نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ليجنڊري ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر سنيل گواسڪر پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ فيورٽ قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ سنيل گواسڪر چيوته گهرو ڪنڊيشن ۾ ڪنهن به ٽيم کي هارائڻ سولو ناهي هوندو، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ٻين ٽيمن لاءِ وڏو چئلينج هوندو. سنيل گواسڪر وڌيڪ چيو ته پنهنجي هوم ڪنڊيشن ۾ پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي. ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏي ويندي. ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 23 فيبروري تي دبئي ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.