ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سني ليون جي نئين گاني هندن کي ڪاوڙائي ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب گلوڪارا ڪنيڪا ڪپور پنهنجو نئون گانو لانچ ڪيو آهي، جنهن جو نالو مڌوبن آهي ۽ ان ۾ بالي ووڊ اداڪارا سني ليون پرفارم ڪيو آهي پر ان گاني کانپوءِ ڀارتين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.شارب ۽ توشي ان گاني کي ڪمپوز ڪيو آهي پر رليز ٿيندي ئي ان تي ماڻهن تنقيد شروع ڪري ڇڏي آهي،  ڀارتي هندن جو چوڻ آهي ته گاني ۾ هندو ديوي راڌا جي بي عزتي ڪئي وئي آهي.