سنجهورو(ن پ ا) سنجهوري ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل ولي محمد عرف نديم جمالي جي وارثن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مقتول جي امڙ صغران جمالي، والد شاهه محمد جمالي، ڀاءُ علي محمد جمالي، ڀيڻ آسيه جمالي ۽ ٻين چيو ته سنجهورو پوليس ٻٽي قتل ۾ جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، هنن چيو ته اسان ڪراچي کان پنهنجي پٽ جو لاش کڻڻ لاءِ سنجهورو پهتاسين ته اسان جو نوجوان اس ۾ پيل هو ۽ اسان 4 ڪلاڪن تائين ٿاڻي آڏو ويٺا رهياسين، پر ايس ايچ او محمد علي زرداري اسان جي فرياد نه ورتي، نيٺ لاش خراب ٿيڻ واري ڊپ سبب اسان لاش کڻائي ڪراچي واپس آياسين، هنن چيو ته پوليس جوابدار ڌر جي ونگار وهندي سرڪاري مدعيت ۾ صرف هڪ ڄڻي بکر ڀنڊ تي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، مقتول نديم جمالي جي عيوضي ۾ ڀنڊن کي ڏنل سندس ڀيڻ آسيه جمالي جيڪا واقعي وقت گهر ۾ موجود هئي، ٻڌايو ته فجر جي ٽائيم تي گلاب ڀنڊ کي ڪهاڙي هٿ ۾ هئي هن پهريان پنهنجي ماءُ کي قتل ڪيو ۽ ان کانپوءِ بکر ڀنڊ ڪلاشننڪوف سان ڀاءُ مٿان برسٽ هلايو ۽ ٽيون ظريفو ڀنڊ هو جنهن جي هٿ ۾ پسٽل هو پر پوليس صرف هڪڙي بکر ڀنڊ کي ڪيس ۾ شامل ڪيو آهي، هنن چيو ته جوابدار ڌر جو تعلق بلوچستان سان آهي ۽ اصل ۾ ذات جا پهوڙ آهن ۽ بلوچستان ۾ به اهڙي قتل جون وارداتون ڪري سنجهوري ويجهو اچي ويٺا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته گلاب ڀنڊ ۽ ظريفو ڀنڊ کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.