سنجهورو (رپورٽ: انيس لغاري) سنجهوري ويجهو عورت گوليون هڻي قتل، سم نالي ڀرسان وڻن مان لاش هٿ، جسم جي مختلف حصن تي تيزاب هاريو ويو، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، خبر موجب ڊپٽي ڳوٺ ويجهو سم نالي ڀرسان عورت جو گوليون لڳل لاش مليو، عورت کي 3 گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس جسم، ڇاتي ۽ نازڪ عضوي تي تيزاب هاريو ويو، صبح جو مقامي ڌنارن سم نالي ڀرسان ديوي جي وڻن ۾ عورت جو لاش ڏسڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، پوليس سرزمين جي جائزي بعد پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته عورت جي ڇاتي ۽ جسم تي تيزاب هاريل آهي، سندس لاش ڀرسان گولين جا خول مليا آهنلاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايس ڊاڪٽر غلام شبير شينا ميڊيا کي ٻڌايو ته عورت کي 3 گوليون هنيون ويون ۽ سندس جسم، ڇاتي، هٿن ۽ آڱرين سميت نازڪ عضوي تي تيزاب هاريو ويو آهي ۽ عورت جو جسم ڪجھه هنڌن تان سڙي ويو آهي، آخري اطلاعن تائين عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.

عورت جي تيزاب کان بچيل هٿ جا فنگر پرنٽ ورتا آهن: پوليس

سنجهورو: سنجهورو پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي تيزاب کان بچيل هڪ هٿ جا فنگر پرنٽ ورتا آهن، جيڪي سانگهڙ توڙي آءِ جي آفيس ڪراچي موڪليا آهن، پر اڃا تائين نادرا رڪارڊ ۾ سندس سڃاڻپ ظاهر نه پئي ٿئي، پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي،  پوليس موجب عورت جي جسم تي تيزاب هارڻ بعد کيس 3 گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، پوليس موجب لاش واري هنڌ تي گاڏي جي ٽائرن جا نشان مليا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته عورت کي گاڏي ۾ کڻي اچڻ بعد سم نالي وٽ قتل ڪري جسم تي تيزاب هاريو ويو آهي.

 

ساڳئي ڳوٺ ۾ ساڳئي مهيني ۾  2 سال اڳ ديا ڀيل  قتل ٿي

سنجهورو: ساڳي ڳوٺ ۾ 2 سال اڳ ديا ڀيل aوارو واقعو ٿيو هو، ديا ڀيل جي  بيرحماڻي قتل واقعي جي 2 سالن بعد ڊسمبر ۾ ساڳي ڊپٽي ڳوٺ ڀرسان هڪ ٻي عورت جو بيرحماڻو قتل ٿيو آهي، جنهن کي 3 گوليون هڻي قتل ڪڙڻ بعد تيزب هاريو ويو.