سنجهورو(ن پ ا) ايس ايچ او سنجهورو محمد علي زرداري خبرون هلائڻ تي ڏمرجي سينيئر صحافي امام بخش مڱريو تي شهر واسي امبر جمالي جي مدعيت ۾ قلم 354 اي تحت ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صحافي امام بخش مڱريو سنجهوري شهر جي وارڊ نمبر 06 جي مدرسي عزيزيه جي گلي ۾ شام جو 6 وڳي مسمات امبر عرف دعا جمالي کي زبردستي روڪي سندس قميض ڦاڙي ڇڏي، جنهن جا شاهد سماجي تنظيم جا اڳواڻ سروپ چند مهراج ۽ خان محمد پنهور آهن، پوليس صبح جو سوير صحافي امام بخش مڱريو کي گرفتار ڪري رمانڊ لاءِ سانگهڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، پر عدالت صحافي کي رمانڊ ڏيڻ بدران جيل موڪلي ڇڏيو، صحافين پوليس جي اهڙي ڪارروائي تي احتجاج ڪندي جاچ جي گهر ڪئي آهي.