راڌڻ(ن پ ا) راڌڻ ۾ لاڙڪاڻي جي واپاري سنجي ڪمار جي قتل خلاف دڪاندارن ۽ سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاھرو ڪري سيوھاڻي چوڪ کان شاھي بازار تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي نادر سولنگي، پپو جانوري، ڪامريڊ شمن سولنگي، نرمل داس، سنيل ڪمار، چندر لعل جئينڊراءِ اخلاق خانزادو، مانجھي زرداري ۽ ٻين چيو ته سنڌ واسي ھڪ طرف ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج آھن ته ٻئي طرف وري سنڌ جي واپارين خصوصا ديوان ڪميونٽي جي واپارين ۽ دڪاندارن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته سنڌ واسي انھن سازشي عناصرن کان واقف آھي جيڪي سنڌ کي نقصان پھچائي رھيا آھن، ھنن اقتداري ڌر پيپلز پارٽي کان مطالبو ڪيو ته فورن سنڌ واسين سان دشمني ڪندڙن جي رستا روڪ ڪيو يا وفاقي حڪومت سان رستا الڳ ڪريو، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.