سنجهورو: ڊپٽي ڳوٺ وٽان هٿ آيل ناري جي لاش واري واقعي ۾ اڳڀرائي

0
104
سنجهورو: ڊپٽي ڳوٺ وٽان هٿ آيل ناري جي لاش واري واقعي ۾ اڳڀرائي
سنجهورو: ڊپٽي ڳوٺ وٽان هٿ آيل ناري جي لاش واري واقعي ۾ اڳڀرائي

سنجهورو: ڊپٽي ڳوٺ وٽان سم نالي ڀرسان  تيزاب هاري ۽ گوليون هڻي قتل ڪيل ناري واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي، ناري جي لاش جي رحيم يار خان واسڻ 35ورهين جي نوشابه آرائين طور سڃاڻپ، سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻيوي سميت 3 ڄڻا گرفتار،ايس ايڇ او سنجهورو چيو ته  ناري جي قتل ۾ سندس ڀاءُ سلمان آرائين، ڀيڻيووعرفان آرائين ۽ سهولتڪار رفيق آرائين عرف پولو ملوث نڪتا.ڍ جوابدارن ناري کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، 5ڊسمبر تي ناري جي تشدد ٿيل، تيزاب هاريل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي،  ناري رحيم يار خان جي رهواسڻ آهي، واقعي واري هنڌ تان جيوفرانزڪ ذريعي 9 هزار فون نمبرز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي. 9هزار فون نمبر مان رحيم يار خان جي نمبرن کي ڌار ڪري جاچ ڪئي جنهن بعد جوابدارن جي نشاندهي ٿي،  جوابدارن کي نوابشاھ ريلوي اسٽيشن تان گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪي ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هئا.  سلمان آرائين موجب سندس ڀيڻ نوشابه3 شاديون ڪري طلاق ورتي هئي، جوابدار ناري کي نوابشاهه مائٽن وٽ گهمائڻ جي  بهاني وٺي آيا، هڪ هوٽل ۾ رهڻ بعد کيس ڊپٽي ڳوٺ ويجهو قتل ڪيو ويو.