سنڌ ھوچي منھ، چي گويرا، ابوجھاد ۽ ڪمانڊو وارن لقب القابن مان گذري 80ع کان 90ع واري ڏهاڪي ۾ داخل ٿي چُڪي ھئي ۽ ھاڻوڪي سول سوسائٽي واري اشرافيه اڃان انساني حقن جي ڪارڪن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن يعني اين جي اوز جي روپ ۾ ڪم پٽيو پئي آئي، ان وقت ڄامشوري جي ڌرتي تي يونيورسٽين جي “ٽرائيڪا” ۾ اڃان فئڪلٽين جي ڪاريڊورن ۾ نيشنلزم، سوشلزم ۽ ڪميونزم ساھ کنيو پئي ۽ ان دور جا اڪثر شاگرد پاڻ وڻائڻ لاءِ “ڪلين شيو” ٿي ڪو انقلابي مواد تي مبني ڪتاب، سُھڻي ڊائري يا مفلر گچيءَ ۾ ڪئنچي اسٽائل سان پائي پيا ڦيرا ڏيندا ھئا. ان منظر کي اڇو مٿو ڪندڙ “اولڊ اسٽوڊنٽس” اڄ به ماضي جو حسين رومانس سڏين ٿا.
اسي جي آخر ۽ نوي جي شروعات ۾ جسٽس ريٽائرڊ مرحوم دراب پٽيل جي سرپرستي ۾ لاھور ۾ دستڪ نالي سان شروع ٿيل عورتن ۽ انساني حقن واري اداري جڏھن ڀرپور جدوجھد پئي ڪئي ته ان ئي دور ۾ مرحومه عاصمه جھانگير، آءِ اي رحمان، حسين نقي، افراسياب خٽڪ ۽ ٻين جي موجودگي ۾ ايڇ آر سي پي انساني حقن واري ڪميشن متحرڪ ٿي ۽ ھُن ملڪ ۾ ترقي پسندي واري سوچ کي اڳتي آندو ۽ پوءِ ملڪ جا سُرخا انقلابي، قومپرست توڙي ڪامريڊ لاھور ۾ ايڇ آر سي پي جي مرڪزي دفتر “ايوان جمھور” ۾ گڏجڻ لڳا پر لاھور جي ريگل چوڪ تي سلطان راھي ۽ ڪراچي جي صدر ۾ موجود سئنمائن واري پاسي اڃان مصطفي قريشي جا فلمي پوسٽر آويزان ھئا. اھا ٻي ڳالھ آھي ته لاھور جي مال روڊ ۽ فيروزپوره روڊ جي پاسن تي لڳندڙ ڪراچي جي زيب النساءِ اسٽريٽ وارن ڪتاب پٿارن جھڙا ٿاڪ به قائم ھئا، جتان ڪڏھن ڪڏھن دت ڀارتي، گلشن ننده ۽ ٽئگور جا ڪتاب ٻورن ۾ سبجي ڪراچي ۾ ۽ حيدرآباد جي حيدر چوڪ تائين به پڄندا ھئا،
اھو ئي دور ھو جڏھن سنڌ جي زرعي بئلٽ طور مشھور حيدرآباد ريجن جي مختلف ضلعن مان ھارين ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ سنڌي ميڊيا ۾ ھر نت نئين ڏينھن “پوليس جو فلاڻي زميندار جي مبينه نجي جيل تي ڇاپو، ھيترا باندي بڻايل ھاري بازياب. مقامي عدالت ۾ پيش ۽ عدالت کين آزاد زندگي گذارڻ جو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو” جھڙين خبرن تي مبني باڪس اسٽوريز ڇپجڻ شروع ٿيون. ھڪڙي نئين دنيا ھئي، جنھن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ يورپ توڙي پرڏيھ جي مختلف ملڪن مان ڪئين ليڊيز توڙي مرد رپورٽر به سنڌ اچڻ لڳا ۽ پوءِ “نيرين اکين واري صحافڻ” جھڙا حوالا به وجود وٺڻ لڳا .
حيدرآباد ريجن تنھن زماني ۾ توڻي اڄ پڻ مرچ، ڦُٽي ۽ ڪڻڪ جي پئداوار جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ اول حيثيت جو حامل آھي، جتي اڄ به فصلن جي پوکائي “کيرين” وسيلي ٿئي ٿي، جيڪو رواج اتر سنڌ ۾ تمام گھٽ آھي. ٻيو ته حيدرآباد ريجن ۾ اڃان تائين به “ٽڪاوي سسٽم”، مطلب ھارين پاران مُجيري يعني زميندار کان اڳواٽ رقم کڻڻ جو رواج به قائم آھي، جنھن کي قانون جي ابتڙ تصور ڪيو وڃي ٿو پر پوءِ به اھو رواج زميندار ۽ ھارين جي وچ ۾ ھڪ “ميچوئل انڊر اسٽينڊنگ” تصور ڪيو ويندو ھو پر حالتن جي ستايل ھارين توڙي آبادگارن جي وچ ۾ اھو سلسلو ھاڻ دم ٽوڙي رھيو آھي.
ان ئي زماني ۾ استاد اسحاق منگريي جھڙي کاھوڙي صحافي سنڌ جي ٻنين ۾ ڦُٽين جو چونڊو ڪندي ڦٽين جون ڀريون کڻائڻ دوران نيڻن ئي نيڻن ۾ پلجندڙ “ايڪسڪليوزِو لَوِ اسٽوريز” جون پيار ڪھاڻيون ڇاپيون، جن جي پويان سُڪل ماني، بصر جي پتي، ٿوم جو ڇلڪو، ڪُنري جي مرچن، ڳُڙ جي ٽڪي ۽ لسي جي گلاس جھڙو رومانس موجود ھو. طويل تمھيد ٻڌڻ جو ڪارڻ صرف ھڪڙو ئي آھي ته ھي جيڪو خوبصورت منظرنامو بيان ڪيو اٿم، ان ڪھاڻي جو لازوال ڪردار ڪاڪو فقير دين محمد عرف دينو ڪنڀار آھي، جيڪو ھاڻ جھور پوڙھو آھي. مڙسن جي عمر جي ڪٿ ناھي ڪبي. جيتوڻيڪ ھن جي نيڻن تي ھاڻ ڳري نمبر جو نظر وارو چشمو، سو به ڌاڳي سان ٻڌل پيل آھي پر ھُن جا پنڌ پرانھان رھيا آھن. ھو نارا ڪئنال جي ڌڌڪا ڪندي وھندڙ پاڻي توڙي ڪاڙھن ۾ ڪانڀ ٻڌي لابارو ڪندڙ لاھيارڻ جي چُنري جي جھيڻو ٿيندڙ ھُرمچ ڀرت جو ساکي به آھي. کڻي چي گويرا ۽ ھوچي منھ جا لقب ھن جي کاتي نه پيا پر ھو ننگن ۽ دنگن جي دھليز جو اھڙو رکوالو رھيو آھي، جو ڪٽورن جھڙا اونھا نيڻ تنجڻ ۾ سُتل ٻار کي به ڳولھي لھندا ھئا. فقير دين محمد ڪنڀر جنھن کي سن جي سيد سان اُڪير رھي، قومپرست سياست جا پيچرا پنڌ ڪندي ھو سنڌ ۾ مبينه نجي جيلن واري ھاءِ پروفائيل اشو وقت سنڌ ترقي پسند ھاري سنگت جو مرڪزي صدر ھجڻ ناتي ان دور جي جدوجھد جو جيئرو جاڳندو انسائيڪلوپيڊيا آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھاڻ ھو منير نيازي جي شعر جو مڪمل عڪاس آھي ته،
“ڪُڇ شھر دي لوگ وي ظالم سن، ڪُڇ سانون مرڻ دا وي شوق سي ”
۽ ھا، ھو شھري ماڻھن جي ظالم روين جي ور چڙھي کپري لڳ ڍليار، پنھنجي اباڻي ڳوٺ تائين محدود ٿي ويو. ھڪ اھڙو شخص، جنھن جي سيني ۾ ھڪ کان سئو سالن جي عمر کي پھتل اھڙن پنج ھزار ھارين جون ڪھاڻيون محفوظ آھن، جيڪي علي بابا جي ڪھاڻين ۽ آريسر جي نثر جھڙيون ناياب ڪھاڻيون آھن، جن جو ھو اکين ڏٺو گواھ ۽ شاھد آھي. ھُن کوکر ڪوٽ کان عمرڪوٽ جي لعل ڪوٽ تائين ڪيئي مبينه نجي جيل ٽوڙيا پر او جھور پوڙھا، ھي اھا سنڌ به اٿئو، جيڪا ڌاڙيل رحيم ھنگوري جي زال جو جيل ٽوڙڻ وارو قصو ته ڳائي ٿي، پر پنج ھزار ھارين (انسانن) جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ فقير دين محمد ڪنڀر سان ڪا سکڻي شام، ڪو ٺلھو ٻه ٽي لفظن جو ٽربيوٽ به نٿي ارپي. تڏھن ئي ته عام سادو سنڌي ايئن چئي ٿو ته اسان مرده پرست قوم آھيون.
سانگھڙ جي منو ڀيل جي خاندان کي عتاب ملڻ کان وٺي سنگھرن، ھٿ ڪڙين، ڏنڍا ٻيڙين واري ان دور جي سنڌ ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيرن وارو روپ وڏي بحث ھيٺ رھيو. جبري پورھيو ۽ قھري ڪوٽ ٽُٽا پر فقير دين محمد ڪنڀر توڙي انساني حقن واري ان جدوجھد جي ھڪ وڏي وقت بعد جيڪي سنڌ جي ھن زرعي بئلٽ ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسيا، اھا ڪھاڻي اڃان الڳ آھي پر تازو عمرڪوٽ پريس ڪلب تي محبتون ونڊڻ لاءِ پھتل فقير دين محمد ڪنڀار ان الزام کان ان ڪري به آجو چئي سگھجي ٿو جو ان جو اندر ان وقت اڌ ٿي پوندو ھو، جڏھن ھو ھارين ۽ زميندارن جي ليکي چوکي وارين بندين جي صفحن تي ھارين واري پاسي رڳو قرض جا قضيا ڏسندو ھو ۽ زميندار چيٽ ڪَتي آجو ھوندا ھئا. ھاري حقدار ھجڻ بجاءِ باقيدار نڪرندو ھو. ھڪڙي راءِ اھا به آھي ته سنڌ جا زميندار، جي “ٻچا کائيندڙ گُرڙ پکي” جو رويو نه اپنائين ھا ته ھاري ڀڄن ئي ڇو ھا؟
خير قصو ڪوتاھ، پاڻ واپس ٿا اچون فقير دين محمد ڪنڀر ڏانھن، جيڪو نارا ڪئنال جي ور وڪڙ منظرن جھڙي قوم پرست سياست جو ڊگھو پسمنظر رکندڙ اھڙو ڪردار آھي، جيڪو جڏھن قاسم آباد جي ڏُمرا ڳوٺ کان ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني بابا صلاح الدين جي مزار کان ٿيندو قادر نگر کان وٺي حيدرآباد جي ڀر پاسن اڏيل ھاري ڪئمپن جي دنيا کي جاچيندو اچي ڍليار جي پَٽن تي پير رکندو ھو ته سندس ساڻو ٿي ويل بدن جنگي ميدان مان موٽندڙ ڪنھن ڀلي گھوڙي جيئن ٿڙڪندي محسوس ڪري سگھبو ھو. ھن وٽ راسوڙن ڪانھوڙن، مٽڪو رقص ۽ روپلي جي اولاد جون اداسيون گھر جي ڀاتين جيئن گڏ ھونديون ھيون، جن سان ھو پاڻ مخاطب ٿيندو آھي ۽ جدوجھد جي سموري ماضي ڏانھن ھو ھڪ ڊگھو ساھ ڀري وري ڍليار جي ٻني تي ڪيل ول ۽ کيڙي کيرين ڏانھن ڏسي ھو لوڪ گيت “جائي تان مانجي امراڻي ري شھر ٻيڙلو مارو نجر ماريو ري” کي ياد ڪندو آھي. قوم پرست سياست جي ھڪڙي چير ڦاڙ عزيز ڀنگوار پنھنجي ڪتاب ۾ به ڪئي آھي ۽ ٻي چير ڦاڙ ڪندڙ فقير دين محمد ڪنڀار به ٿي سگھي ٿو پر جي ھو ويجھي ماضي جي قوم پرست سياست جا تاڪيا کولي وجھي، جنھن تي اڄ تائين ڪنھن به سرٽيفائيڊ ڪلاسيفائيڊ اشتھار جھڙن دانشورن ۽ لکارين جي نظر نٿي ٻُڏي. ھا ٻُڏي به ڇو، جو اُھي پاڻ ھاڻ اياز جي ان بيت جو ابتڙ آھن ته،
“ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين،
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏھوڻي ٿي وڃي.
فقير جڏھن عدم تشدد کان محافظن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ قومي ڌارا جا منظر پسيا، تڏھن کيس ريتن رسمن جي ٽڪساٽ ذريعي ڪس ۾ ڪُسجندڙ جوانيون ياد پيون ۽ ھن پنھنجو ڏيرو ڍليار جي لڪن ۾ لاٿو، جتي ھن مقامي لوڪ دنيا جون اوڀاريون لھواريون ڪيون ۽ پوءِ ان ئي ناري پٽ ۾ سندس ھي نعرو به مشھور ٿيو ته، فقير دينو سچو آھي—-!
خلق کي دليلن ۽ قومي غلامي جا حوالا ڏئي ھن اليڪشن مھم جا واھڙ وهايا پر خلق وري به “بجا تير بجا” جي رقص ۾ کيس ٻُھاري وئي. ان کي ھن پنھنجو ڪرتب سمجھيو ۽ “ھار جو يا جيت جو ڪو ڀروسو ناھي” جيان اڳتي وڌيو. اڄ جڏھن سنگت سيلفي اسٽائيل ۽ سماج ڪمرشلائيزيشن جي ور چڙھيو آھي، سنڌ ۾ مبينه نجي جيلن واريون خبرون جمعاڻي چنڊاڻي ٻڌجن ٿيون ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کان ھارين جا حق سنڌ ٽيننسي ايڪٽ وسرڻ لڳو آھي ۽ سول سوسائٽي اڳواڻ ھر ٻئي ٽئين مھيني اسلام آباد جي ڪنھن شاندار ھوٽل ۾ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ بعد سيف الملوڪ جو سير ڪندي سوشل ميڊيا تان “پڪس” اپلوڊ ٿا ڪن، تڏھن به فقير دين محمد ڪنڀار اياز جي بيت تي عمل پيرا آھي ته،
ھي سين نه ڏيندي چين، اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا
ھي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا