سنجهورو (رپورٽ: انيس لغاري) تعليم کاتي جي اختيارين گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول 22 چڪ جي 2 استادن حافظ محمد احسن ۽ چندن لال کي اسڪول جي ٻارن سان بدفعلي ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، شهيد بينظير آباد جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن نصير احمد جوڳي ٻنهي استادن جي برطرفي جو آرڊر جاري ڪيو، ان کان پهريان ڊائريڪٽر ايجوڪيشن گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول 22 چڪ جي اسڪول جي ٻارن کي شراب پياري ساڻن جنسي زيادتي ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ 19 ڊسمبر تي شوڪاز ليٽر جاري ڪيو هو ۽ معاملي جي جاچ لاءِ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سانگهڙ جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي هئي، ڊائريڪٽر الزام هيٺ آيل ٻنهي ماسترن پاران شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏيڻ ۽ انڪوائري ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيڻ تي ٻنهي ماسترن کي سنڌ سروسز رولز 1973 تحت نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته سيڪنڊري اسڪول 22 چڪ جي نائين ڪلاس جي شاگرد ريحان آرائين سان ٿيل بدفعلي واري ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ماسترن جون اسڪولي شاگردن ريحان آرائين ۽ آصف آرائين سان شراب ۽ سگريٽ پيئڻ واريون ويڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ تعليم کاتي جي اختيارين معاملي جو نوٽيس وٺندي الزام هيٺ آيل استادن کي معطل ڪري انڪوائري ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي.