اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن متعلق ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ صبح 12 وڳي ٻڌايو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. محفوظ ٿيل فيصلو چيف جسٽس جي ريگيولر ٽه رڪني بينچ ۾ ٻڌايو ويندو. واضع رهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي حُوالي سان درخواستن تي سپريم ڪورٽ اڱاري ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو، پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل کي سيٽون نه ڏيڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو هو جنهن کي سني اتحاد ڪونسل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. ڪالهه سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن متعلق ڪيس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ مشاروتي اجلاس ٿيو. ذريعن موجب مشاروتي اجلاس ۾ فل ڪورٽ بينچ ۾ شامل سمورا ججز موجود هئا، اجلاس ۾ مشاورت مڪمل ڪري ورتي. ان کان اڳ به چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ڪيس جي فيصلي متعلق مشاروتي اجلاس ٿيو هو.