سنجهوري ڀرسان جوابدارن عورت کي تيزاب هارڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڊپٽي ڳوٺ وٽان ناري جو لاش هٿ آيو، پوليس موجب ناري جي جسم تي تيزاب هاريل آهي، گولين جا 2 خول به مليا آهن، واقعي واري هنڌ تي موٽرسائيڪل جي ٽائرن جا نشان آهن، شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته عورت کي جوابدار موٽرسائيڪل تي کڻي آيا ۽ تيزاب هارڻ بعد کيس قتل ڪيو، لاش اسپتال منتقل، عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.