سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ ۾ گهر جي سيوريج لاءِ ٺاهيل کوھ جي صفائي دوران 20 ورهين جو نوجوان فراز لغاري ولد لعل خان امونيا گيس ڀرجڻ ڪري ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو کيس بچائڻ لاءِ ويل 3 ڳوٺاڻا به بيهوش ٿي ويا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو ، ان حوالي سان واقعي بابت ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ سان تعلق رکندڙ يوسي چيئرمين سعيد لغاري جو چوڻ هو ته فوتي نوجوان فراز لغاري اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس جي ڪينٽين تي ملازمت ڪندو هو جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ ڳوٺ آيو هو ۽ ڳوٺ ۾ پنهنجي نئين ورتل گهر جي سوريج واري کوھ جي صفائي لاء پنهنجي 2 ڀائرن سان گڏ پاڻي ڪڍڻ واري موٽر لڳائي صفائي شروع ڪئي ۽ پاڻي ڪڍڻ بعد سندس ڀاءُ عرفان هيٺ گپ ۽ گندگاھ جي صفائي لاءِ کوھ جي هيٺ لٿو جنهن ٿوري کوٽائي ڪئي ته ڪافي سالن کان بند پيل کوھ ۾ امونيا گيس ڀرجي وئي ۽ سندس ڀاءُ عرفان بيهوش ٿي ويو جنهن کي ڪڍڻ لاءِ فوتي نوجوان فراز لغاري به هيٺ لٿو جيڪو پڻ بيهوش ٿي ويو تنهن کانپوء سندس سوٽ جبار به هيٺ لٿو ته اهو به بيهوش ٿي پيو جنهن بعد سندس ٽيون ڀاء گلشير لغاري چيلھ ۾ رسو ٻڌي هيٺ لٿو ۽ هن پنهنجي ڀاء فراز کي ڀاڪرن ۾ ڀريو پر امونيا گيس جي بدبوء گهڻي مقدار ۾ هجڻ سبب گلشير لغاري به بيهوش ٿي ويو ۽ بيهوش هجڻ ڪري فراز لغاري سندس گرفت مان نڪري کوھ جي گپ ۾ منهن ڀر وڃي ڪريو جنهن بعد گهروارن جي رڙين تي ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا ۽ کين بچائڻ لاء ڪوششن ۾ ٿوري دير ٿي وئي ۽ ڪجھ ٽائيم جي وقفي بعد ڳوٺاڻن 3 ڀائرن فراز لغاري ، عرفان لغاري ، گلشير لغاري ۽ سندن سوٽ جبار کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ۽ کين فوري طبي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتان کين سمس اسپتال شھدادپور ريفر ڪيو ويو، جتي نوجوان فراز لغاري دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته باقي 3 ڄڻن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي ، نوجوان فراز لغاري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.