ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار گووندا جي زال سنيتا آهوجا چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين هڪ ٻئي کان ڌار ڪري سگهي ٿو ته سامهون اچي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گووندا ۽ سنيتا جي عليحدگي جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ سنيتا آهوجا جي وڪيل انڪشاف ڪيو هو ته سنيتا ڇهه مهينا اڳ عدالت ۾ طلاق لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، پر پوءِ سنيتا جي مئنيجر اهڙي قسم جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو. ان کان اڳ سنيتا پنهنجي هڪ وڊيو ۾ چيو هو ته هوءَ گووندا کان الڳ رهي ٿي. هن ٻڌايو هو ته سندن فليٽ ۽ بنگلو آمهون سامهون آهن، فليٽ ۾ مندر آهي جتي هوءَ پنهنجي ٻارن سان رهي ٿي، جڏهن ته گووندا بنگلي ۾ رهندو آهي. تازو سنيتا هڪ ٻي وڊيو ۾ وضاحت ڪندي چيو ته الڳ رهڻ جو مطلب اهو هو ته جڏهن گووندا سياست ۾ آيو ته ڪيترائي سياستدان گهر اچڻ لڳا، ان وقت منهنجي ڌيءَ وڏي ٿي رهي هئي ۽ گهر ۾ اسان عام طور تي شارٽس ۾ هوندا هئاسين، ان ڪري اسان گهر جي سامهون آفيس ورتي هئي. سنيتا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون ۽ گووندا کي ڌار ڪرڻ چاهي ٿو ته سامهون اچي. ياد رهي ته گووندا ۽ سنيتا جي شادي کي 37 سال ٿي ويا آهن، کين هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي.