سنجهورو(ن پ ا) سنجهوري ويجهو چڪ 30 جمڙائو واسي ميگهواڙ برادري جي عورتن ۽ مردن مقامي زميندار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي گرڌاري ميگهواڙ، پدمو، ڪرشن، تڳيو مل، نارائڻ داس ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان هڪ سال اڳ ديھه 30 جمڙائو جي چوڌري لياقت جٽ کان 2 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي هئي، جنهن جا اسٽامپ پيپر اسان وٽ آهن، معاهدي موجب لياقت جٽ کي ٻن قسطن ۾ رقم ڏني آهي، باقي 4 لک رپيا رهيل آهن پر هو اسان کي زمين جي رجسٽري ڪري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هنن ٻڌايو ته چوڌري لياقت گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ روزانو اسان کان زرعي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڪرائي جا هٿياربند موڪلي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زميندار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.