اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست پشاور ھاءِ ڪورٽ فيصلي خلاف داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آھي ته مخصوص سيٽن خلاف پشاور ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن. درخواست ايڊووڪيٽ فيصل صديقي داخل ڪرائي. درخواست ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي وفاق ۽ صوبن ۾ مخصوص سيٽون ڏيڻ جي جي استدعا ڪئي وئي آھي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آھي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته پشاور ھاءِ ڪورٽ آرٽيڪل 51 ۽ سيڪشن 106 جي غلط تشريح ڪئي. جڏھن ته اليڪشن ڪميشن جي سيڪشن ھڪ 104 ۽ رولز 92، 94 جي به غلط تشريح ڪئي وئي. پشاور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ جهول آھي. مخصوص سيٽون ٻين سياسي جماعتن کي ڏيڻ آئيني تقسيم فارمولي جي به خلاف ورزي آھي. پشاور ھاءِ ڪورٽ 14 مارچ تي سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جي درخواست رد ڪئي ھئي.