سنچورين (اسپورٽس نيوز) سنچورين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پنهنجي ٻي اننگ ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 237 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي 148 رنسن جي هدف پٺيان ڏکڻ آفريڪا به 27 رنسن جي اسڪور تي 3 وڪيٽون وڃائي ويٺو، پاڪستان جي پهرين اننگ جي 211 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگ ۾ 301 رنسون ٺاهيون، ڪاربن بوش 81 رنسن جي اننگ کيڏي، پنهنجي ٻي اننگ ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 237 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان طرفان سعود شڪيل 84، بابر اعظم 50، شان مسعود 28 ۽ صائم ايوب 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ڏکڻ آفريڪا طرفان مارڪو جانسن 6، ڪگيسو ربادا 2، ڪاربن بوش ۽ ڊين پيٽرسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، پنهنجي ٻي اننگ ۾ ڏکڻ آفريڪا 8 اوورن جي راند ۾ 27 رنسن جي اسڪور تي 3 وڪيٽون وڃائي ويٺو، ٽوني زورزي محمد عباس جي بال تي 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ريان رڪيلٽن کي خرم شهزاد بنا کاتو کولڻ جي پويلين موڪليو، ٽرسٽن اسٽبز به محمد عباس جو شڪار بڻيو، جنهن فقط هڪ رن ٺاهي، ڏينهن جي پٺاڻيءَ تي ايڊن مارڪرم 22 ۽ ٽيمبا بووما بنا کاتو کولڻ جي ڪريز تي موجود هئا، پاڪستان طرفان محمد عباس 2 ۽ خرم شهزاد هڪ وڪيٽ ورتي، ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ اڃا 121 رنسون گهربل آهن.