ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، ڊاڪٽر بدر الدين ابڙو، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سهتو، اشرف قريشي، سومر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، هوڏانهن نور پور جي ڳوٺاڻن اڪبر مورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، ڪنڊيارو ۾ معذورن محمد امين، اياز علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، ٽنڊوآدم ۾ وڪيلن عبدالله خٽڪ، شيخ جاويد جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، ميرپورخاص ۾ سول سوسائٽي جي سڏ تي علائقي واسين زاھدا ڏيٿو، ڪانجي ڀيل، ممتاز جروار ۽ واجد لغاري، لالا اظهر پٺاڻ، راڌا ڀيل جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص- حيدرآباد ٽول پلازا تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب حيدرآباد سميت ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي ۾ وڪيلن، سياسي سماجي اڳواڻن، ڊاڪٽرن، مقامي فنڪارن، معذورن، هاري عورتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جاتي ۾ زميندار ايڪشن فورم جي سڏ تي عادل لغاري، علي وارث شاهه، عباس علي ڀٽي، اشرف ٿهيم، حنيف ٻهريو ۽ ٻين جي اڳواڻي لينڊواهه چڪ کان شهيد فاضل راهو چڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڪئي. ڍورونارو جي ٽيڪسي ڊرائيورن ٽيڪسي ڊرائيور اڳواڻ قربان ملاح، سليمان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ڪارون، لانگ جيپون، شهزور گاڏيون شامل هيون. ٺٽو ۾ مولانا عبدالوهاب، مولانا سليم عاطف، راول ڪرناڻي، ياسر جاکرو، عمران خشڪ، حيدر شاهه، جاويد ميمڻ، مالڪ بروهي، اقبال خاصخيلي، شاهجهان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ماتلي ۾ مگسي برادري جي اسد ايوب مگسي، نواب مگسي، اسلم مهندو، تيمور مگسي، وڪيل زاهد چڍڙ، رفيق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي م سوين ماڻهن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ڄامشوري ۾ شاگردن جي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي اسد سنڌيار، درياهه خان پنهور، جانب وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن حيدرآباد کان ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياھ تائين پيادل مارچ ڪيو. ان احتجاجي پيادل مارچ ۾شاگردن، وڪيلن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. دادو ۾ پي ايم اي ۽ پئيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي ڊاڪٽر عتيق الرحمان جانوري، ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي، رضوانه پنهور، نثار احمد لاشاري ۽ امتياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ ملازمن پاران او پي ڊي جو ٽوڪن بائيڪاٽ ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سيوھڻ ۾ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ سيوھڻ جا ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف ڪئنالن خلاف جدوجھد ۾ شامل ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي سڏ تي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي, ڊاڪٽر حامد قريشي, ڊاڪٽر معظم جتوئي, پيراميڊيڪل اسٽاف جي صدر نثار سولنگي, امير بخش چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ڪم ڪار جو ٽوڪن بائيڪاٽ ڪيو ويو، فريدآباد ۾ جيئي سنڌ آريسر گروپ پاران امتياز بروهي ساجد ڏيرو مختيار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،عثمان شاهه ھڙي شهري اتحاد جي صدر شاهد حسين ساهوال، غلام مصطفي مغل، حاجي امام علي عاقلاڻي، حاجي غلام قادر ٿيٻو، سيٺ غلام بلوچ ، مير زاهد بلوچ، حاجي گل محمد بلوچ، حاجي پيرمحمدبلوچ، محمد موسيٰ جماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين سول سوسائٽي پاران پريس عثمان شاھ ھڙي آڏواحتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنجرچانگ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جنهن سان گڏ جيئي سنڌ قومي محاذ يونٽ جي اڳوان سڪندر خاصخيلي، فرمان خاصخيلي ،ذوهيب احمداڻي شاهنواز خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو. مسوڀرڳڙي ۾ سنڌ نوجوان اتحاد پاران نياز وگهيو، معشوق ترڪ،فيصل وگهيو، شاهزيب وگهيو، جي اڳوڻي ۾ الله واري چوڪ کان پريس ڪلب مسوڀرڳڙي تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي، ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران صدر اصغر پتوجو ، جنرل سيڪريٽريءَ منور جتوئي، سعيد پنھور، داد محمد مگسي ۽ ٻين وڪيلن پاران مڪمل عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪري ميھڙ ڪورٽ اندر احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. چمبڙ ۾ نوجوان اتحاد ۽ شھرين پاران نوجوان اتحاد جي اڳواڻن زوھيب حسن اوٺو رحمت زين بابو ڪنڀر شيزار خاصيخلي رياض ملڪ ۽ ٻين جي اڳوانيءَ ۾ پلي ڪارڊ کڻي اولڊ نيشنل بينڪ چوڪ کان ايريگيشن آفيس چمبڙ تائين ريلي ڪڍي وئي. نيوسعيدآباد ويجھو بکر جمالي وٽان جسقم آريسر گروپ جي سوين ڪارڪن 24 ڪلاڪن لاء مھراڻ ھاء وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڌرڻو هنيو، جنھن ڪري ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھي ويون. ٽنڊوڄام جي مير پاڙي رولر هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران ڊاڪٽر آغا فراز پٺاڻ، محرم برفت، جبار برفت سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، رتيديري ۾ انڊس هاءِ وي تي وڪيل برادري سان اظهار يڪجهتي طور سول سوسائٽي پاران شروع ڪيل احتجاجي ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري رهيو، ڌرڻي ۾ مولانا اسد الله کهڙو، حبيب سنڌي ، همٿ جلباڻي ، اڪبر طاهري ، عبدالرزاق جلباڻي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. قمبر ۾ ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي طرفان ڊاڪٽر سجاد چچو،رفيق منگي،علي نواز مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. بھرام ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي قمبر-شھدادڪوٽ مين روڊ ڳوٺ شاھي وٽ شاميانا لڳائي ڌرڻو ھڻي سنڌ- بلوچستان روڊ بند ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي گلزار احمدسومرو، حيات تنيو، امداد سومرو، شبير غلام علي مگسي،رشيد عبدالغني، نادرعلي سڄڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، دوداپور ۾ شهرين ۽ استادن طرفان اعجاز چنو سليم، بشيراحمدلهر، آصف دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران قمبر- لاڙڪاڻو روڊ تي شاميا لڳائي 10 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، زاهد مگسي، غلام علي مگسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ميروخان ۾ جي يو آءِ طرفان مجيب الرحمان تنيو، محمد يعقوب بکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪشمور ۾ ايس يو پي ۽ جسقم ڪارڪنن پاران پراڻي ريلوي اسٽيشن ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي ڏنل ڌرڻو ٻئين ڏينهن به جاري رهيو، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذيلي تنظيم سپاف ۽ پيپلز يوٿ ونگ ضلعي ۽ سٽي لاڙڪاڻي جي سڏ تي ريلي ڪڍي اعجاز احمد لغاري، اسدالله ڀٽو، خيرمحمد شيخ، طارق انور سيال، انور علي لُهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جناح باع چوڪ تي ڌرڻو هنيو. نئون ديرو ۾ شگر مل باءِ پاس وٽ سول سوسائٽي پاران لڳايل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. خالد ڪوري، فياض ابڙو، عيسيٰ جتوئي، سرتاج شيخ، راحيل ڪلهوڙو، ساجد کهڙو، شريف ابڙو، ارشاد ميراڻي ۽ ٻيا ڌرڻي جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا. ٺٽي ۾ مڪلي ويجھو باءِ پاس تي لڳل ڌرڻو 32 ڪلاڪن بعد رات دير سان ختم ڪيو ويو آهي،ڪنڌڪوٽ ۾ ٽئين ڏينهن تي به وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ جو ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي سبب پنجاب ويندڙ رستا بند رهيا، انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ ڌرڻي ۾ شھرين انساني ناتي برياني چانھه، پاڻي جو پڻ بندوبست ڪري مھمان نوازي جي مثال قائم ڪري ڇڏيو.ڌرڻي واري هنڌ جسم چيئرمين رياض چانڊيو پڻ شرڪت ڪئي. ڌرڻي جي اڳواڻي عبدالغني بجاراڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جڏهن ته ڌرڻن ۽ مطاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻ چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾تڪراري ڪئنال قبول نه ڪيا ويندا، وفاقي سرڪار سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.