سنڌؤ کي زندهه رهڻ ڏيو

0
214
منهنجي سنڌو درياهه کي بچايو

 سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جي اقوام متحده جي وفد سان سنڌ طاس (Indus Basin) ۾ ماحوليات (Ecological) جي ٻيهر بحالي تي ڳالهه ٻولھه.  11 جنوري 2022ع جي انگريزي اخبار “ڊان” جي خبر موجب اقوام متحده جي پاڪستان لاءِ ريزيڊنٽ ۽ هيوميٽيرين ڪوآرڊينيٽر  جولين هارنيس سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير سان ڌار ڌار ملاقات ڪري صحت، موسمي تبديلي، سڌريل پاڻي پهچ  جي وسيلن ۽ استعمال ۽ اقتصادي ترقي تي ڳالهيون ڪيون. پاڪستان ۾ اقوام متحده جي مک اڳواڻ اهو به چيو ته سندس تنظيم پاڪستان لاءِ ايندڙ پنج سالن (2023 کان 2027) تي مشتمل هڪ مربوط پروگرام “يونائيٽڊ نيشن سسٽين ايبل ڊيولپمنٽ ڪوآپريشن فريم ورڪ ”(UNSDCF) ٺاهي رهي آهي. اقوام متحده جي وفد اهو به چيو ته انهيءَ پروگرام تي غور ڪندي هنن جي سامهون سنڌؤ درياهه جي ماحوليات(Ecological)  کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو مسئلو سامهون آيو. مذڪوره پروگرام ٺاهڻ لاءِ وفد پاڪستان سرڪار کي انهيءَ پروگرام ۾ رٿائون شامل ڪرڻ لاءِ چار مهينا يعني جنوري کان اپريل 2022ع تائين جو وقت ڏنو آهي، ته جيئن انهيءَ پروگرام کي اڳتي وڌائي ۽ عمل ڪري سگهجي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ سنڌ جي وڏي وزير طرفان وفد کي پاڪستان ۾ في ڪس پاڻي گهٽتائي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته 1950ع ۾ ملڪ ۾ في ڪس پاڻي موجودگي 5000 ڪيوسڪ ميٽر هئي، جيڪا هاڻي گهٽجي 1000 ڪيوسڪ ميٽر وڃي بچي آهي .

اچو ته ملڪ ۾ گهٽجندڙ پاڻي ۽ ان جو ماحوليات تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺون. عام طرح سان پاڻي گهٽجڻ جا ٻه سبب آهن. هڪ انساني، ٻيو قدرتي. اسان وٽ پاڻي ٻنهي سبب جي ڪري گهٽ ٿي رهيو آهي. انساني سبب اهو آهي جو اسان 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدي هيٺ ٽي اوڀرندا درياهه هندوستان جي حوالي ڪري ڇڏيا. انهيءَ  کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ وري اولهندي دريائن تي دٻاءُ پيو ۽ اسان جي ماهرن سنڌو ۽ جهلم ندي تي پاڻي گڏ ڪرڻ جا وڏا ذخيرا (Dams) ۽ سنڌو جو پاڻي اوڀرندي دريائن واري ايراضي ڏانهن موڪلڻ لاءِ فلڊ ڪئنال جي نالي هيٺ لنڪ ڪئنال ٺاهيا. وڏن ذخيرن (Dams) ۾ لٽ گڏ ٿيڻ ڪري انهن جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت وقت سان گهٽ ٿي رهي آهي. منگلا ڊيم جي اوچائي وڌائي وقتي طور گهٽ ٿيل گنجائش جو پوراءُ ڪيو ويو آهي، پر اهو به ڪجهه سالن ۾ لٽجڻ ڪري وري ساڳيو مسئلو پيدا ڪندو. جڏهن ته تربيلا جي صلاحيت اڌ وڃي رهي آهي.

انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبا ٺاهيا پيا وڃن، جن ۾ ڀاشا ڊيم پڻ شامل آهي. پاڻي کوٽ جو ٻيو سبب قدرتي آهي. جنهن ۾ مک موسمي تبديليون ۽ گهٽ برسات پوڻ شامل آهن. موسمي تبديلين ڪري دنيا جو گرمي پد وڌي رهيو آهي. گرمي پد وڌڻ ڪري گليشئر تيزي سان ڳري رهيا آهن. گليشئر جي تيزي سان ڳرڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه سال ملڪ ۾ غير معمولي ٻوڏون (Abnormal Floods) اچن ۽ ان کانپوءِ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿئي. جيئن ته قدرتي کوٽ جي سببن تي ضابطو اسان جي وس ۾ نه آهي، پر انهيءَ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسانکي اڳواٽ بندوبست ڪرڻ کپي ته جيئن ايندڙ آفت کي منهن ڏئي سگهجي. اچو ته ڏسون ته پاڻي اسانکي ڇا لاءِ کپي ٿو.؟ پاڻي زرعي ضرورتن سان گڏ، گهرو ۽ صنعتي ضرورت ۽ انڊس ڊيلٽا لاءِ گهرجي ٿو.

اها حقيقت آهي ته اسانجو ملڪ زرعي ملڪ آهي ۽ سنڌ طاس ۾ ايندڙ پاڻي جو 97 سيڪڙو زرعي مقصد لاءِ استعمال ٿئي ٿو. واپڊا جي 2010ع جي انگن اکرن مطابق اولهندي دريائن ۾ آيل پاڻي جو مقدار 125 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. (حوالو: اروج نويد، ڪتاب واٽر اسڪرسٽي). اهو مقدار گهٽ وڌ ٿيندو  رهي ٿو. تربيلا ٺهڻ کان پوءِ 1976ع کان 2010ع تائين سراسري طرح 128.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آيو آهي. 1822ع کان 2010ع تائين گهٽ ۾ گهٽ پاڻي 2002ع ۾ 97.16 ۽ وڌ ۾ وڌ 60-1959ع ۾ 186.79 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آيو آهي. (حوالو: اعجاز احمد، ڪتاب انڊس واٽر ٽريٽي). انهيءَ سراسري پاڻي موجودگي ۾ ڊيمن جو حصو صرف 10 کان 12 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. جيڪو ملڪي پاڻي ذخيرن جو ڏهه سيڪڙو ٿئي ٿو. ٻئي طرف پاڻي ماهرن جي چوڻ مطابق رستي ۽ ٻنين ۾ پاڻي جو زيان اندازن 40 سيڪڙو آهي. انهيءَ  پاڻي زيان جي روڪٿام سنڌ جي واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ ۽ زمين جي سائنسي بنيادن تي سنوت ڪرڻ ۽ پيداواري ذريعن ۾ تبديلي آڻڻ سان ڪري سگهجي ٿي.

جيڪڏهن مرڪزي سرڪار چاهي ته سنڌ بئراج تي 750 ملين ڊالر خرچ ڪرڻ جي بجاءِ سنڌ ۾ واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي پڪي ڪرڻ تي اها سيڙپ ڪري، انهيءَ سان جتي زرعي پاڻي جي کوٽ پوري ٿيندي، اتي بيجا پاڻي جي استعمال سان سنڌ ۾ وڌندڙ سم ۽ ڪلر تي پڻ ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سنڌ بئراج جنهن کي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي، انهيءَ کي مرڪزي حڪومت طرفان 2005ع ۾ مقرر ڪيل انٽرنيشنل پينل آف ايڪسپرٽس (International Pannel of experts) پڻ  غيرجٽادار قرار ڏنو آهي. سنڌ حڪومت کي مرڪز تي ڀاڙن جي بجاءِ پنهنجن وسيلن مان انهن اپائن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ کپي. سنڌ آبپاشي کاتي طرفان واهن ۽ شاخن کي پڪي ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيا کوڙ سارا منصوبا زير غور آهن. سنڌ آبپاشي کاتي کي غير ضروري يا گھٽ اهميت وارن منصوبن تي خرچ نه ڪرڻ گھرجي. سنڌ آبپاشي کاتي جي غيرضروري يا گهٽ اهميت جي هڪ منصوبي جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. سنڌ آبپاشي کاتي طرفان ٺٽي سجاول پل جي مٿين کاٻي پاسي هڪ اسپر (Stone spur)  3ارب روپين جي لاڳت سان ٺاهڻ جو منصوبو رٿيو آهي. انهيءَ ڊويزن تي آئون 20 سال پهرين ايگزيڪيٽو انجنيئر رهي چڪو آهيان ان وقت درياهه جي وهڪري کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار، نيسپاڪ (NES PAK) جي انجنيئرن کي رپورٽ لاءِ چيو هو، جن جي رپورٽ کاتي وٽ موجود هئڻ گهرجي. درياهه جتي 20 سال پهرين هو اڄ به انهيءِ صورتحال ۾ وهي رهيو آهي. اهڙي قسم جا ٻيا به ڪجهه منصوبا هوندا، جن کي  وقتي طور تي پاسيرو رکي اها رقم سنڌ جي واهن شاخن ۽ واٽر ڪورسن تي خرچ ڪرڻ گھرجي ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ پاڻي کوٽ کي آساني سان منهن ڏئي سگهجي.

پاڻي جي ٻي اهم ضرورت گهريلو ۽ صنعتي استعمال جي آهي. وزير اعلى سنڌ جي چوڻ مطابق ملڪ ۾ في ڪس پاڻي موجودگي 1000 ڪيوسڪ ميٽر رهجي وئي آهي. بين الاقوامي معيار مطابق في ڪس پاڻي گهرج پڻ 1000 ڪيوسڪ ميٽر آهي. في ڪس پاڻي جي گهرج ۾ گهٽتائي آبادي ۾ حد کان وڌيڪ اضافي جي ڪري پڻ آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي شهر ڪراچي جو مثال ڏيان ٿو. 1951ع جي آدمشماري مطابق ڪراچي جي آبادي ٻارهن لک جي لڳ ڀڳ هئي. جيڪا هاڻي ٻه ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. اهو آبادي ۾ اضافو ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي ڪري آهي. اڄ جي صورتحال ۾ اسان انهن ٻاهران آيل ماڻهن کي واپس ته نٿا ڪري سگهون، پر جيڪڏهن اسان ٻاهران ايندڙ ماڻهن تي هاڻي به ڪو ضابطو نه ڪري سگهياسين ته مستقبل ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو نهايت سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. پيئڻ جي پاڻي لاءِ صرف درياهه جي پاڻي تي ڀاڙڻ بجاءِ سرڪار کي ٻيا طريقا پڻ اختيار ڪرڻ گهرجن، جن ۾ پاڻي جي رسد ۾ ٿيندڙ زيان کي روڪڻ، استعمال ٿيل پاڻي کي ٻيهر استعمال لائق بنائڻ، کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ ۽ برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ شامل آهن. اچو ته سنڌو درياهه تي ڊيمن ٺهڻ ڪري پوندڙ نقصان ۽ انڊس ڊيلٽا ۽ سنڌو درياهه جي ايڪالاجي (Ecology) جي تباهي ۽ ان ڪري پوندڙ اثرن ۽ ان جي ٻيهر بحالي جي ذريعن تي غور ڪريون.

انڊس ڊيلٽا  ۽ سنڌو درياهه جي ايڪالاجي جي تباهي ٻئي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. انهن جي شروعات ته 1859ع کان ٿي، پر ان ۾ اضافو 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي ڪري ٿيو ۽ انتها 1991ع واري پاڻي ٺاهه کان پوءِ ٿي، جڏهن ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي سال جا صرف 3 مهينا وهڻ لڳو ۽ باقي عرصو درياهه ۾ واري اڏامڻ لڳي. سنڌو  درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. سنڌ جي آبپاشي جي وزير تازو سنڌ اسيمبلي ۾ اهو چيو ته سمنڊ تقريبن 32 لک ايڪڙ زمين پائي چڪو آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ سنڌ حڪومت 2005ع ۾ سمنڊ طرفان ڳڙڪايل زمين جو انگ 12 لک ڄاڻايو هو. صرف 17 سالن ۾ 20 لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي حوالي ٿيڻ نهايت خطرناڪ صورتحال ڏانهن اشارو ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان  سمنڊ  کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام ٿياسون ته ايندڙ صدي ۾ سنڌ جو وڏو حصو صفحه هستي تان مٽجي چڪو هوندو.

درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري نه صرف سمنڊ اڳتي وڌي رهيو آهي، پر ساڳئي وقت تمر جي ٻيلن ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. تمر جا ٻيلا جتي مڇي آنا ڏيندي آهي، اهو علائقو گهٽجڻ ڪري مڇي جي نسل افزائش پڻ گهٽي آهي. مڇي جي نسل ۾ گهٽتائي ڪري مڇي تي گذر سفر ڪندڙ ماڻهن ۾ بيروزگاري وڌي آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري بک، بيروزگاري، صحت ۽ آبادي جي لڏپلاڻ جا مسئلا پيدا ٿيا آهن، جن تي هن وقت تائين ڪافي لکيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ماحوليات، موسمي ڦير گهير ۽ سامونڊي پٽي جي ترقي جي وزير جو بيان پڻ اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري زرعي زمين جي ضائع ٿيڻ سان گڏ جهنگلي جيوت، چوپائي مال ۽ زندگي سان تعلق رکندڙ ھر شعبي تي تمام گهڻو خراب اثر پيو آهي. انهيءَ ڪري ماڻهن سامونڊي پٽي ڇڏي شهرن جو رخ ڪيو آهي.

اڄ جڏهن دنيا انڊس ڊيلٽا ۽ سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ پريشان آهي، ان وقت اسانجا ماهر سنڌو درياهه تي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ڀاشا ڊيم جي مخالفت صرف سنڌ نٿي ڪري، پر لداخ جي ٻُڌن پڻ ان خلاف احتجاج ڪيو آهي. ٻُڌ مت جي مڃيندڙن جي چوڻ مطابق ڀاشا ڊيم ٺهڻ ڪري چلاس جي ٽڪرين تي ٻُڌ جي دور جون لکڻيون ۽ ٻيو تاريخي ورثو پاڻي هيٺ اچي ويندو. اسان کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ڀاشا ڊيم مان ڪو به نئون واهه نه نڪري سگهندو ۽ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ کي 2.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي حصي کان وڌيڪ ملندو، جيڪا حقيقت نه آهي. 12 جنوري 2022ع جي اخبار ڊان مطابق واپڊا چيئرمن جو چوڻ آهي ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان 12 لک کان وڌيڪ نئين زمين آباد ٿيندي.

اها زمين ڪهڙي صوبي جي آهي ۽ ڪيئن آباد ٿيندي.؟ حقيقت ۾ ڀاشا ڊيم، تربيلا ڊيم جي متبادل طور ٺاهيو پيو وڃي. پنجاب 1991ع واري ٺاهه جي شق 2 تحت پاڻي ورهاست نه ڪرڻ جو سبب اهو ڄاڻائي ٿو ته سسٽم ۾ موجود پاڻي 102 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جيڪو ٺاهه ۾ ورهايل پاڻي 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ کان گهٽ آهي، ان ڪري جيستائين اهو پاڻي پورو نه ٿيندو، پاڻي ورهاست 1991ع واري ٺاهه جي شق 2 تحت قبول نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن اسان ڀاشا ڊيم ٺاهيون  به پوءِ پنجاب جي چوڻ مطابق پاڻي 108.00 ملين ايڪڙ فوٽ هوندو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته پنجاب 1991ع واري ٺاهه تي عمل نه ڪندو ۽ نه ئي سنڌ کي ڪو ٺاهه کان وڌيڪ پاڻي ملندو.

مذڪوره گڏجاڻي ۾ اقوام متحده جي نمائندي سنڌؤ درياهه کي ايندڙ نسل لاءِ زندهه رکڻ لاءِ اپائن وٺڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ان کان اڳ ۾ عالمي بينڪ جيڪا سنڌ جي بئراجن ۾ سڌاري ۽ مرمت ۾ مدد ڪري رهي آهي، انهيءَ سنڌ حڪومت کي اهو مشورو ڏنو هو ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڪنهن به صورت ۾ ٻُڙي نه هئڻ گهرجي. انهيءَ موقعي تي آئون چين جي ماحولياتي ماهر وين بو جو حوالو ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن ۾ هن ڊيمن ٺاهڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته اسانکي صرف اقتصادي فائدن ڏانهن ڏسڻ نه گهرجي، پر ماحولياتي نقصان کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي. ( اروج نويد)

سنڌو  درياهه کي زندهه رکڻ ۽ انڊس ڊيلٽا جي تباهي کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌو  درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪو به نئوون ڊيم نه ٺاهيو وڃي ۽ سنڌو درياهه کي آزاد وهڻ ڏنو وڃي. سنڌ ۾ ايندڙ وقت ۾ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ مٿي ڄاڻايل اپاءُ فوري طور تي ورتا وڃن.