سنجهورو (رپورٽ: انيس لغاري) سنجهوري ويجهو ناري کي ڪارنهن الزام ۾ بيدردي سان قتل ڪرڻ جو انڪشاف، سندس مڙس، ڏير ۽ ڀاءُ سميت 7 سڃاتل ۽ ڪجهه نامعلوم جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، پوليس جا ڇاپا، ڪجهه شڪي گرفتار، خبر موجب ديھه 13 جمڙائو ۾ بيدردي سان قتل ڪيل 20 سالن جي پرڻيل ناري عظيـمان بگٽي جي قتل جي دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر سرڪاري مدعيت ۾ سب انسپيڪٽر عبدالله ڏاهري جي فرياد تي 7 سڃاتل ۽ ڪجھه نامعلوم جوابدارن خلاف کڏڙو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ مقتول ناري جي مڙس محمد عمر بگٽي،ڀاءُ سڄڻ بگٽي، ڏير دوست علي بگٽي، شاهه ڏنو بگٽي، حضور بخش بگٽي، شهمير بگٽي، واحد بخش بگٽي ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناري عظيمان بگٽي جي گهران نڪري وڃڻ تي سندس مڙس، ڀاءُ، ڏير ۽ چاچي مٿس ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجن ٻين مائٽن سان گڏ جسم جي ڇاتي کان مٿيون حصو، ٻانهون، منڍي ڪنهن تيز ڌار اوزار سان ڪٽي سندس منهن جي چمڙي لاهي کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش سرنهن جي فصل ۾ ٻوري ۾ بند ڪري لڪائي اڇلائي ڇڏيو، هوڏانهن پوليس ناري جي مڙس ۽ ڏير کي پهرين ڏينهن ئي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ڪالهه به ڪارروائي ڪري ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر پوليس انهن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي.
جوابدارن ناري کي قتل ڪري لاش ٻئي هنڌ ڦٽو ڪيو: پوليس
سنجهورو: ڪيس جي اڳڀرائي بابت ايس ايچ او کڏڙو چيو ته مقتول ناري کي سندس وارثن ۽ مائٽن ڪارنهن الزام هيٺ بيدردي سان قتل ڪيو، مقتول ناري کي ڪنهن ٻئي هنڌ ماري سندس لاش ديھه 13 جمڙائو ۾ زميندار مرتضيٰ جوڻيجو جي زمين ۾ ٻوري ۾ وجهي ڦٽو ڪيو ويو، لاش هٿ اچڻ واري جاءِ تي ڪو به رت جو نشان ناهي مليو، اسان علائقي جي جيئو فينسنگ به ڪرائي آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ناري جي منهن ۽ مٿي جي چمڙي لاهي ڄاڙي ۽ نڪ وڍيو ويو: پوسٽ مارٽم رپورٽ
سنجهورو: پوسٽ مارٽم کانپوءِ مقتول ناري جو لاش سندس ڀاءُ سڄڻ بگٽي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي تدفين مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي، پوسٽ مارٽم جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ناري کي ڪنهن تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري منهن ۽ مٿي جي چمڙي لاٿي وئي، ناري جون ڇاتيون ۽ ٻانهون پڻ ڪپيون ويون ۽ عورت جي نازڪ عضون تي پڻ تشدد ٿيل هو، جڏهن ته عورت جي ڄاڙي ۽ نڪ پڻ ڌار ڪيل آهن.
ناري کي قتل ڪري ڦڦڙ ۽ جگر ڪڍيا ويا، دل به پنهنجي جاءِ تي نه هو: ڊاڪٽر
سنجهورو: سنجهوري اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر غلام شبير شينا ٻڌايو ته ناري کي ايترو ته بيدردي سان قتل ڪيو ويو جو سندس ڦڦڙ ۽ جگر پڻ ڪڍيا ويا هئا، دل به پنهنجي جاءِ تي نه هو، جڏهن ته عورت جون ڪپيل ٻانهون به غائب آهن، رڳو ڍڍر اسپتال آندو ويو هو.