ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ  پاڻي بل ڀريندڙ پٽيشنرن کي ماهوار 5 واٽر ٽينڪر مفت ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته مقررتاريخ تي پاڻي جو ٽينڪر فراهم نه ڪرڻ تي درخواستگذار انتظاميه ۽ عدالت کي آگاهي ڏيندا، عدالت ڪينٽونمينٽ بورڊ انتظاميه کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو, عدالت چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪينٽونمينٽ بورڊ انتظاميه خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر راجپوت ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان رهواسين کي پاڻي نه پيا ڏيو،  پوءِ پاڻي جو بل ڇو پيا وٺو؟ جنهن تي ڊي ايچ اي جي وڪيل چيو ته پاڻي جون چارجز مينٽيننس جي مد ۾ ورتيون پيون وڃن، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان کي پاڻي  پائيپ لائينن بدران ٽينڪرن ذريعي ڏنو پيو وڃي، جنهن لاءِ الڳ پئسا ورتا پيا  وڃن، جنهن تي  جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته  اسان معاملي کي چيف جسٽس ڏانهن موڪلي رهيا آهيون ته جيئن لارجر بينچ جوڙي وڃي. درخواست گذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ به اهڙو فيصلو ڏئي چڪي آهي پر انهي تي عمل ناهي ٿيو, جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي نٿي ڏئي، شايد انهن وٽ   بل وٺڻ لاءِ اهو عذر آهي ته پکي بجلي جي تارن تي ويهندا آهن، اهي پکين جي تارن تي ويهڻ جو بل وٺندا آهن، جسٽس ظفر راجپوت  سي بي سي کان پڇيو ته ڇا توهان جي پاڻي جي لائينن ۾  مڇيون ترن ٿيون، جنهن ڪري پاڻي جي  چارجز  وٺي رهيا آهيو؟ ڇا شهري توهان کي به پيسا ڏين  ۽ ٽينڪر مافيا کي به پئسا ڏين؟ جنهن تي ڊي ايڇ اي جي وڪيل چيو ته جيڪي شهري ادائگيون نه ڪندا، انهن جي پاڻي جي لائين ڪاٽي ويندي، انهي جواب جي موٽ ۾ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي جي لائين ئي ناهي، انهي صورت ۾ ڪنيڪشن ڪٿان ڪاٽيو ويندو ؟ جسٽس ظفر احمد راجپوت ريمارڪس ڏنا ته ڊي ايچ اي ۽ سنڌ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته  علائقا ٻڏن ته پئسا اچي وڃن، اصل مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن به ڪوشش ناهي  ڪئي،75 سالن کان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو ويو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان کي پاڻي به ڪينٽونمينٽ بورڊ جي ٽينڪرن  کان  خريد ڪرڻو پوي ٿو، ٻين ٽينڪرن کان پاڻي وٺڻ نٿو ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت درخواستگذار کي چيو ته توهان آزاد آھيون، اوهان ڪنهن کان به پاڻي خريد ڪري سگهو ٿا، عدالت اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور خان، وڪيل جبران ناصر ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.