سنڌ، تهذيب ۽ ٻوڏ جوحل

0
63
سنڌ، تهذيب ۽ ٻوڏ جوحل

  ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته سنڌو ماٿري تهذيب ٻوڏ جي تباهي جي جواب ۾ وجود ۾ آئي هئي. اچو ته گڏجي ان سوال جو جواب ڳوليون!!

                 ڪجهه اندازن موجب تقريبن تيرنهن هزار سال پهرين ماحولياتي تبديلين ڌرتي جي گولي کي گرمائڻ شروع ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پهاڙن ۽ پڊن تان ڄميل برف ڳرڻ لڳي هئي، واهڻ وهڻ لڳا هئا ۽ پاڻي درياهن ۾ دهشت ۽ ڪُنن ۾ ڪڙڪاڪرڻ شروع ڪيا هئا. سنڌو، سرسوتي، نيل، دجله ۽ فرات ۾ جوڀن آيو هو ۽دريائن پاڻ سان گڏ پهاڙن تان زرخيز مٽي آڻي ماٿرين کي ڀرڻ شروع ڪيوهو. سنڌ جي سر زمين، کير ٿر جبل ۽ هندوڪُش پهاڙن جي زرخيز مٽي ۽ سنڌو درياهه جي پورهئي ۽ تخليق جو نتيجو آهي.

                 مسلسل وهندڙ ڍورن، نارن ۽ دريائن سنڌو ماٿري کي سر سبز ڪري گذر بسر جا نوان ذريعا مهيا ڪيا هئا ۽ دنيا جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن هجرت ڪري اچي آباديون جوڙڻ جي دعوت ڏني هئي. ماڻهن ان نويد جي آجيان ڪئي ۽ غارن مان نڪري برن پٽن تي آباديون جوڙڻ شروع ڪيون. هو پنهنجي جياپي لاءِ ڪٿي ڪٿي نه ڀٽڪيا هئا، درياهه، ڍنڍ، ۽ سمنڊ جي ڪهڙي ڪناري هنن پنهنجيون بستيون نه ٺاهيون هيون، ڪهڙي موسم جو ڦل نه چکيو هوندو. ڪڏهن تتن ڪاڙهن  ته ڪڏهن وري سرد ترين راتين ۾ زندگي بسر نه ڪئي هوندي. ماڻهن کي رڳو کلي آسمان جي هيٺ گرمي ۽ سردي کي منهن نه ڏيڻو پيو هوندو پر ان کان به مشڪل هنن جي لاءِ قدرتي وبائون هيون. ٻوڏ،ماتا، ڪالرا، ڪوڙهه ۽ ٻيون ڪيتريون قدرتي آفتون پڻ  ڀوڳيون هونديون.

ٻوڏ سان جڙيل دهشت ۽ بربادي جا ڪافي پهلو آهن جن ۾ معاشي، سماجي ۽ نفسياتي سڀ کان اهم آهن. اها هر طبقي جي ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ متاثر ڪري ٿي پر غريب پورهيت جي لاءِ اهو هُن جي وجود جو سوال هوندي آهي. اهو غريب پورهيت ۽ خاص ڪري عورتون آهن جيڪي کلي آسمان هيٺ ڪارين راتين ۾ نيڻن مان نير نه پر رت جا ڦڙا وهائينديون آهن. ماءُ  جي لاءِ ٻچن جي بک ۽ بيمار جو دک ڇا قيامت کان گهٽ آهي!  هو پنهنجون آهون ڪنهن کي ٻڌائين ۽ دانهون ڪنهن کي ڏين؟

اها  پهرين ٻوڏ نه آهي جنهن تباهي ڦهلائي آهي ۽ شايد اها آخري ٻوڏ به نه هجي. سوال اهو آهي ته  اسان ان چئلينج جو  ڪو تخليقي حل ڪڍون ٿا جيئن ست هزار سال پهرين موهن جي دڙي جي ماڻهن ڪڍيو هو. جنهن کي هڪ حوالي مطابق ميلوها چيو ويندو هو. جان ايبرٽ پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ ٻڌايو آهي ته سُمير جي شهرن اُر، اُرڪ ۽ اِريدو جي کوٽائي مان مليل تختين موجب اهي شهر ميلوها سان تجارت ڪندا هئا. انهن شهرن جي خوشحالي جو وڏو سبب ميلوها سان تجارت هو. ميلوها مان گهرايل  پٿر جا زيور اتي خاص اهميت رکندا هئا ڇو جو هو اهي زيور ماڻهن کي دفن ڪرڻ وقت پارائيندا هئا. هُنن جو خيال هو ته مرڻ کان پوءِ زندگي آهي ۽ اهي زيور نئين زندگي لاءِ ضروري آهن. هن جي ڏيکاريل نقشي موجب ميلوها ۽ موهن جو دڙو ساڳيو شهر آهي .

آرنلڊ ٽوئمبي  مشهور برطانوي تاريخدان هو جنهن پنهنجي ڪتاب “تاريخ جو اڀياس”  ۾ ان  خيال جو اظهار ڪيو آهي ته تهذيبون ڪنهن انتهائي اڙانگي صورتحال جي ردِ عمل ۾ وجود ۾ اينديون آهن جڏهن ان قوم جا ماڻهو پنهنجون تخليقي صلاحيتون استعمال ڪري نوان حل ڳولينديون آهن. ان جو هڪ اهم مثال ٻوڏ آهي. ٽوئمبي جو خيال آهي ته سنڌو ماٿري ۽ ان جي همه عصر دجله وَ فرات جي وادي ۾ سُمير  تهذيبون اتان جي ماڻهن جي ٻوڏ جي حل طور وجود ۾ آيون هيون. هر سال دريائن ۾ ايندڙ ٻوڏ ان وقت جي ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ انهن ماٿريءَ جي مٿانهين پٽ تي پنهنجي وقت جا عظيم شهر ٺاهي ايندڙ نسلن کي تهذيب جي راهه ڏيکاري. هُن جو خيال آهي ته جيسين تائين تهذيبون ايندڙ چئلينجز جو مقابلو ڪنديون رهنديون ۽ ان جو تخليقي حل ڪڍنديون رهنديون اهي، تيسين تائين زنده رهنديون ۽ جڏهن ماڻهو مايوس ٿي ويندا ۽ انهن جون تخليقي صلاحيتون ختم ٿي وينديون ته پوءِ آهسته آهسته اهي تهذيبون زوال پذير ٿي وينديون. اهڙي ڀيانڪ صورتحال ۾ قومون پنهنجي نفسياتي ڪيفيت ۽ مايوسي جي ردِ عمل ۾ قوم پرستي، جنگن، دهشت گردي ۽ ڊڪٽيٽر شپ ۾ پنهنجي مسئلن جو حل ڳولينديون آهن.

ٽوئمبي پنهنجي خيال کي وڌيڪ واضح ڪري سمجهائي ٿو ته  تهذيبون  پنهنجي پنهنجي وقت ۾ مشڪل ترين حالتن جي جواب ۾ وجود ۾ ضرور اينديون آهن پر  ان جو ڪريڊٽ سڄي آبادي کي نه ٿو وڃي.  هُن جي خيال ۾هر سماج ۾ ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي تاريخ جو رخ موڙيندا آهن. اهڙن مرد مجاهدن کي هو “ تخليقي اقليت” سڏي ٿو. تهذيبون شديد ترين تڪليفن جي ردِ عمل ۾ ان وقت اڀرنديون آهن جڏهن عوام جي اندران تخليقي اقليت پنهنجي ڏاهپ سان مصيبتن جو حل ڪڍندي آهي.

انساني تاريخ ۾ سنڌو، نيل، دجله ۽ فرات  جون تهذيبون نه صرف اهم آهن پر تاريخ ساز پڻ  آهن جن  اڄ جي جديد تهذيبن جو بنياد فراهم ڪيو هو.  انهن تهذيبن جو مصيبتن کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ  جو طريقو پهرين کان موجود سماجن جي مقابلي ۾ منفرد هو جنهن کي اڄ اسان تهذيب چئون ٿا.  سماجن کي وقت به وقت چئلينجز ايندا آهن. ٻوڏ انهن مان هڪ آهي. انهن سماجن بار بار جي ٻوڏ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ دنيا جا پهريان شهر جوڙي دريائي تهذيبن جو بنياد وڌو هو.  سنڌ ۾ موهن جو دڙو يا ميلوها ۽ عراقي ۾  اُر، اُرڪ ۽ اِيريدو انهن پهرين شهرن ۾ شامل آهن. انهن تهذيبن رڳو شهر جوڙي ٻوڏ جي مسئلي جو حل نه ڪڍيو هو پر نوان سماجي رشتا جوڙي شهري سياست ۽ رياست جو بنياد وڌو هو.  ان سماج پنهنجي وقت جي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري گهر ٺاهي ماڻهن کي جديد شهري سهوليتون ڏنيون جيڪي اڄ جي سنڌ جي گهڻي آبادي کي به ميسر نه آهن.  جان ايبرٽ کي پڪ آهي ته يوگا سنڌو ماٿري مان شروع ٿي هئي. يوگا مان مراد يوگا جو فلسفو آهي جيڪو بعد ۾ لکيل ويدن ۽ خاص ڪري گيتا ۾ ڪجهه تبديلين سان شامل ڪيو ويو هو.  يوگا کان علاوه مورتي جو آرٽ به ڪافي اهميت رکي ٿو جنهن مان انهن ماڻهن جي تخليقي صلاحيتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو  . موهن جي دڙي مان مليل ناچڻي جي شاندار مورتي ان جو هڪ ثبوت آهي. اهو آرٽ ئي آهي جنهن مان ڪنهن تهذيب جي ترقي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جڏهن تهذيبن ۾ زوال شروع ٿيندو آهي ته سڀ کان پهرين انهن جو آرٽ ختم ٿيڻ لڳندو آهي.

خيال آهي ته انهن شهري سماجن جي ترقي ۾ برهمڻن، پنڊتن  ۽ پروهتن جو اهم ڪردار هو جن انقلابي خيال سماج ۾ متعارف ڪرايا هئا جن ۾  لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ ستارن جي گردشت ۽ فلڪيات  جو علم شامل هو. انهن ئي ماڻهن کي سمجهايو هو ته ڪڏهن برساتون پونديون، دريائن ۾ ٻوڏ ايندي ۽ ڪڏهن دريائن ۾ پاڻي هيٺ لهندو جو ماڻهو پاڻ کي انهن حالتن لا۽ تيار رکن. انهن ماڻهن دريائن تي بند ٻڌڻ ۽ پاڻي جي وهڪري کي شهرن کان پري ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي ايجاد ڪئي ۽ شهرن کي اهڙي مٿاهين جڳهين تي جوڙيو جو اهي ٻوڏ کان بچي سگهن. انهن پنهنجي وقت جا جديد هوڙها، ترها ۽ ٻيڙا ٺاهي تهذيبن جي وچ ۾ تجارت شروع ڪئي هئي.

تهذيب ۽ ثقافت بقول تاريخ دان ايڊورٽ ٽيلر جي “ ڄاڻ، عقيدي، فن، اخلاقيات، قانون، روايتن ۽ ان جهڙين ٻين صلاحيتن ۽ عادتن جو نالو آهي جيڪي ڪنهن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هونديون آهن” ڄاڻ، فن ۽ تعليم جي سنڌي سماج  ۾، پهرين گهڻي ڪمي هئي مٿان وري ٻوڏ جي ڪري لڏ پلاڻ ان صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. اخلاقي قدرن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ماڻهن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي پر ماڻهن کي خيرات جو عادي نه ڪرڻ گهرجي. پهرين فقط ٿر ۾ اهو حال هو جو روڊن تي ٻار هر گاڏي جي پويان ڊوڙڻ لڳندا هئا ۽ خيرات لاءِ واجهائيندا هئا. هاڻ اسان ترقي ڪري پوري سنڌ کي ان بيماري جو روڳ لڳائي ڇڏيو آهي. خيرات تي گذارو ڪنهن نشي جي لت کان گهٽ نه آهي.

ٽوئمبي جو خيال ڪافي حد تائين ڊارون جي ارتقا جي نظرئي سان ملي ٿو جنهن موجب فقط اها حياتي بچي ويندي جيڪا پنهنجي حالتن موجب پاڻ ۾ همت پيدا ڪري تبديلي آڻيندي.وڻ، ٽڻ، ڪک ۽ ڪانڊيرا پڻ ان نظرئي موجب زندهَ رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو جنهن وڻ کي سج جي گهڻي روشني هوندي آهي اتي هو آسمان طرف گهڻو مٿي وڃڻ بجاءِ زمين تي ئي پيو ڦهلبو آهي. جتي وڻ پاڻ ۾ سج جي توانائي لاءِ مقابلو ڪندا آهن اتي وڻ اُڀا ۽ ڊگها ٿي آسمان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهو خيال منهنجو نه آهي پر جرمن فلسفي ڪانٽ جو آهي. ساڳئي ئي خيال کي اسان سماج تي لاڳو ڪيون ته اهي سماج جيڪي ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري انهن جو حل ڪڍندا، سي ئي ترقي ڪري سگهندا ۽ جي هو بي همٿ ٿي ٻين قومن ڏانهن  خيرات جي انتظار ۾ رهندا ته پوءِ انهن جي لاءِ ڪا خوشي جي خبر نه آهي. ڊيگال جي چواڻي “قبرستان ناگزير ماڻهن سان ڀريا پيا آهن”