“سنڌوءَ تي ڌاڙا نامنظور”، جاتي ۾ زميندارن، آبادگارن ۽ هارين جو پيادل مارچ

0
15
“سنڌوءَ تي ڌاڙا نامنظور”، جاتي ۾ زميندارن، آبادگارن ۽ هارين جو پيادل مارچ
“سنڌوءَ تي ڌاڙا نامنظور”، جاتي ۾ زميندارن، آبادگارن ۽ هارين جو پيادل مارچ

جاتي (رپورٽ: علي اڪبر ٿهيم) سنڌوءَ درياهه مان 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف جاتي ۾ زميندار ايڪشن فورم پاران سوين زميندارن، آبادگارن ۽ هارين جو ڪشمير چوڪ کان شهيد فاضل راهو چوڪ تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، زميندار ايڪشن فورم جي اڳواڻن عادل لغاري، حنيف ٻهريو، محمد خان ٿهيم، نواز ٻهريو، رزاق ٿهيم ۽ ٻين احتجاجي مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌوءَ درياهه ڪروڙين ماڻهن جو جياپو آهي، جنهن مان حڪومت 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ ۽ سنڌوءَ درياهه جو نالو ۽ نشان مٽائڻ جي چاهي ٿي آهي، سنڌوءَ درياهه جي رونق کي تباهه ٿيڻ ۽  لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائڻ واري سازش ڪڏهن به برداشت نه ڪبي، پاڻي لاءِ جدوجهد جاري رهندي، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پنجاب سان گڏجي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻائي سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاهين ٿا، ھنن چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺهڻ سان لاڙ پٽي ۽ ساحلي پٽي جا علائقا انڊس ڊيلٽا ۽ تمر جا ٻيلا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندا، ان سان گڏ لکين ايڪڙ زمين به سمنڊ ڳڙڪائي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ ساحلي پٽي جا هزارين نه پر لکين ماڻهون دربدري واري زندگي گذاريندا ۽ خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويندا، هنن چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو 2 ويلا ماني به نه ٿا کائي سگهن، زمينون بنجر ٿيون ته لاڙ پٽي ايٿوپيا بڻجي ويندي، حڪومت سنڌ جي عوام کي تباهه برباد ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌوءَ درياهه تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جا ماڻهون خاموش نه ويهندا، نون ڪئنالن جو وجود ڪروڙين ماڻهن، پکين، جانورن توڙي آبي جيوت کي مارڻ جي ڪوشش آهي سنڌي عوام کان حق کسيو پيو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻي تي داڙو هڻڻ نه ڏينداسين.